يوسف شاهين فيروز تغلق، بنگال فتح ڪرڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ ڏهه سال بعد، 1316ع ۾ سنڌ تي هلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن جا پوڻا ٻه لک تغلق فوجي، گهوڙي سوار ۽ پيادا سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳا. ان کان علاوه 480 جنگي هاٿي، هزارين ٻيڙيون، مال خزانو، هٿيار پنهوار ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان به پاڻ سان کڻي آيا. ”دهليءَ مان نڪرڻ کان اڳ بادشاهه فيروز تغلق مختلف درگاهن ۽ مزارن تي به ويو. هن سنڌ تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهريون ۽ باسون باسيون (تاريخ فيروز شاهي، صفحو 140.)“ نيٺ 1361ع ۾ تغلقي فوجون وڏي دٻدٻي ۽ ڏهڪاءُ سان، سنڌ جي مرڪزي شهر ٺٽي پهتيون. جڏهن سنڌين کي تغلقي فوجن جي اچڻ جي خبر پئي ته هو سڀ اُڀا ٿي ويا. لڳ ڀڳ پنجيتاليهه هزار جوان، سينو ساهي، تلوارون مياڻ مان ڪڍي، ميدان تي لهي آيا. سڄي سنڌ ۾ عيد جو سماءُ هجي. هي سنڌ جي آزادي بچائڻ جو اهم ترين ڏينهن هو. تغلق جو تاريخ نويس سراج عغيف تاريخ فيروز شاهي ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌي هر وقت جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. هنن جا مرد ڏاڍا جنگجو ۽ بهادر هئا. هنن جو هر مرد قوت جي اعتبار کان رستم زمان هو. سنڌين جي بي مثال بهادريءَ جا قصا سڄي دنيا ۾ مشهور هئا. سنڌي مائرن، ڀينرن، ڌيئرن کلي خوش ٿي. ڏاڍي پاٻوهه مان جوڌن جوانن کي موڪلاڻي ڏني ۽ تنبيهه ڪئي ته ”ڌرتيءَ جي لڄ جي پارت اَٿَوَ“. نيٺ جنگ جو نغارو وڳو، تغلقي ۽ سنڌي فوجون سامهون ٿيون. لوهي لڱن وارا سنڌي سورما سڀ لاڳاپا لاهي تغلقن مٿان ڌوڪي پيا. هنن جون تلوارون وڄ وانگيان وسڻ لڳيون. سنڌين جنگ ڪرڻ جا ڪيترائي حيران ڪندڙ طريقا اختيار ڪيا. سنڌي فوجن پهرين ئي ڌڪ ۾ تغلقن جي هٿيارن ۽ اناج جي ذخيرن تي قبضو ڪري انهن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو. اهڙي طرح هندستان طاقتور ترين فوج ۾ ڏار پئجي ويا. اناج جا ذخيرا ختم ٿي وڃڻ سبب فيروز تغلق جي فوجن ۾ ڏڪار پئجي ويو ۽ هو بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳيون، سنڌي فوجن تغلقن جي سپلاءِ لائين ٽوڙي، رسد جا سڀ گهٽ ۽ رستا به بند ڪري ڇڏيا.سنڌي فوجن جا حملا تيز ٿيندا ويا. سڄو جنگ جو ميدان، تغلقي فوجن جي لاشن سان سٿبو ويو. بادشاهه فيروز سوچي به نٿي سگهيو ته هندستان جي ايڏي وڏي طاقتور فوج کي سنڌي اهڙي بهادريءَ سان ماري وجھندا. نيٺ فيروز تغلق جنگ هارائي ويو. هن جي لشڪر مان (90) هزار کان وڌيڪ فوجي موت جي منهن ۾ هليا ويا. هن جو شاهي خزانو، هٿيار پنوهار، سوين هاٿي ۽ ٻيو سامان به سنڌين جي قبضي ۾ هيٺ آيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي سامهون سنڌ سيڪريٽريٽ جي هڪ وڏي بلڊنگ جو نالو ”تغلق هائوس“ آهي. اسان سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي. جيڪس اها پڙهيل هجي ها ته اڄ ان بلڊنگ جو نالو ”ڄام فيروز هائوس“ رکون ها، جنهن تغلقن کي سنڌ مان ڀڄايو، نتيجي طور سنڌ، هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ بڻجي ويئي. (ڪتاب ”شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر“ تان ورتل)
اسان سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي.........اهيو اوهان سچ چيو آهي ادا پر افسوس جو عالم ته هٿن سان ڄاڻي واڻي ته ڪو به تاريخي ڪتاب نٿا پڙهي پر درسي ڪتابن مان به سنڌ جي تاريخ جا مثال مٽجندي پيا وڃن..يا ته شايع ئي نٿا ڪيا وڃن