خبر....گريڊ 16 ۽17 جي سرڪاري ملازم جي مقرري جو اختيار پبلڪ سروس ڪميشن کان کسي وزير آعلي سنڌ جي حوالي. تبصرو.....مرغي(ڪڪڙ) کي ذبح ڪرڻ کان پوء سندس کل لاهڻ کان اڳ ذبح ڪندڙ ابتي ڇري سان ڪڪڙ جي ٽنگن تي ضرب لڳائيندو آهي جيڪڏهن ڪڪڙ ۾ اڃان ساه هوندو آهي ته ٽنگون چوريندو آهي .ڪهڻ وارو بار بار ضرب لڳائي اندازو ڪندو آهي ته هاڻي مڪمل ساه نڪري ويو اٿس ته پوء ڪڪڙ جي کل لاهڻ شروع ڪندو آهي. اسان سنڌي اڳئي حڪمرانن،ڀوتارن،وياج خورن ،دلالن ۽ آفيسرن هٿان ذبح ٿي چڪا آهيون ...هاڻي قاصائي اسان جي ٽنگن تي مسلسل صربون هڻي اندازو پيا لڳائين ته اڃا ساه باقي اٿن ...مڪمل مرن ته کل لاهيون.(اميد ته سمجھي ويا هوندا)
دعا ڪريو ته اڌ مُئل ٻيهر زنده ٿي پون ۽ ڪاساين کي زخمي ڪري پنهنجو پاڻ کي انهن حرامخورن جي هٿن مان آزاد ڪرائن.