• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غدار سنڌ جو نه کٽندڙ سلسلو

غدار سنڌ جو نه کٽندڙ سلسلو
_____________________________________

اڄ نهايت شرم شاري منجهان هي لکي رهيو آهيان ته سنڌ جا دشمن غيرسنڌي ته آهن ئي آهن پر هن ڌرتي جا ڪجه مڪار فريبي چالباز بي هونش گهٽ عقل وار جن کي ڪله ڄڪرا ڳوٺ وسري ويو ڪامران ماڌوري وسري ويو سنڌ تي گاريون وسري ويو جيڪي سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ هر ڪمينو ڪم ڪرڻ تي پيا سوچن ۽ عمل ڪن انهن ڪمينن ايم قيو ايم وارن سان ارباب ۽ لياقت جتوئي وارا گڏ پريس ڪانفرنس پيا ڪن ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ گڏجي پيا پي پي وارن تي هلان ڪن ...ها ڪمند جو مسئلو آهي پر اندروني اهو به پنجابن ۽ هنن ڪمينن ايم قيو ايم وارن جي ملي ڀڳت آهي ۽ هنن هٿ راڌو هي ونشو ڪرايو آهي .....شرم به ان ڏينهن شرم ڪيو هوندو جڏهن هي سنڌي پاڻ کي سڏائيندڙ اربان ۽ لياقت هنن سنڌ جي دشمن نمبر هڪ هندستانين سان گڏ پريس ۽ اسيمبلي ۾ آواز کي ملايو هوندو ..........ڪجه شرم توکي پر اچي ڪين ٿو ........سنڌي ماڻهن جا قاتل سنڌ کي ٽوڙڻ جا اعلان ڪندڙ ۽ وڏي ڳاله ته سنڌ ۾ فوج جي گهر ڪندڙ ،،،،مارشلا جي گهر ڪندڙ بيشڪ هنن جي هن لفظ ۾ ....مارشل آ ( ماريو وڃي )......پر به ظاهر هي سنڌ دشمني ۽ جمهوريت دشمني ...ڪو به انڌو عقل جو ۽ ننڍڙو ٻار به اهڙي ڳاله نه ڪندو هي ته آ هنن جي پرسيپشن ،مستقبل جي سوچ هي نه سنڌي آهن نه سياستدان آهن نه مسلمان ۽ نه ئي انسان .......انهن سان يا ٻين سنڌ دشمنن سان جيڪو به سنڌي گڏبو اهو گدار سنڌ ڪري سڏيو ويندو ان جو به حشر انهن غير سنڌين جهڙو هوندو جيڪي سنڌ کي ٽوڙڻ جا قسم کڻي اٿيا آهن .........
افسوس سنڌ دشمني ۾ ڪنهن به گهٽ نه ڪئي آ ڪو پنجاب جي چاپلوسي ۾ ته ڪو هندستانين جي چڪر بازي ۾ ڪو وري پٺاڻن جو پوڄاري ٿي پيو پنهنجي تذليل ڪندو ....سنڌ بين الاقوامي يتيم خانو ڪرڻ وارو ڊڄو ان وقت کان جڏهن سنڌي توهان جو موت ڪندا ......هتي ڪو دهلي ڪالوني ،ڪو ڄٽانگانگ ڪالوني ڪو پنجاب ڪالوني ته ڪو پٺاڻن جي نالي تي ڪالوني ۽ اتي انهن ماڻهن جو قبضو ۽ ڪنٽرول ....۽ هي سنڌي وائڙن وانگر اڃا به هنن کيص ڪجه نظر نه ٿو اچي ........سي ايم صاحب چوي ٿو ته 2.5 لک غير سنڌي افغان هتي رهن ٿا ....ته منهنجا مرشد انهن کي ڪڍڻ جو بندو بست ڪر نه ڪي انهن جي لسٽ ٻڌائڻ جي ضرورت آهي .......ڀري ڪنٽينر انهن افغانين کي افغانستان جي سرحد تي ڦٽو ڪرايو ....رينجرس ۽ پوليس جي مدد سان پڪو ڪم ڪريو باقي انگ اکر ٻڌائڻ سان ڇا ٿيندو ............
 
ادا توهان بلڪل سهي لکيو آهي پر سنڀال لکو ها اگر هي گالهه ايم قيو ام وارن کي خبر پي ته توهان کي خبر آ ڇا ٿيندو
(((((()))))))
سائين ناراز نه ٿيجو مان مزاق ڪري رهيو آهيان
بلڪل توهان جي گالهه 100 پرسن سي آه جڏهن 2.5لک غير سنڌي افغان هتي رهن ٿا
کي ڪڍڻ جو بندو بست ڇو نه ڪيو ويو آ
 
پاڻ وارا سنڌي سياستدان ڀلي پ پ جا هجن يا ليگي هجن،، اهي سڀ هڪ ئي ٿالهي جا چٽا پيثو آهن..انهن منجهان غيرت ڇڏائجي وئي آهي ، پنهنجي ڀڀ ڀرڻ خاطر سنڌ ما جو سودو ڪرڻ لا دير ئي نه ڪندا پر اهي اهي ڪميڻا اهو وساري ٿا ويهن ته سندن جو مُڙهه اباڻي ڳوٺ ئي ويندو  اها ئي ڌرتي ما انهن کي پنهنجي هنج ۾ جا ڏيندي جتي موت کانپو آرامي ٿي سگهن..ڪفن به سنڌ جي ڪپڙي مان ئي تيار ٿيندن..
 
Back
Top