السلام عليڪم آءُ آهيان برڪت بهلڪاڻي آءُ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان ڊي وي ايم فائنل آهيان مونکي ادا طاهر جن هن اڱڻ جو رستو ڏيکاريو جنهن تي ادا جن جو ٿورائتو آهيان
جواب: السلام عليڪم ادا برڪت علي اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا توهان جي اچڻ سان ڄڻ ته اڳڻ محقيو آهي ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: السلام عليڪم ڀاءُ برڪت علي کي دل جي گهراين سان ڀليڪار، اميد ته دوست پنهنجي علمي خزاني مان سنڌ دوستن کي ونڊ ڪرائيندو يا وري سنڌ سلامت تي موجود مواد مان فيض حاصل ڪري، اسانجي ساٿ ۾ سهڻو اضافو ڪندو ۔۔۔ ڀاءُ برڪت علي، هن اوطاق جو نعرو آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت، اميد ته اوهان پنهنجي پياري ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳ کان اڳري ڪرڻ واري ڪوشش ۾ هن اوطاق جي دوستن سان ساٿ نڀائيندا ۽ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا ۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: السلام عليڪم سائين صبح جمعه جو0 ڏينهن آهي ۽ اوهان بيت الله جي ويجهو سڄي سنگت لاءِ دعائن جي درخواست آهي
جواب: السلام عليڪم انشاء الله، دل جي گهراين سان دعا گهربي، باقي هي جمعو آ خالديه جي مسجد (رهائش جي ڀر ) ۾ پڙهندس، سبب صبح سوير جلاب کائڻ جو پروگرام آهي، جو حڪيمن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن پيٽ صفا خالي ڪرڻ گهرجي ته جيئن پيٽ صاف ٿئي ۔۔۔ بس اهو پروگرام آهي ۔۔۔ باقي مڪو پاڪ ته سڄو حدود حرم آهي، جت به هجبو دعا گهربي سنگت لئه ۔۔۔