مست
سينيئر رڪن

واٽس ايپ جو موبائل ورجن ته هر ڪو استعمال ڪري ٿو. پر تازو ڪمپني پاران ويب ورجن به متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان کي انسٽال ڪرڻ صفا آسان طريقو آهي.
ڪمپيوٽر ۾ ڪروم برائوزر هجڻ لازمي آهي
1) پهرين اوهان ڪروم برائوزر ذريعي هي ويب سائيٽ کوليو
web.whatsapp.com
2) ان کان بعد اتي موجود هڪ ڪيو آر ٽي اميج ظاهر ٿيندو. (ڪيو آر ٽي ڪوڊ ويب جي دنيا تي ڪنهن شئي جي مخصوص سڃاڻپ کي ظاهر ڪري ٿو) ان پيج کي اتي رهڻ ڏيو.

3) هاڻي پنهنجي موبائل تي واٽس اپ اوپن ڪيو (نيٽ سان ڪنيڪٽ هجڻ لازمي آهي)
4) موبائل جو رائيٽ بٽڻ (يا ڪجهه ورجس ۾ مينيو۾) دٻائڻ تي مينيو ۾ واٽس اپ ويب (whatsapp web) جو آپشن ظاهر ٿيندو ان کي پريس ڪيو.

ان آپشن کي دٻائڻ سان ڪيمرا کلي ويندي. جيڪا اميج کي اسڪين ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪندي.
5) ان ڪيمرا کي ڪمپيوٽر تي اوپن ٿيل واٽس اپ ويب جي پيج تي آڻيو ۽ ان ڪيو آر ٽي ڪوڊ کي اسڪين ڪريو.
6) جيڪڏهن اسڪين ڪرڻ ۾ مسئلو ٿئي ته پيج تي موجود ڪوڊ کي ريفريش ڪريو.
ڪوڊ ميچ ٿيڻ بعد ان پيج تي اوهان جي واٽس اَيپ آءِ ڊي اوپن ٿي ويندي.....
جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل سان سمجهڻو آهي ته هن وڊيو کي ڏسو...http://videos.arynews.tv/complete-tutorial-use-whats-app-web/