• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نعره فنڊ

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
نعره فنڊ
جبار آزاد منگي
تنطيم جي جڏهن به گڏجاڻي ٿيندي هئي تڏهن ڪامريڊ فنڊ جي اهميت تي وڏيون ڳالهيون ڪندو هو ته تنظيم اندر فنڊ تمام اهم آهي ڇوته قوم جي نجات ٿيندي ئي تڏهن، جڏهن اسان فنڊ ڏيئي تنظيم کي مضبوط ڪنداسين.ڪنهن پروگرام لاءِ ڪنهن پمفليٽ وغيره لاءِ پرنٽنگ جو ڪم ڪُڏي کڻندو هو،اها بعد ۾ خبر پئي ته هو انهيءَ فنڊ کي پنهنجي کيسي جي ڪَڙڪي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو هو.تنظيمي فنڊ نه تعلقي نه ضلعي ۽ نه ئي مرڪز کي ملندو هو، اهو فنڊ ئي هيو جنهن ڪري گهڻا تنظيم جا ميمبر گڏجاڻي ۾ شرڪت کان لنوائيندا هيا،نتيجي ۾ ڪامريڊ انهن تي رپورٽون ڪندو. اوچتو هڪ ڏينهن فنڊ بابت سوال ڪرڻ وارن کي تنظيم مان خارج ڪيو ويو.ڪامريڊ جي خوشي جي حد نه رهي.ڪجھ وقت کان پوءِ ان ڪامريڊ هڪ اهڙو انساني شڪل ۾ بيوقوف مرغو هٿ ڪيو جنهن سان ڪامريڊ جي کيسي جي ڪڙڪي ڪوھين ڏور ڀڄي ويئي.اڄ ڪلھ اهو ڪامريڊ هر مهيني ڪو نه ڪو سنڌ جي عشق جي نالي ۾ پروگرام ڪري پنهنجي خالي کيسي کي گرم رکڻ لاءِ جدوجھد ڪري “کيسائي انقلاب” آڻيندو رهي ٿو.
 
Back
Top