عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر 26 جنوري 2015 #1 ڇا توهان جي خواهش آهي ته توهان پنهنجي گھر جو نقشو پاڻ تيار ڪريو ؟ مڪمل فلور پلان توهان جي مرضيءَ جو هُجي؟ ان کان پهرين توهان جيڪڏهن اها ڪوشش ڪئي هوندي ته يقين سان چوان ٿو ته توهان ٿري.ڊي قسم جا سافٽويئر استعمال ڪيا هوندا. پر “پلانر 5ڊِي.” (planner 5D) اهڙو سافٽويئر آهي جيڪو ان سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪندو. هن مفت سافٽويئر سان توهان فلور پلان ۽ انٽيرئير ڊزائين تمام آسان طريقي سان خوبصورت ٺاهي سگھو ٿا. هن جي گيلري ۾ پهرين کان موجود خوبصورت ڊزائينز ۽ فرنيچرز کي توهان پنهنجي استعمال ۾ آڻي سگھو ٿا. ان کان علاوه توهان هن ۾ ٺاهيل پنهنجو ڪم پنهنجي دوستن کي ونڊي انهن کان راءِ به وٺي سگھو ٿا.
ڇا توهان جي خواهش آهي ته توهان پنهنجي گھر جو نقشو پاڻ تيار ڪريو ؟ مڪمل فلور پلان توهان جي مرضيءَ جو هُجي؟ ان کان پهرين توهان جيڪڏهن اها ڪوشش ڪئي هوندي ته يقين سان چوان ٿو ته توهان ٿري.ڊي قسم جا سافٽويئر استعمال ڪيا هوندا. پر “پلانر 5ڊِي.” (planner 5D) اهڙو سافٽويئر آهي جيڪو ان سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪندو. هن مفت سافٽويئر سان توهان فلور پلان ۽ انٽيرئير ڊزائين تمام آسان طريقي سان خوبصورت ٺاهي سگھو ٿا. هن جي گيلري ۾ پهرين کان موجود خوبصورت ڊزائينز ۽ فرنيچرز کي توهان پنهنجي استعمال ۾ آڻي سگھو ٿا. ان کان علاوه توهان هن ۾ ٺاهيل پنهنجو ڪم پنهنجي دوستن کي ونڊي انهن کان راءِ به وٺي سگھو ٿا.
عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر 26 جنوري 2015 #2 ذيشان رشيد ، فاروق سومرو ، سليمان وساڻ ، سجاد علي چنا ، سائل مهراڻ ، ابو واصف ، سجاد علي سومرو .