• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سِمsimڇا آهي۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
سِم SIM هڪ اهڙو سمارٽ ڪارڊ آهي جنهن کي موبائل ۾ وجهي ان جي ذريعي اوهان ڪنهن به موبائل ڪمپنيءَ جي سگنلز کي وسيلو بڻائي ٻين دوستن تائين پنهنجي ڳالهه پڄائي سگهو ٿا۔ سِم کان سواءِ اوهان جي موبائل صرف راند کيڏڻ جي ڪم ئي اچي سگهي ٿا باقي ان جو اصل مقصد پورو نه ٿو ٿي سگهي۔۔۔
SIM جو فُل فارم آهي subscriber Identity Module يعني هي توهان (سبسڪرائيبر) جي معلومات پنهنجي اندر محفوظ رکي ٿي۔۔۔
انهيءَ معلومات جا ٻه قسم ٿين ٿا۔۔۔
پهرئين قسم جي معلومات ۾ توهان جو فون نمبر جيڪو توهان کي ڪمپنيءَ جي طرفان مليل آهي هجي ٿو۔۔۔ انهيءَ فون نمبر جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ ئي توهان کي موبائل ڪمپنيءَ‌جا سگنل ملي سگهن ٿا۔۔۔ انهيءَ فون نمبر سان گڏ انهيءَ سم جو اليڪترانڪ چپ نمبر پڻ هجي ٿو۔ هن قسم جي معلومات کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي۔۔۔ ڪنهن به موبائل نمبر کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ ان جي سم جي اليڪٽرانڪ چپ نمبر کي موبائل ڪمپني پاڻ وٽ بلاڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏي ٿي، ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهين ساڳيو نمبر آن ڪرائڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ساڳئي موبائل نمبر سان ٻي سم ملندي، جنهن جو اليڪٽرانڪ چپ نمبر الڳ هوندو آهي۔
ٻيو توهان جا فون بڪ نمبر جيڪي توهان 200 يا 250 تائين رکي سگهو ٿا ۽ انهن کي تبديل ڪري سگهو ٿا يا ختم ڪري سگهو ٿا۔۔۔
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

مطلب ته کل جا سم سم ۔۔۔ واري ڳالهه آهي ۔۔۔ ادا انهن سمن ايترو ته خرچ وڌائي ڇڏيو آهي جو بس الامان ۔۔۔ ڳالهه ئي نه پڇو ۔۔۔۔ ٻيو ته ٺهيو هاڻ ٻارن به ضد ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته سم وٺي ڏيو، ڀلا سم بغير فون جي ڪم ته نه ڪندي نه۔۔۔

انڪري فون + سم + ريچارج برابر ٿيو کيسو خالي ”0“
 
ڳالهه ته صحيح آهي ادا پر فون ڪيڏي نه سهولت ڪري ڇڏي آهي۔۔ ميلن جي مفاصلي کي مٽائي سيڪنڊن ۾ ڪيو اٿئين۔۔۔
اڳي ته ڪبوتر پيغام رساني لاءِ استعمال ٿيندا هئا پر ان ۾‌پرئين ڀر واري جو آواز نه ٻڌي سگهندا هئاسين۔۔ وري ٽيليگراف نڪتا به ته رڳو اسان جا اکر‌ ويندا هئا پر آواز نه ويندو هو۔۔ فون ته ڪم کي مٽائي ڇڏيو۔
وري موبائل آئي ته هاڻي ته همراهه جتي ڪٿي هٿيڪو آهي۔۔۔
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

lajwab-sharing

معلومات لاء مهرباني.........*
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

تمام بهترين معلومات آهي ادا مست سائين

اهڙي معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

سدائين گڏ
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

دوستن جي حوصله افزائيءَ‌ٍ جي مهرباني
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

يعني اڄ ڪله اوهان موبائل تي پي ايڇ ڊي پيا ڪيو
همممم
سمجهي ويس
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

ٿورو غور ڪيو ته خبر پوندي ته ڏچي کان وڌيڪ سهولت آهي
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

يعني اڄ ڪله اوهان موبائل تي پي ايڇ ڊي پيا ڪيو
همممم
سمجهي ويس

سائين اڃان ايم۔ ايس جي تياريءَ‌۾ لڳا پيا آهيون، ان کان بعد ئي پي ايڇ ڊي ڪنداسين۔۔۔۔ اوهان جي دعا هوندي ته انشاءَ الله ڪري وٺنداسين
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

سائين اڃان ايم۔ ايس جي تياريءَ‌۾ لڳا پيا آهيون، ان کان بعد ئي پي ايڇ ڊي ڪنداسين۔۔۔۔ اوهان جي دعا هوندي ته انشاءَ الله ڪري وٺنداسين

الله اهو ڏينهن ڪندو
پوء اوهان جي آء ڊي چينج ڪري ڊاڪٽر مست رکندا سون ان شاء الله
اوڪي؟
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

قرب ادا ٻيو حال ٻڌايو
يونيورسٽي جو ڇا حال آهي
رزلٽ ڪڏهن ايندا

ادا في الحال ته مونکي خبر پئي آهي ته سومر تائين سڀ ٽيچر پنهنجي سبجيڪٽ جي ايوارڊ لسٽ (يعني مارڪس لسٽ ) کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏيندا۔۔۔۔
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

ادا في الحال ته مونکي خبر پئي آهي ته سومر تائين سڀ ٽيچر پنهنجي سبجيڪٽ جي ايوارڊ لسٽ (يعني مارڪس لسٽ ) کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏيندا۔۔۔۔

تمام سٺو ادا
ير ڏاڍو انتظار ٿي بيٺو آ رزلٽ جو
دعا ڪجو

سدائين گڏ
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

ادا سم جي باري ۾ معلومات ڏيڻ جي تمام گهڻي مهرباني جاني موبائل کان سواء اڄ جي دوور ۾ اسان جهونن جوبه گذارو نٿو ٿي سگهي ته پوء جوانن جو ڇا حال هوندو ان ڪري مان ته پهنجو نمبر سڀني دوستن کي ڏئي ڇڏيو آهي هر هڪ کي ڪٿان ڏيان مان پهنجو نمبر هڪ ئي دفعو فورم تي لکي ڇيو اٿم
 
سائين علي صاحب مهرباني نمبر ته شيئر ڪيو اٿوَ
پر هوندو ته اوهان وٽ آهي نه ؟
يا وري امڙ جهوني ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

سائين علي صاحب مهرباني نمبر ته شيئر ڪيو اٿوَ
پر هوندو ته اوهان وٽ آهي نه ؟
يا وري امڙ جهوني ۔۔۔۔۔۔

سائين جهونو فقير ڪٿي ٿو امڙ جهونيءَ‌کي پاڻ واري موبائل ڏيئي۔۔۔ جيڪڏهن امڙ جهونيءَ‌کي خبر پئجي وئي ته هن جي موبائل ۾ ڪيترين نارين جا نمبر آهن ته هوندو ويلي ويلي تي ماني بدران ڏنڀ ڏيئيس
 
جواب: سِمsimڇا آهي۔۔

سائين علي صاحب مهرباني نمبر ته شيئر ڪيو اٿوَ
پر هوندو ته اوهان وٽ آهي نه ؟
يا وري امڙ جهوني ۔۔۔۔۔۔
ها ادا مون وٽ ئي هوندو آهي 24 ڪلاڪ جهوني جي هٿ لڳي وڃي ته اسان کي اسٽيشن تي سمهڻو پوندو ادا وڌيڪ سرڪاري سزا جي خبر اٿئي ته ڇا هوندي آهي

سائين جهونو فقير ڪٿي ٿو امڙ جهونيءَ‌کي پاڻ واري موبائل ڏيئي۔۔۔ جيڪڏهن امڙ جهونيءَ‌کي خبر پئجي وئي ته هن جي موبائل ۾ ڪيترين نارين جا نمبر آهن ته هوندو ويلي ويلي تي ماني بدران ڏنڀ ڏيئيس

ادا مان جهونو ضرور آهيان پر حافظو تيز آهي ادا ڪم جا نمبر ياد هوندا آهين اسان کي به خبر آهي ته ڦاسڻ کان پوء ڪونه ڦتڪي سگهندا سي سو پهريان ئي بندو بست ۔ ۔ ۔
 
Back
Top