وشنو مل هون ته فاضل جي معنيٰ عالم، داناءَ، ڏاهو، اڪابر، علم، سمجهه، سرت ۽ بلند مقام رکندڙ پر ڪجهه ماڻهو پنهنجي بلند ڪردار جي ڪري پنهنجي نالي، سماج جي هالو چالو معنائن ۽ تشريحن کان تمام گهڻو بلندين تي کڻي ويندا آهن. جتي ماڻهو جي سمجهه جواب ڏيئي ڇڏي ته پوءِ صرف ڪنڌ لوڏڻ لازمي ٿي پوندو آهي. مثال طور جيئن ماءُ جو ڪردار، ماءُ جو پيار، ماءُ جي ممتا، ماءُ جو هيج، ماءُ جي وفاداري، ايئن هزار لفظ ۽ جملا ماءُ جي پيار جي مڪمل تشريح ڪرڻ کان لاچار آهن. يا جيئن لفظ بهادر، سورمو، جونجهار، شير، جرئتمند، ارڏو، اڻ موٽ پڻ سوين هزارين ڪتاب جي سمجهاڻي جي باوجود به هڪڙي ڏاڪي تي اهڙو سورمي جو ڪردار پئدا ٿو ٿئي جيڪو هالو چالو معنائن ۽ تشريحن کي ٻوڙي ۽ لَٽي ٿو ڇڏي. ايئن هن ڌرتي تي هزارين سائنسي ايجادن ۽ عظيم انسانن جو پئدا ٿيڻ پڻ موجود سماج ۽ حالتن تي وڄ بنجي ڪري ٿو. هزارين گوٿناٿن، ڏاڍ جبر ۽ انڪار جي باوجود سائنسي ايجادون ۽ عظيم انسان، انساني سوچ جا هالو چالو وهڪري کي ٻوڏن ۽ طوفانن وانگر ان جو رخ موڙي ٿا ڇڏين. سڄي انساني تاريخ اهڙين تبديلين سان پالوٽون ڪري رهي آهي. پر راهوڪي ۾ پئدا ٿيڻ وارو فاضل فضل به هو ته فضيلت پڻ. ماءُ به هو ته جونجهار پڻ. ماضي جي تاريخ جنهن جو بنياد وڌاءُ خيالي ڪاڪ محلن تي گهڻو آهي. پر اهو ئي سبب آهي جو ان ئي بنياد تي تحقيقون به ٿينديون رهيون آهن. ته نوان سورما، ارڏا، اڙٻنگ انسان پئدا به ٿيندا رهيا آهن، اها تبديلي به لڳاتار ٿيندي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي. اهوئي سبب آهي جو سائنس مطابق ڪابه شئي قطعي ۽ آخري نه آهي، علم به ائين آهي ته عمل به ائين آهي جنگ به ائين آهي ته هٿيار به ائين آهي. ڏاهپ به ائين آهي ته بهادري به ائين آهي، ايئن شيون هڪ ٻئي کي جنم ڏينديون تبديلي ۽ تخليق ڪنديون رهيون آهن، تان جو لکين سال گذرڻ باوجود ڄڻ اک ڇنڀ ۾ دنيا اونداهي مان روشني ۾ اڻ سڌريل سان سڌريل ۾ اڻ ڄاڻائي مان ڄاڻ ۾ ڇڙوڇڙ مان منظم ۾ ڪمزور مان طاقتور ۾ تبديل ٿي ويئي اهي. جيئن علم تخليق آهي بهادري ڪردار آهي، تيئن سائنسي ايجاد به تخليق آهي ۽ مثالي انسان پئدا ٿيڻ پڻ ڪردار آهي. انهن سمورن عملن، مظهرن ۽ لقائن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ تسلسل آهي. لائي ڪرگس کان دودي تائين، اسپارٽيڪس کان فاضل تائين. ڪوپرنيڪس کان نيوٽن تائين ارسطو کان آئن سٽائن تائين ۽ گليلو کان اسٽيفن هاڪينگ تائين هن ڌرتي جي لکين سرجن جي پنهنجي پنهنجي ڪائنات آهي ۽ انهن جو پنهنجو پنهنجو نظام آهي. ساڳئي حساب سان سڀني جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ تسلسل پڻ آهي جيئن هي ڪائنات لامحدود آهي، تيئن علم به لامحدود آهي، ته وري ڪردار به لامحدود آهن، اهو تسلسل ازل کان ابد تائين يا شروع کان آخر تائين جاري آهي ۽ جاري رهندو، اهو علم ڏاهپ تحقيق تخليق علمن ۽ ڪردارن جو درياءَ ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ پر سدائين پالوٽون ڪندو هن ڌرتيءَ کي سيراب سر سبز ۽ شاداب ڪندو رهندو. جيئن پليخانوف “تاريخ ۾ فرد جو ڪردار” ڪتاب لکي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني پئدا ڪئي پر پنهنجي جڳهه تي تمام وڏ و سوال کڙو ڪيو ته “تاريخ فرد ٿو ٺاهي يا فرد کي تاريخ ٿي ٺاهي” ان بحث ۾ کوڙ ماڻهن جون لکڻيون شامل آهن، پر اهي شيون لازم ۽ ملزوم آهن هڪ ٻئي سان گڏ آهن ۽ هڪ ٻئي کي جنم ڏينديون رهيون آهن. يعني ڪڏهن تاريخ فردن کي جنم ڏيئي ٿي ته وري ڪڏهن فرد تاريخ ٺاهين ٿا، اهو تسلسل ماءُ ۽ پيار وارو آهي، علم ۽ عمل وارو آهي ۽ تخليق ڪردار وارو آهي. اهو اڻ ٽٽ لاڳيتو ۽ لڳاتار آهي، سائنس مطابق ڪائنات جو ڪوبه مظهر لقاءَ يا ذرو، يا ڪردار جامد يا خاموش ناهي ۽ بظاهر هڪ ٻئي کان الڳ هوندي به هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل پڻ آهن، هر شيءِ مسلسل تحرڪ ۽ حرڪت ۾ آهي. ائين علم عمل تخليق ۽ ڪردار تحرڪ ۽ حرڪت ۾ آهن، مضبوط ۽ جٽادار به ان ڪري آهن جو متحرڪ ۽ تبديل ٿيندڙ آهن. ۽ هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيندا رهن ٿا. رات جو اونداهي ۾ فلڪ تي لکين ڪروڙين تارن جي روشني نظر ايندي سڀني جي پنهنجي پنهنجي رنگن واري روشني هوندي آهي، ڪا روشني سفيد هوندي، ته ڪا ڳاڙهي، ڪا پيلي هوندي ته ڪا بليو ڪا سائي هوندي ته ڪا گلابي. ته وري ڪا سيڪنڊن ۾ تبديل ٿيندڙ نظر ايندي. ان ڪري ئي تارن جي حسن کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن، ائين هن ڌرتيءَ جا هزارين اڻ ملهه عظيم ڪردار تارن جي جهرمٽ ۽ گلن جي گلدستي وانگر انساني دماغ کي سگهه ۽ حوصلو ڏيندا مروج سماج ۽ حالتن کي تبديل ڪندا رهيا آهن. سنڌ جو عظيم رهبر لطيف ان کي خوشبو چوي ٿو. “اچي آري ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس” ساڳي حساب سان فاضل به هڪ پنهنجي دؤر جو پنهون هو. جنهن جي پيچ جو وڻ پنڌ پيچرا موسمون هوائون ڏس ڏيئي حوصلو وڌائي رهيا آهن. جيئن لطيف چيو: “متان ڇوري ڇڏئين، پريتڻي پچار” فاضل سان پريت جي پچار ڪيئن ڇڏجي. يا ڪير ٿو ڇڏي سگهي؟ اهو ڪو اڻاسي ٿي سگهي ٿو. جيئن خوشبو، هوا ۽ روشني کي ختم ڪري نٿو سگهجي، تيئن عظيم انسانن سان ناتا رشتا ۽ پيچ وقت ۽ حالتن جي دز ۽ مٽيءَ کان ڪروڙ دفعا بلند هوندا آهن. انهن کي ليڊر شپ جي مست هاٿي واري مستيءَ جو حوس دولت ۽ اقتدار جو انڌ ڪڏهن به ميساري گم ڪري نٿو سگهي. فاضل پنهنجي دور جي ضرورت به هو ته فاضل نئين روايتن ماحول ۽ حالتن جي تخليق پڻ هو. فاضل کي صوفي شاهه عنايت جي ڇڏيل ذميواري هارين جي حقن ۽ ڌارين جي خلاف اڌ ۾ رهجي ويل جدوجهد جون ڪڙيون ڳنڍڻيون هيون ۽ ان رت جي ريج مان نئين زندگي نئون اتساهه ۽ حوصلو تخليق ڪرڻو هو. جيڪو نئين دور جي ضرورت هو ۽ نئين دور کي نئين جدوجهد جي سفر لاءِ ثمر يعني ڏڍ ڀرجهلو آڌار پڻ ميسر ڪري ڏيڻو هو. اڙين جو آڌار ٿي زنده رهڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. هڪ ته اهڙي زندگي ايندڙ زمانن لاءِ اتساهه ويساهه ۽ ڏڍ هوندي آهي. ٻيو ته پنهنجي مٽيءَ کي ڪيئن سجايو بي داغ ۽ مقدس بڻائجي. اها به پنهنجي وقت ۽ حالتن جي ضرورت هوندي آهي اهڙو سڄو عمل تاريخ طرفان ذميواري سونپيل يعني تاريخ طرفان ٺاهيل ڪردار به آهي. ته نئين تاريخ ٺاهڻ پڻ آهي. اهڙا انسان لازمي ۽ رلي پئدا ٿيندا آهن، اهي نه رڳو پنهنجي دور جا بلند مينار هوندا آهن. پر زمانن تائين نه لهندڙ سج پڻ هوندا آهن. جيڪي ڪردار مري مات ٿي نٿا سگهن. زمانن کي روشن ڪري جرڪائي ڇڏين ٿا. عوام جيڪو سسئي وانگر ڪمزور ۽ ڇڙ وڇڙ هوندو آهي ڪنهن ڏڍ ۽ سهاري لاءِ سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهوءَ وانگر هٿ پير هڻندو آهي. ان کي سهاري ۽ ڀرجهلي جي آسري زمانن کان ڦريو لٽيو ۽ بي سهارو بنايو ويو آهي. عوام کي سچي پچي سونهين، اڳواڻ ۽ واقف ڪردار جي ڳولها هوندي آهي. جيڪو هنن کي ڪجهه تڪليف ڳولها ۽ انتظار کان پوءِ ملي ويندو آهي. جيئن سسئي کي پنهون، سهڻي کي ميهار ۽ سنڌي عوام کي دودو دريا خان، شاهه عنايت، هوشو، هيمون، روپلو ۽ فاضل. فاضل جو ڪردار نه صرف هاري عوام جي حقن انهن کي وڏيرن جاگيردارن جي غلامي مان آزاد ڪرائڻ هو پر ان جو وڏو ڪردار ضياءَ جي قهري مارشل لا کي چئلينج ڪرڻ هو. هو ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي ۽ ٻين سوين هزارين اديبن شاعرن جو دوست ساٿي، پڳ مٽ يار پر ڀرجهلو ۽ ڏڍ به هو ته صدين کان ذهني جذباتي ۽ جسماني طور ماريل شڪارين، ڪولهين، ڀيلن ۽ مينگهواڙن لاءِ هٻڪار ۽ هير به هو. هر ڦريل ماريل ماڻهو فاضل جو دوست هو. اهو ذات جو ڪير هو ان سان فاضل جو رشتو نه هو. پر مظلوميت سان بي پناهه پيار هئس فاضل سچائي وفاداري، مظلوم سنڌي عوام ۽ سنڌ جو ديوانو عاشق ۽ منصور هو. هن ان عشق ۾ گهاري وجهڻ لاءِ زندگي جي خيرات نه گهري هئي. فاضل بار بار چوندو هو: “هونءَ به مري وڃبو پر سجايو ٿي مرڻ گهرجي. هزارين سالن کان ابا ڏاڍا مري ويا ڪنهن جو نالو نشان ئي ياد ناهي. ڪنهن مقصد لاءِ مري وڃڻ قيمتي آهي. سنڌي عوام ۽ سنڌ وطن کي ناقابلِ شڪست بنائڻ لاءِ اسان جي مٽي ڪم اچي ته خوشي ٿيندي”. هو ڪامريڊ مائوزي ٽنگ جو قول ورجائيندو هو ته موت ٻن قسمن جو آهي هڪڙو موت ڪک کان به هلڪڙو آهي ۽ ٻيو تائي جبل کان به ڳرو آهي. عوام لاءِ مرڻ جبل کان ڳرو موت آهي. ۽ عوام دشمنن لاءِ مرڻ ڪک کان به هلڪڙو موت آهي. فاضل جو پل پل ۽ قدم قدم ڄڻ مياڻي جو ميدان هو. هن آرام گهٽ ڪيو ڳالهايو صفا ٿورو پر وطن ۽ عوام جي نئين سر تعمير لاءِ مثالي ۽ اڻ مٽ ڪم ڪيا. سرن جون چوٽون کاڌيون ڪشالا ڪٽيا، هن جو هڪ هڪ پل نه رڳو سراسر اتساهه هو پر هزارين عوام جي زندگين جو ڀرجهلو ۽ سهارو پڻ هو. غريب عوام سان منهن موڙي ڳالهائڻ کي عيب ۽ گناهه سمجهندي سندن مينهن پاڻي، ٻوڏ طوفان ڏڪار، بيماري ۽ هر مشڪل ۾ مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. رڳو رسمي مدد نه پر پنهنجو اولين فرض سمجهي دلي سڪون حاصل ڪندو هو. هو ٺهيل ئي اهڙي مٽي مان هو جيڪا مٽي وطن ۽ غريب عوام جي سرخ پاڻي مان ڳوهيل هئي. جيڪا مٽي زماني ساز نه هئي جيڪا زماني جي لذتن، مزن، پئسي اقتدار جي حوس ۽ رنگين راتين جي فريبي گند ڪچري کان پاڪ صاف هئي. جنهن پنهنجي زندگي جي هڪ هڪ پل ۾ سوچي لوچي ڪڙهي ٻري اندر ۾ ڪاوڙ جا کورا ٻاري ناممڪن کي ممڪن ۽ هر ڏاڍ جبر ۽ وحشي پڻي کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو. ضياءَ جي قهري مارشل لا هجي يا وڏيرن پيرن، ميرن، نوابن جو غرور تڪبر ۽ اڊمبر فاضل سنڌ ڌرتي جي هر ماورا طاقت جي جبل سان پاڻ کي ٽڪرائي ان کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ لاءِ سرن جون چوٽون کاڌيون. مفڪر لطيف جي ان چوڻ کي پڌري پٽ ظاهر ڪري ڏيکاريو ته “آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين” اهڙي اونداهي جي طاقت فاضل جي اڳيان ماڪ جو ڏونگر ثابت ٿي. فاضل هڪ وهڪرو هو جيڪو هر ڏکيائي پيچدگي ۽ مشڪل مان پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو هو. جنهن جي سنڌ وطن ۽ غريب عوام سان وفاداري جي ڪردار جي وهڪري نه ته ايوب، يحيٰ ۽ ضياء جو قهر روڪي سگهيو نه آمريڪا ۽ برطانيا جون تيل ڪمپنيون ۽ نه ئي مير، پير، وڏيرا ۽ جاگيردار. سڀني جي مجبوري ٿي پئي ته فاصل سان ٺهي هلن يا کيس رڪاوٽ نه وجهن ۽ کيس رستو ڏين. سندس آواز ۾ ڏيا هئي. سندس آواز ظالم لاءِ ڏهڪاءُ هو غريب لاءِ ويڄ ۽ مرهم هو. هي سهڻي هئي. جيڪا پنهنجي وطن ۽ غريب عوام کي ٻوڙڻ لاءِ ايندڙ شيطاني طاقتن جي درياءَ ۾ ڪچي گهڙي سان ٽپو ڏئي چئلينج ڪندو هو. جنهن جي من ۾ رات ڏينهن پنهنجي وطن جو غريب ميهار هو. هو دريائن طوفانن ڇولين ۽ گج گاهن کان دهليو ڪونه هو، بهر بلائن ۽ آفتن مانگر مڇن کان خوفزده نه ٿيو. هن کي زماني جي فتويٰ باز ملن، پنڊتن، پادرين جي ڪوڙ تي ٺهيل ٺٺ ڏانگر ۽ فتوائن جون تلوارون تر لاءِ ماٺو نه ڪري سگهيون. هو طوفان هو جنهن سماج جي غريب عوام جي ويري روب ۽ دٻدٻي کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو. هو برسات هو جيڪا جڏهن وسندي آهي. ته سڪي ٺوٺ ٿي ويل زمين مان طرح طرح جي خوشبو هٻڪار ۽ بهار اچڻ شروع ٿي ويندي آهي. هر وڻ ٽڻ سائون سيال مکڻي، ڄارين لين لاڙن کي سائو چهچ تازو توانو، چمڪندڙ ٻهڪندڙ بنائي غريب عوام جي ڌرتي کي سائو ويس پهرائي ڇڏيندي آهي. هو وڻجارو هو جيڪو غريب ماروئڙن کي سرسبز ۽ شاداب بنائڻ لاءِ اتر جي هير ۾ به سمنڊ جي سفر لاءِ نڪري پوندو هو جنهن لاءِ لطيف چيو: “سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا، ڇلڙ جي چوئين، تن سانگوٽا ۽ ستيون” هو جرئتن همتن ۽ حوصلن ۽ سرفروشين ۽ اڙانگي سفر جا جهاز ڀري وطن واسين لاءِ کڻي آيو. سندن ڇپر ۽ ڇانوَ ڀر جهلو ۽ ڏڍ ٿي زندگي گذاري زندگي جي عظمت تي پهتو. اهڙي زندگي ڌرتي ۽ غريب هارين، نارين ۽ بيواهن جو فرض ادا ڪري قرض لاهي ٿي. اهڙي زندگي هيرن، جواهرن ۽ موتين جي ملهه کان مٿي ۽ بلند هوندي آهي. اونداهيءَ ۾ سوجهرو اڙين جي آڌار برسات جو پهريون وسڪارو ۽ هوا جو پهريون جهوٽو پڻ هوندي آهي. جنهن ۾ سگهه آهي نئون انسان تعمير ڪرڻ جي ۽ زمانا بدلائڻ جي اهو فاضل راهو ئي هيو !
قومي عوامي تحريڪ جو اڳوڻي ميمبر وشنو مل تمام بهترين ڀيٽا ڏني آهي سنڌ جي اعظيم ليڊر شهيد عوام فاضل راهو کي........ فاضل راهو پنهنجي دور جي باضمير ۽ همٿ وارو ليڊر هو سندس تحريڪ کي جاري رکندڙ محترم رسول بخش پليجو به بهترين جاکوڙ ڪئي.. پر حال ۾ سندن پوڙهيو ڪئين ٿو لڻجي اياز لطيف جي صورت ۾ سامهون آهي. شل انهيءَ جدوجهد جو ٻوٽو ٻرندو رهي