• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڪئلينڊر منظرعام تي ڇو نه اچي سگهيو آهي؟

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
السلام عليڪم سنڌ سلامت جا ساٿيو.....

ڪافي عرصي کانپوءِ اڄ سنڌ سلامت جو ڀيرو ڀريم ان جي لاءِ به اوهان دوستن کان معافي جو طلبگار آهيان... وقت جي تنگي ۽ سرڪار جي غلامي ۾ ڪافي سارو وقت گذريو وڃي....... پراڻا سنڌ سلامت جا ساٿي مون کي سنڌ سلامت تي نه اچڻ تي به تنبيهه ڪندا رهندا آهن.. مان انهن جو به شڪر گذار آهيان... اڄ دراصل منهنجي آفيس ۾ هڪ دوست 2015 سال جو ڪئيلنڊر کڻي آيو... جيئن جو منهنجي ڪئلينڊر تي نظر پئي، منهنجي دل ۽ دماغ تي هڪدم سنڌ سلامت جو ڪئلينڊر اچي ويو.... سنڌ سلامت جي انتظاميا پهريان 3 سال ڪئلينڊر پبلش ڪرايو هئو.. تقريبا 2013 کان 2015 تائين ڪوبه ڪئيلنڊر سنڌ سلامت جي پاران منظر عام تي نه اچي سگهيو آهي...انهي جي ڪهڙي وجه جو اهو سلسلو ٻن ٽن سالن کان رڪجي ويو آهي... مان انتظاميا کان پڇڻ جو مجاز ته ناهيان پر سنڌ سلامت جي حقير رڪن حيثيت سان وري به هي تحرير لکي رهيو آهيان اميد ٿو ڪيان ته سنڌ سلامت جي انتظاميا منهنجي هن تحرير تي بجاءِ تنقيد يا غصي ڪرڻ جي منهنجي همٿ افزائي ڪندي... مان سنڌ سلامت جي انتظاميا کي عرض ڪندس ته مهرباني ڪري انهي سلسلي کي گڏجي ٻيهر شروع ڪجي. ته جيئن سنڌ سلامت جو ڪئيلنڊر سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ڪري سنڌي سٻاجهڙن جي رهنمائي ڪري سگهي....
 
منهنجا ڀاء ان ۾ اسان جي ئي ڍرائي آهي ..... ڪيلينڊر تي هن سال به ڪم ٿيو ۽ ڪيلينڊر ڊزائن به ٿي ويو. هن دفعي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2015 جو ٽائيٽل سنڌ جا ماڳ مقام آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي دوست ابو واصف تمام سٺي ڊزائن به تيار ڪري ورتي، پر وري سوچيوسين ته ڪٿي دوست مدد ڪندي پريشان نه ٿين، تنهنڪري ان ڪم کي فائنل ناهي ڪيو.

هڪ هزار ڪيلينڊر جو خرچ لڳ ڀڳ 15 هزار جي ٿيندو، مطلب 15 روپيه في ڪيلينڊر، پر ڇا ڪيلينڊر جي افاديت اڃان ساڳي آ؟ ڇا ڪيلينڊر ڇپائجي؟ اهي سوال اوهان دوستن اڳيان ڇڏجن ٿا.

دوست فائنل ڪن ۽ مدد ڪن (في ڪيلينڊر جي حساب سان فنڊ ڏئي مدد ڪن اوتريون ڪاپيون کين فراهم ڪبيون) ته ڪيلينڊر هڪ هفتي اندر ڇپجي ويندو.

35ivm0i.jpg
 
ادا 50 ڪئلينڊر منهنجي لاءِ ۽ ٻيو عرض ته ابو واصف جن صلاح ۽ عرض ته اگر ممڪن هجي ته اسلامي تاريخ به هن ۾ شامل ڪندا ته ڏاڍو بهتر!
 
منهنجا ڀاء ان ۾ اسان جي ئي ڍرائي آهي ..... ڪيلينڊر تي هن سال به ڪم ٿيو ۽ ڪيلينڊر ڊزائن به ٿي ويو. هن دفعي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2015 جو ٽائيٽل سنڌ جا ماڳ مقام آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي دوست ابو واصف تمام سٺي ڊزائن به تيار ڪري ورتي، پر وري سوچيوسين ته ڪٿي دوست مدد ڪندي پريشان نه ٿين، تنهنڪري ان ڪم کي فائنل ناهي ڪيو.

هڪ هزار ڪيلينڊر جو خرچ لڳ ڀڳ 15 هزار جي ٿيندو، مطلب 15 روپيه في ڪيلينڊر، پر ڇا ڪيلينڊر جي افاديت اڃان ساڳي آ؟ ڇا ڪيلينڊر ڇپائجي؟ اهي سوال اوهان دوستن اڳيان ڇڏجن ٿا.

دوست فائنل ڪن ۽ مدد ڪن (في ڪيلينڊر جي حساب سان فنڊ ڏئي مدد ڪن اوتريون ڪاپيون کين فراهم ڪبيون) ته ڪيلينڊر هڪ هفتي اندر ڇپجي ويندو.

35ivm0i.jpg
ڪشمور جو گڊو بئراج ڏئي ڇڏجو
 
ادا سليمان وساڻ صاحب، اوهان جي تحرير پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ دل پڻ باغ بهار ٿي پئي جنهن وقت سنڌ سلامت جي ڪيلينڊر تي نظر پئي...... ادا سائين ڪيلينڊر جي ڍرائي جي جيڪڏهن وجه سنگت جو سهڪار هيو ته انتطاميا اسان مسڪينن کي ڇو ويساري ڇڏيو..... ڇا پراڻو سمجهي ناڪارا ڪري سنڌ سلامت ۽ دوستي کان اسان کي آجيو ڪري ڇڏيو اٿو ڇا؟ ڪاش انتطاميا مون مسڪين سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ته ڪري هانءَ ...... بالخصوص مان پنهنجي پرين پياري دوست ۽ ڀاءَ ادا عبدالرشيد سمون، جيڪو سنڌ سلامت جو وڏو مُکُ آهي انهي سان شڪايت ڪندس جن اسان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو....... ۽ اسان سان ڪابه صلاح نه ڪئي اٿس....

بحراحال مون مسڪين جي طرف کان 1000 روپين جو تحفو انهي سلسلي ۾ ڳڻايو وڃي....
 
سائين هڪ سنڌي سال جا به مهينه ٿيندا آهن، اهي به شامل ڪيو هن ڪيلينڊر ۾
انهي سلسلي ۾ محترم ابو واصف جن تسلي ڏني آهي ته اسلامي مهينا به ان ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ ادا سليمان وساڻ جن کي عرض ته ڪجھ دوستن حامي ڀري آهي باقي انهي لاءِهڪ الڳ موضوع جوڙي دوستن سان رجوع ڪيو وڃي اميد ته ڪافي دوست سهڪار ڪندا
 
ڪجهه ٻين دوستن به ذاتي پيغام ۾ رقم موڪلڻ جو چيو آهي ..... هاڻ ذيشان رشيد کي گهرجي ته خاموشي ٽوڙي ڪو اعلان ڪري وجهي .... مان سمجهان ٿو هن دفعي دوست عرس پريو کي ذميواري ڏجي.

مونسان مسئلو اهو درپيش ٿيو آهي ته منهنجي ٽرانسفر ٿي آهي، نئين جڳهه، نئون ڊپارٽمينٽ ۽ ڪم به بلڪل نئون ... تنهنڪري دوستن کي، سنڌ سلامت کي به وقت گهٽ پيا ڏيون.
 
هي ڪلينڊر سنڌ سلامت جي سڃاڻپ آهن ۽ اهڙن ماڻهن تائين ڪيلنڊر جي ذريعي هي ويب سائيٽ پنهنجو پيغام پهچائي ٿي جيڪي انٽرنيٽ جي سهولت کان پري آهن... ان جي اشاعت ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته پوءِ ٿورو واضح ڪري ٻڌايو وڃي ته ڪيستائين هي ڪيلنڊر تيار ٿي ملندا يا ڪنهن قسم جي ڪا ذميواري دوستن کي ڏيڻي آهي ته ان جي به اطلاع ڏيندا
 
Back
Top