بدامني ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    شاهد علي راڄپر
    گذريل تقريبن ڇهن ستن سالن کان سنڌ انتھائي مشڪل دور مان گذري رهي آهي، سنڌ ۾ بد امني گھر ڪري وئي آهي ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين ڪو به علائقو محفوظ نه آهي، ڪٿي ڌاڙيلن جا ڌڙا آهن، ته ڪٿي دهشت گردي جو راڄ، ڪٿي چورن تر تپايو آهي، ته ڪٿي ڀوتارن جو ڀـئـو، ڪٿي ڪٿي ته خود قانون جا رکوالا به سنسان رستن تي آيلن کان پاڻ ئي ڦرون ڪري ٿا وڃن، ڪجھ ڏينهن اڳ جي حقيقت آهي ته ٺاروشاھ نوشھرو فيروز لنڪ روڊ تي ٺاروشاھ کان هڪ نوجوان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيو هئو ته رستي تي بيٺل ڪارن ڪپڙن سان ڪجھ ماڻهن ان کي بيھڻ جو اشارو ڏنو، نوجوان ڦورو سمجھي اتان ڀڄڻ ئي مناسب سمجھيو، سو ڪجھه سيکڙاٽ هجڻ سبب ان جي خواهش اڌوري رهجي وئي ۽ انهن ٽن ڪارن ڪپڙن وارن هٿيار بندن نوجوان کي سٽ پنڌ تي ئي پنهنجي موٽرسائيڪل ڀڄائي نوجوان کي سوگھو ڪري ورتو، ته ڪجھ ڳوٺاڻا ۽ واٽھڙو به اچي پھتا، جيڪي نوجوان جي مدد لاء اچي پڳا، جڏهن ويجھا پهتا ته ٽئي ڄڻا پوليس اهلڪار هئا، ۽ انهن پوليس اهلڪارن کي ٺاروشاھ ٿاڻي تي ايترو ٽائم ٿيو آهي، جو ڄڻ هنن ڪو ٺاروشاھ جو ٿاڻو ٺـيـڪي ۾ کڻي ڇڏيو آھي، آفيسر بدلي ٿيو وڃن پر هي اهلڪار اتي جو اتي سڪ ، ڄڻ ته ڪو ايلفي لڳي وين، خير هاڻي ان ٽه مورتي مان هڪ جي بدلي ٿي وئي آهي باقي جوڙو قائم آهي، پر سلام آهي ضلعي جي بالا آفيسرن، تعلقي جي ۽ حد جي آفيسر کي جيڪي پنهنجي ئي کاتي ۾ لڪل ڪارين رڍن تي ڪنٽرول نه ٿا ڪن ۽ انهن کي سالن جا هڪ ئي علائقي ۾ ويهاري ٿا ڇڏن، ڳوٺاڻن ۽ واٽهڙن نوجوان جي ته جان آجي ڪرائي، پر ڪيترائي ماڻهو هوندا جيڪي شڪار ٿي چڪا هوندا، هنن پوليس اهلڪارن جو ستارو يا کڻي ڀاڳ چئجي، جو جيڪو به نئون صوبيدار ايندو آهي ته هنن جو ڄڻ ته ڪو مريد ٿي ويندو آهي، جو هنن کي ڪا به سخت ڊيوٽي نه وٺندو، ۽ هي ڄڻ ڪي حد جا آفيسر هوندا، هي ته هڪ ننڍو علائقو آهي پر سنڌ جي ٻين علائقن سان ڪهڙو ويل هوندو ؟ ، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهڙا اهلڪار ضلعي آفيسن ۾ رشوت ڏئي، پنهنجيون بدليون روڪرائي ٿا ڇڏين، جڏهن ته اهڙن اهلڪارن جا ڏوهارين سان پڻ ويجھا واسطه آهن، جيڪي تر تپايون ويٺا آهن، اگر اهڙيو ئي ڪاريون رڍون جن جن علائقن ۾ هونديون ، ته اتي ڪهڙو امن ٿيندو، اگر پوليس آفيسر اهڙين ڪارين رڍن تي ڪنٽرول آڻين، ۽ علائقن جا ايم پي ايز، ۽ ايم اين ايز اک پٽن ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪو ڏوھ يا واردات نه ٿئي، ان لاء پهرين ڪرپشن تي ضابطو اندو وڃي، ڇو ته ڪرپشن ته سنڌ کي وڻ ويڙھيءَ جيان وڪوڙي وئي آهي، سنڌ جو ڪو اهڙو کاتو نه آهي ، جنهن ۾ ڪرپشن نه هجي، صحت ، تعليم، ترقياتي رٿائن جو کاتو، اينٽي ڪرپشن ۾ ڪرپشن، جيڪي به انساني بنيادي سهولتن جا کاتا آهن، مڙني ۾ ڪرشن آهي، جنهن کي جتان اچي ٿو، سو بسم الله ڪيون ويٺو آهي، روڊ رستا تباھ ٿي رهيا آهن، تعليم پوئتي پئجي رهي آهي، اسپتالن ۾ اصل دوائن عيوض، جعلي ۽ سستيون دوائون، سي به سفارش عيوض، مهانگيون آيل سرڪاري دوائون، ڊاڪٽر پنهنجن پرائيويٽ اسٽورن ۽ ڪلينڪن تي آڻي عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، پر ڊاڪٽرن کان ڪو به پڇڻ وارو نه آهي، جڏهن ته يا وري ڪميشن عيوض ڊاڪٽر اهي دوائون پرچين تي لکي ڏيندا، جيڪي ڪمپنيون ڊاڪٽرن کي مرائتيون ڏينديون آهن،جن ۾ ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر، فرجون ، ايسيون، ۽ ٻيون سهولتون آهن، ڀلي مريض وٽ کائڻ لاءَ گھر ۾ اٽو نه هجي، پر دوا ته وٺڻي آهي، ڇو ته جان آهي ته جھان آهي، پوء ڀلي ان غريب کي ڇونه وياج تي پيئسا وٺڻا پون، پر ڊاڪٽر پنهنجي ڪميشن واري دوا ضرور وٺرائيدا، ڇو ته مريض وٽ ان کان سواءَ ڪو چارو نه هوندو آهي، مطلب ته سنڌ ۾ اهڙو ڪو کاتو نه آهي جنهن ۾ ڪرپشن نه هجي، سنڌ حڪومت هن وقت تائين ڪو به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي، يا عمل نه ڪيو آهي جو کڻي چئجي ته هي سنڌ حڪومت اطمينان بخش ڪيو آهي،

    جڏهن ته سنڌ حڪومت ۾ اهڙا نمائندا اچي ويا آهن، جيڪي ڪو به ڪم ڪرڻ بجاء رڳو هڪ ٻئي تي الزام، هڻڻ ۾ مصروف آهن، رڳو بهتان بازي ۽ الزام تراشي ۾ هٿ سان وقت وڃايو پيو وڃي، جڏهم ته ڪو به ڪامورو نيڪ نيتي سان پنهنجن فرضن جي ادائگي نه ٿو ڪري، هن دور ۾ نه ڪو ڪا وفاقي حڪومت ترقياتي پيڪيج ڏئي رهي آهي، نه ئي سنڌ حڪومت ڪو ساراھ جوڳو ڪم ڪيو آهي، اهڙي حالت ۾ سنڌ جو عوام ڪيڏاهن وڃي، ڪير سنڌ جي عوام جي داد رسائي ڪندو،؟، آخر سنڌ جو عوام ڪهڙو در کڙڪائي ، اگر اهڙو ئي حشر جاري رهيو، ته ڪٿي پاڪستان جي ٻين صوبن جيان سنڌ به نه پاڪستان پيپلز پارٽي کان باغي ٿي وڃي، ان لاءَ سنڌ حڪومت کي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي گھرجي ته تڪڙا اهڙا اپاءُ وٺي، جن سان سنڌ ۾ امن قائم ٿئي ، ۽ ڪرپشن جون پاڙون پٽجي وڃن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو