وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي وري مِلون نه مِلون زندگي رهي نه رهي الاءِ ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي کِلي مِلي ته وٺون، جِي ڀري ڏسي ته وٺون وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون. (امداد حسيني)