تمام گهڻي اتنظار کان بعد آخرڪار اها سهولت متعارف ٿي وئي. واٽس ائپ کي هاڻي موبائيل کان علاوه ڪمپيوٽر جي انٽرنيٽ برائوزر تي به استعمال ڪري سگهو ٿا. هي سهولت انهن لا آهي جنهن وٽ ائنڊروائيڊ،ونڊوز فون،بليڪ بيري تي واٽس ائپ استعمال ڪن پيا. اصل ۾ هي ويب ڪلائنٽ توهان جي موبائيل وارو ئي واٽس ائپ آهي.ان لا ضروري آهي ته توهان جي موبائيل ۾ به واٽس ائپ انسٽال ٿيل هجي ۽ استعمال ڪندا هجو.هن سروس کي حاصل ڪرڻ لا ضروري آهي ته توهان جي موبائيل فون ۾ واٽس ائپ جو نئون ورزن انسٽال ٿيل هجي. بعد ۾ پنهنجي موبائيل تان واٽس ائپ جي ويب سائيٽ تان هڪ ڪيو آر ڪوڊ هوندو ان کي اسڪين ڪري لاگ ان ٿي سگهي ٿو.هن ويب ڪلائنٽ کي ڪروم برائوزر جي مدد سان استعمال ڪري سگهو ٿا. ڪيو آر ڪوڊ اسڪين ڪرڻ ۽ ويب سائيٽ تي وڃڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو ۽ واثس ائپ جو مزو ڪمپيوٽر تي وٺو.
پهريان توهان مٿي ڏنل ويب سائيٽ کي موبائيل تان سرچ ڪريو بعد ۾ اتي ڪيو آر ڪوڊ هوندو ان کي اسڪين ڪريو.بعد ۾ ڪمپيوٽر تان ڪروم برائوزر ۾ ساڳي ويب سائيٽ کولي ڪري اتي لاڳ ان ٿيو.
سوٽ مون وٽ ته 1110 نوڪيا جو سيٽ آهي ان تي واٽس اپ هلي ئي نه پيو هلي ته ڪمپيوٽر تي ڪئين هلايانس بهرحال ڪنهن نه ڪنهن دوست کي ته فائدو ملندو فقير
سائين واٽس ائپ مون ڪڏهن به استعمال ناهي ڪيو دوست چوندا آهن ته استعمال ڪيو پر مان هميشه نيٽ ڪمپيوٽر تان هلائيندو آهيان جيڪڏهن بغير موبائل جو ڪو طريقو هجي ته مهرباني ڪري طريقو شيئر ڪندا .
مون کي نه صرف واٽس ايپ، بلڪه ٻيون به ايپليڪيشنز هلائڻيون آهن ان ڪري مون ڪجهه ڏينهن بليواسٽڪ انسٽال ڪيو هو پر ڪم نٿي ڪيائين هاڻي ٻيو ڪو طريقو ٻڌايو.
ادا مان به بليو اسٽڪ ذريعي گذريل سال کان واٽس ايپ هلايان پيو مونوٽ صحيح ڪم ڪري پيو! بليو اسٽيڪ انسٽال ڪرڻ ڪافي ڏکيو آهي