سونڊا سنڌ جو قديم شهر آهي. جيڪو جھرڪ شهر جي اولھ طرف ڪراچي ۽ ٺٽي جي شاهراھ تي موجود آهي. مير علي شير قاتع ٺٽوي "تحفته الڪرام" ۾ لکي ٿو ته سونڊا ۾ هڪ درويش سوندره رهندو هو، جيڪو راڳ تي عاشق هوندو هو. انهي ڪري سندس نالي سان اهو شهر مشهور ٿيو، علي ڪوفي جي "ڇڃ نامي" موجب راوڙ ۽ جپسر جو مقابلو جهم ۽ سونڊا وٽ ٿيو هو. ستاب "رحمته اللعالمين" ۾ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته سيوهڻ جي قديم قبرستان ۾ سونڊن ۽ لاشارين جون قبرون موجود آهن، جن مان هڪ ڪتبي ٿي مصري بلوچي ۾ لکيل آهي ته انهن سوڊا ۽ لاشارين جا راڄ خانگي ناسازي جي ڪري لڏي درياء پار ڪري ٻئي طرف رهن ٿا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته شايد سوڊا لفظ بدلجي "سونڊا" ٿيو هجي. سونڊا ۾ مغل بادشاھ شاهجان جي ٺهرايل مسجد موجود آهي. اها مسجد ٺٽي جي شاهجان مسجد جي نموني تي تيار ڪيل آهي. سونڊا جي قبرستان ۾ يوناني ٻولي، زيور، ڪٽلي، گهورگو، تسبيع وغيره جون نشانيون قبرن تي موجود آهي. سونڊا جي هي تاريخي قبرستان ان جي قدامت جو گواھ آهي. هن تاريخي شهر جي معاشي، جاگرافيائي، سياسي، سماجي ۽ تاريخي حالتن کي وقت جي ويرن لوڙهيو، ٻوڙيو ۽ بدلايو آهي. سونڊا شهر جي ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن جون خدمتون به قابل تعريف آهن. محروم عبدالله گندرو هتان جو مشهور اديب ۽ شاھ جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي. "انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد 8"