عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
گلاب هڪ قسم جو نهايت خوبصورت گل، جنهن تان ئي هڪ رنگ جو نالو گلابي پيو آهي، ڏاڍي مٺي خوشبوءَ وارو آهي، فارسيءَ مان اهو گلاب نالي مان وڌيڪ مشهور ٿيو آهي، جو غلط آهي، گلاب آهي گل + آب، گل جو پاڻي نه ڪه گلاب جو گل. گل فقط گلاب جو گل ئي آهي، جنهن جو نالو فقط گل آهي. جڏهن ان گل مان پاڻي ڇڪي ڪڍيو ويو ته اهو ٿيو گلاب ۽ اهو پاڻي قبضيءَ لاءِ ڏاڍو اثر دار آهي، ان ڪري جنهن کي قبضي ٿي تنهن ئي کي پاڻي پيارڻ سان ان کي پيٽ ايندا هئا، يعني گل جي آب ۾ ’گ‘ بدلجي ’ج‘ ٿي گلاب مان جلاب ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته ان پاڻيءَ ۾ جلاب جو اثر هيو، حقيقت ۾ جلاب ڪا ٻي دوا ڪانهي، فقط گل + آب يا گل جو جل ئي جل + آب بڻيو، ان ڪري ان جو نالو ئي جلاب مشهور ٿي ويو، بعد ۾ جيڪا به ان قسم جي دوا ڏسڻ ۾ آئي ان جو نالو جلاب مشهور ٿي ويو، بعد ۾ اهو ئي گلاب جو جلاب يورپ ۾ پهتو پر عرب مان جلاب صورت ۾ (سنڌ) ڀارت ۾ به آيو، باوجود ان جي فارسيءَ ۾ يعني ايران ۾ اهو گلاب دستن جي دوا جي معنى جلاب صورت چالو آهي، هتي هنديءَ، مراٺيءَ، گجراتيءَ وغيره ۾ جلاب ، پر نيپاليءَ ۾ ’جلاف‘ يا جلاپ چئبو آهي، پر يورپ جي ٻولين ۾ اهو جيوليپ ته فرينچ ۽ اسپيئنش ۾ جيوليپ انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي `Honey in woods, juleps in brooks.
هڪ مڪسچر جنهن ۾ برانڊي يا وسڪي يا ديسي شراب ۾ کنڊ، ڪٽيل برف ۽ ٿورو ڦونو (اڄ جوهر ڦودني جو) ملائي پيئڻ کي به اتي منٽ جليپ چيو ويندو آهي. ان ڪري گلاب هڪ قسم جو گل نه پر گلاب جو پاڻي (عرق) معنى جلاب آهي، ان گلاب جي گل جي کنڊ گڏي معجون جيان مرڪب ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي گلقند چئبو آهي، جيڪو پيٽ جي تڪليف (سور وغيره) لاءِ اڪسير آهي، اگر گلاب فقط گل هجي ها ته ان گلقند کي به گلاب قند چيو وڃي ها، ۽ مزو اهو جو گلقند فقط گلاب جي گلن جو ئي ٺهندو آهي. ظاهر آهي ته گل معنى ئي گلابي يا گلاب جو گل آهي ۽ گلاب خود جلاب آهي، خود فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ گلاب ڪو نه چئبو آهي، فقط گل..