گوسڙو استاد قومي غدار آهن

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    نازنين علي حسن چانڊيو
    ٻار هر سماج جا معمار هوندا آهن. استاد هن معمارن جي تعليم ۽ تربيت جا ذميوار هوندا آهن. اسان ترقي پسندن جو مطالبو هوندو هو ته استاد جي پگهار هڪ تولي سون جي برابر هئڻ کپي. ڇو جو استاد جي پگهار سٺي هوندي ته هو معاشي پريشاني جو شڪار ڪو نه ٿيندو ۽ ٻارن ڏانهن ڌيان ڏئي سندس تربيت ڪري سگهندو. هينئر صورتحال هي آهي ته سينئر استادن جي پگهار پنجاهه هزارن کان به مٿي آهي. منهنجي ڳوٺ ۾ استادن جي پگهارن جو اسڪيل ٻڌي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته ايترين پگهارن جي باوجود ماستر اسڪول نٿا وڃن! ڳوٺن جا وڏا پڪا پوڙها ماڻهو جيڪي پنج درجا پڙهيل آهن هو سنڌي اخبار پڙهي ويندا آهن. صبح سوير اخبارن جي لاءِ هوٽلن ۽ دڪانن تي وڃي اخبار پڙهندا آهن، سياست ۽ سماج تي ڳالهائيندا آهن، جن جي ابتڙ نئين نسل جي ميٽرڪ پاس شاگردن کي سنڌي پڙهڻ نه ايندي آهي، حساب ڪتاب نه ڪري سگهندا آهن سماج ۽ سياست سان ڪو واسطو ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان جي سماج ۾ خرابيون پيدا ٿيون آهن.

    ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ اسان جي تعليمي ڪانفرنس ٿي گذري آهي، هن ڪانفرنس ۾ سنڌ مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ وارا اهي ماڻهو شريڪ ٿيا، جيڪي روزگار جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن. هنن کي سنڌ جي تعليم جي ڳڻتي هئي. هن ڪانفرنس ۾ طئي ٿيو ته بند پيل اسڪول کولرايا وڃن، اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي. ڇا نئون اسڪول کولڻ يا اپ گريڊ ڪرڻ اسان جو تعليمي معيار بهتر ٿي ويندو؟ اسان جو تعليمي سسٽم حد کان وڌيڪ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو آهي. استاد کان وٺي آفيسر سڀ ڪرپٽ ٿي ويا آهن. استاد جنهن تي سماج جي معمارن جي تربيت ۽ تعليم جي ذميواري آهي ۽ هن ڪم جو معاوضو وٺندا آهن، پر هو پنهنجي ذميواري پوري نٿا ڪن (هڪ سروي موجب حڪومت تعليم تي ساليانو 190 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي، جنهن سان 110 ارب تائين استادن جي پگهارن تي خرچ اچي ٿو) پر افسوس استاد اسڪول وڃڻ جي لاءِ تيار نه آهن. سڀ استاد يا ڪنهن سياسي پارٽي سان تعلق رکندا آهن يا ڪنهن استاد تنظيمن جو حصو آهن. سياسي بنيادن تي ڀرتيون ٿيون آهن، جنهن جي زور تي هو اسڪول جون ذميواريون پوريون نه ڪندا آهن. هڪ رپورٽ مطابق گوسڙو استاد پ ٽ الف جا به عهديدار آهن. 110 عهديدارن مان 70 اڳواڻ ڪڏهن به اسڪول نه ويا آهن. هر عهديدار جي معرفت 5 کان 10 ماستر گهر ويهي پگهار وٺندا آهن.

    استادن جي تظيم يا ڪنهن سماجي سياسي تنظيم هن مسئلي تي ڪو احتجاج ڪيو آهي. هن مسئلي تي سماجي ۽ ادبي تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آهن. گوسڙو استادن کي پنهنجي پارٽين ۾ لڪائي ويٺيون آهن. سچ ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن. سڄي دنيا ۾ سڀ کان عزت دار پيشو استاد جو آهي پر اسان جي سماج ۾ استاد جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ معزز پيشو سنڌ ۾ تماشو بڻيل آهي. اسان کي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ تعليم جي تباهي جي خلاف جهاد ڪرڻ کپي، نون اسڪولن جي قيام سان گڏوگڏ گوسڙو استادن خلاف فوري قدم کڻڻ کپي. ڪاپي ڪلچر ۽ تعليمي بورڊن جي ٺيڪيدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ کپي. ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اسڪولن جي انگ ۾ واڌارو ڪرڻ سان تعليم، بهتر ڪو نه ٿيندي، معيار سان تعليم جي تناسب ۾ اضافو ٿيندو. تعليم بچايو، سنڌ بچايو واري نعري هيٺ گوسڙو استادن کي ڊيوٽي جو پابند ڪرڻ گهرجي. تعليمي ادارن ۾ٿيندڙ منفي سرگرمين کي ختم ڪرڻ کپي. ايندڙ سنڌي نسلن کي بچائڻ لاءِ گوسڙو استادن کي قومي غدار تصور ڪرڻ کپي ۽ هنن جا رستا روڪيا وڃن. هينئر استادن ۽ آفيسرن جي ضميرن کي جاڳائڻ جي ضرورت آهي، جيستائين سچائي ۽ ايمانداري نه هوندي اسان جي تعليمي معيار ۾ تبديلي نه ايندي. تعليمي معيار ۾ تبديلي ايندي تڏهن اسان جي سماج ۾ تبديلي ايندي. جيئن نيلسن منڊيلا چيو آهي ته: ”تعليم سڀ کان وڌيڪ طاقتور هٿيار آهي، جنهن سان دنيا تبديل ٿي سگهي ٿي.“ آخر ۾ اسان اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي ميڊيا، سياسي اڳواڻ، قوم پرست نوجوانن کي ته خدارا سنڌ جي تعليم بچائڻ لاءِ عملي طور تي ڪم ڪن. پنهنجي پنهنجي پارٽي ۾ لڪل گوسڙو استادن کي ظاهر ڪن. ميڊيا وارا هنن جي خلاف مهم هلائن. نه ته ايئن نه ٿئي جو اسان جي سماج جو اڳتي وڌڻ ناممڪن ٿي وڃي.

    (عوامي آواز جي ٿورن سان)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو