چيني ڪمپني بيدو (Baidu) پنهنجي لاجواب پروڊڪٽس جي ڪري مشهور آهي، بيدو سرچ انجن چين ۾ گوگل کان وڌيڪ استعمال ڪئي وڃي ٿي، توهان گوگل تي ان ڪمپني جي مختلف پراڊڪٽس جي باري ۾ پڙهي سگهو ٿا، آئون توهان لاءِ اڄ کڻي آيو آهيان بيدو اينٽي وائرس . هڪ سُٺي ۽ مفت اينٽي وائرس جي هر ڪنهن کي ڳولا هوندي آهي، جيڪڏهن توهان هڪ نئون اينٽي وائرس آزمائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ بيدو انسٽال ڪريو، هي اينٽي وائرس پروگرام ٻين جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ تيز رفتار آهي ۽ ريم (Ram) تمام گهٽ استعمال ڪندو آهي. يعني سسٽم تي بوجھه نٿو وجھي. هي عام اينٽي وائرس پروگرامز وانگي صرف هڪ ڪم نٿو ڪري بلڪه بيدو اينٽي وائرس ۾ بهترين سسٽم ريپئير ٽول به موجود آهي، جيڪو وائرس سان ڀريل ڪمپيوٽر کي ريپيئر ڪري ٿو. ان کان علاوه هن ۾ “آپٽمائز انسٽالر” جو فيچر به موجود آهي جنهن سان ڪنهن به پروگرام جي انسٽالر ۾ موجود فالتو پروگرام ۽ ٽولبارز کي ختم ڪري صرف ڪم جو پروگرام انسٽال ڪري سگھجي ٿو. بيدو اينٽي وائرس2015 توهان جي ڪمپيوٽر کي حفاظت فراهم ڪري ٿو. هي هر وقت بيگرائونڊ ۾ رهندي پنهنجي ڪم ۾ مگن رهي ٿو جنهن سان به ڪوبه وائرس ڪمپيوٽر ۾ ايندي ئي پڪڙجي پوي ٿو. هن جي هوندي ڪابه وائرس ڦهلائيندڙ ويبسائيٽ توهان کي نقصان نٿي پهچائي سگھي، وائرس سان ڀريل يو.ايس.بي سسٽم کي خراب نٿي ڪري سگھي، ڪوبه ڊائون لوڊ ٿيندڙ فائل پاڻ سان وائرس کي سسٽم ۾ نٿي آڻي سگھي. بيدو اينٽي وائرس جي نئين ورزن 5 ۾ انٽرفيس سميت کوڙ ساريون تبديليون ڪيون ويون آهن. ان اينٽي وائرس ۾ توهان کي اُهي فيچرز ملندا جيڪي توهان ڪنهن ٻئي اينٽي وائرس ۾ نه ڏٺا هوندا. هن جو سڀ کان بهترين فيچر برائوزنگ کي محفوظ بڻائڻ آهي. توهان جي پرائيويسي جي لاءِ نقصان ڏيندڙ برائوزر پلگ اِن کي هي بلاگ ڪري ڇڏي ٿو. ان کان علاوه هن ۾ ايڊ بلاگ جو فيچر به موجود آهي. ايڊوانسڊ ڪائوڊ انجن جي شموليت سان گڏ هن جو مالويئر ريموول ٽول به بهترين ٺهيل آهي. جيڪو ڪنهن به مال ويئر کي پڪڙڻ جي لاءِ پنهنجي ڪلائوڊ ۾ موجود ڊيٽابيس سان رابطي ۾ رهي ٿو . هن جي سڀ کان خاص ڳالهه ڪلائوڊ بيسڊ اسڪيننگ آهي، يعني ان کي نئين وائرسز سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ بار بار اپڊيٽ نٿو ٿيڻو پوي. هي پنهنجي ڪلائوڊ ۾ موجود ڊيٽابيس سان رابطي ۾ رهي ڪري هر وقت ڪارآمد ۽ اپڊيٽ ٿيندو رهي ٿو.