سائل مهراڻ
سينيئر رڪن
وڌواهه، سائل مهراڻ
”رن تنا ڪهان تون گڏهه سنڀال ته هلي تڙ تي وارا ڪڍان“
گينو پنهنجي ننهن کي چوڻ لڳو، گينو جي وڌوا ننهن جيڪا اسر جو اٿي سهري سان گڏ ڪاٺيون ڪرڻ وئي هئي ان اڃان ناشتو ته ٺهيو پر پاڻي جو ڍڪ ڀرڻ لاءِ گهڙي جي ويجهو پهتي هئي ته سهري کٽ تان ماني کائيندي حڪم ڪيو ۽ ان پاڻي پيئڻ کان سواءِ گڏهه تي پخالون وجهي کوهه ڏانهن هلڻ لڳي. ائين وارا ڪڍڻ لاءِ گڏهن کي پاڃاري ۾ جوٽي رهي هئي ته سهرو به پهچي ويو ۽ هن کي60 پرهه جي سارڻ ۾ وارا ڪڍڻ لاءِ ورت جو ڇِهڙو گڏهن سان جوٽي ڏنائين ۽ هوء پهرين واري جي اُڪار سان ئي سال پوئتي جي يادن ۾ گم ٿي وئي جڏهن هن جو مڙس رات جو رازپي (رازو) جو ڪم ڪري واپس موٽي ايندو هو، هو ڪڏهن به گهر کان ٻاهر ڪانه نڪري هئي نه وارا ڪڍيا هئا نه ڪاٺيون ڪيون هيون پر قسمت ۾ هن لاءِ اهي سک لکيل ئي نه هئا شاه صاحب چواڻي ته:
”سرجيس ته سور، سامائي ته سک ويا
اهي ٻئي پور مون نماڻي نصيب ٿيا“
ائين هڪ رات جڏهن هو پنهنجي گهر کي ليپو ڏيڻ لاءِ مڙس سان کي ڇيڻو کڻڻ لاءِ ڍڳين جي وٿاڻ تي موڪليو ته رستي ۾ زهريلي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي اڃان ڇاڇرو کڻي پهتائي ڪين هئا ته هن دم ڏنو
”هو هو هو“کوهه تان گوسائي ڪوس ۾ هٿ وجهي رڙ ڪئي ته: هو رڙ سان گڏ حال ۾ واپس وري آهي ۽ خشڪ چپن سان هڪ گرم آه دل مان نڪري پئي ۽ اکين جا بند ڀڃي پيا لڙڪن جي قطار ڳلن کي آلا ڪندي پولڪي کي پسائي ڇڏيو.