دهشتگرد مخالف جنگ ۽ ڪجھ ساراھ جوڳا قدم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    اثر امام

    پهريان سوويت يونين سان جنگ دوران جهادي جٿا تيار ڪري افغانستان اُماڻياسين ۽ پوءِ جڏهن انهن ڪرائي جي قاتلن کي ٻيو ڪو ڪم نه مليو ته اسان جا ئي ماڻهو مارڻ شروع ڪري ڏنائون. اهو سلسلو ايترو وڌيو جو نيٺ پاڪستاني رياست کي پنهنجي پراڻي روش ڇڏڻ تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو. پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول واري سانحي کان پوءِ خاص طور تي ان بابت غور ڪيو ويو ته دهشتگرديءَ کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه سنجيده اپاءَ وٺڻ جي فوري ضرورت هئي. اهو طئي ڪيو ويو ته طالبان ۽ پاڪستان هاڻي وڌيڪ گڏ نه ٿا هلي سگهن. طالبان جي مختلف ڌَڙن عالمي قوتن ۽ کلاڙين کان ڀتو اوڳاڙي خود پنهنجي مالڪن خلاف ڪاروايون ٿي ڪيون. ان ڪري رياستي سطح تي ڪجهه سنجيده ۽ سخت قدم کڻي مسئلي کي نبيرڻ وقت جي ضرورت بڻجي ويو هئو. ٻِي صورت ۾ عالمي قوتون پاڪستان کي پنهنجي اثر هيٺ رکي هلائڻ لاءِ انهن دهشتگردن کي استعمال ڪري سگهن پيون. ڇاڪاڻ ته ٽِين دنيا اندر سرد جنگ واري زماني ۾ آمريڪا بادشاهه جيڪي به سگهاريون فوجون تيار ڪرايون هيون انهن منجهان هاڻي ڪا به پنهنجي روايتي جاه و جلال ۾ نه رهي آهي. سو اهو سمجهڻ سولو هئو ته اسان جي باري ۾ به سامراجي پاليسي مَٽيل آهي. ڏينهن اڳي ڏينهن پوءِ سامراج پنهنجي پاليسين کي اڳتي وڌائڻ جا منصوبا عمل ۾ آڻيندو. ان کان اڳ جو هُو ائين ڪرڻ شروع ڪري، اسان کي پنهنجي چال سڌارڻي هئي.

    عوام جي سخت ردِعمل ۽ دٻاءَ جو نتيجو چئو يا وقت جي پڪار، بهرحال پاڪستاني سرڪار جماعت الدعوه جا بينڪ اڪائونٽ منجمند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ تنظيم جي چڱي مڙس حافظ سعيد سميت سموري قيادت جي چُرپر تي پهرا ويهاري ڇڏيا. جيتوڻيڪ اهي ماڻهو اڳ به سرڪاري نظر ۾ ئي هئا پر ٻاجهه جي نظر ۽ ڪاوڙ ڀري نظر ۾ بهرحال فرق ضرور هوندو آهي. حافظ سعيد پاران 26 جنوري يعني اڄوڪي ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ ريلي رٿيل هئي جڏهن ته ڪالهه کان ئي آمريڪي صدر اوباما جو هندستاني دورو طئي ٿيل آهي. ان ڪري اهو به ذهن ۾ اچي ٿو ته آمريڪي صدر کي اهڙو پيغام ناهي ڏيڻو ته تنهنجي اچڻ کان هڪڙو ڏينهن اڳ اسان هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي سڀني جي سامهون اهڙي سرگرمي ڪرڻ جي اجازت ڏني جيڪا سرگرمي توڙي ماڻهو توکي پسند ناهن. پر اهو به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته حافظ سعيد ۽ سندس جماعت الدعوه بهرحال خطرناڪ دهشتگرديءَ ۾ ملوث رهيا آهن. ان ڪري جيڪڏهن اسين ان جي خلاف به ڪو سگهارو قدم کڻڻ کان ڪِيٻائيندا رهنداسين ته پوءِ دهشتگرديءَ جي خلاف اسان جي جنگ جي اهميت ۽ ان ۾ سنجيدگيءَ بابت عوام جي راءِ ڪهڙي بيهندي. رياستي ادارن اهو بهرحال هڪ ساراه جوڳو فيصلو ڪيو آهي جيڪو عوام جي پراڻي خواهش هئو. جيتوڻيڪ دير سان پر سٺو فيصلو ڪيو ويو آهي. عوام جي دل وڌيڪ تڏهن خوش ٿيندي ۽ اهي دهشتگرديءَ مخالف هِن جنگ کي حقيقي جنگ به تڏهن سمجهندا جڏهن حافظ سعيد گرفتار ٿئي ۽ سندس تنظيم تي پابندي مڙهي وڃي.

    عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪار ان سلسلي ۾ ڪجهه ٻيا ساراه جوڳا قدم به کنيا آهن. مثال طور نفرت ڀريون تقريرون ڪرڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر جو ناجائز استعمال ڪرڻ واري ڏوهه خلاف عملي ڪاروايون ڪيون ويون آهن. وفاقي سرڪار پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب دهشتگرديءَ مخالف قومي ايڪشن پلان هيٺ رڳو پنجاب صوبي اندر لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال جا 2873 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ انهن ڪيسن منجهه 1471 ماڻهو گرفتار به ڪيا ويا آهن. پنجاب صوبي ۾ 436 اهڙا ماڻهو هئا جن جي عوام شڪايت ڪئي ته اهي نفرت تي مبني تقريرون ڪري رهيا هئا. پوليس انهن منجهان 329 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. اهڙيءَ ريت صوبي پختونخواه منجهان 17 اهڙيون شڪايتون وصول ٿيون جن منجهان 10 مقررن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سرڪار ٻين صوبن بابت انگ اکر جاري نه ڪيا آهن جنهن منجهان ٻه نتيجا نڪري سگهن ٿا. يا ته اتي نفرت ڀريون تقريرون ڪندڙ ۽ لائوڊ اسپيڪر غلط نموني استعمال ڪندڙ ڪو ماڻهو آهي ئي ڪو نه يا وري اتان جو عوام اهڙي جرئت نه ٿو ڪري جو انهن ڏوهارين جي نشاندهي ڪري. واضح هئڻ گھرجي ته لائوڊ اسپيڪر جو غلط استعمال ڪرڻ وارن ۾ اڪثريت انهن پيش امامن جي آهي جيڪي جمعي جي تقرير دوران مسجد جو ٻاهريون لائوڊ اسپيڪر به استعمال ڪري رهيا هئا. جيڪو قانوني طور تي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ اهي ڪيس بظاهر رڳو ڪاغذي ڪاروائي ئي نظر اچن ٿا. بهرحال عوام جي سجاڳي ۽ زيادتيءَ خلاف آواز اٿارڻ واري عادت جيتري وڌيڪ سگهاري ٿيندي اوترو وڌيڪ اها اميد رکي سگهبي ته دهشتگرديءَ مخالف موجوده جنگ ۾ سوڀارا ٿينداسين. پنجاب ۾ 40 کان وڌيڪ اهڙا ڪتاب گھر پڻ بند ڪرايا ويا آهن جيڪي نفرت تي مبني مواد وڪرو ڪري رهيا هئا. پوليس، رينجرس ۽ فوج جي گڏيل ڪاروائيءَ جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جھڙتي ورتي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ رڳو پنجاب ۾ ئي هڪ لک ڇاهٺ هزار افغان شهرين جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي. پنجاب ۾ 5487، سنڌ ۾ 322، پختونخواه ۾ 123، بلوچستان ۾ 12، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 275 هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا. انهن ڇاپن جي نتيجي ۾ پنجاب منجهان 958، سنڌ منجهان 244، پختونخواه منجهان 234، بلوچستان منجهان 188 ۽ اسلام آباد منجهان 235 مشڪوڪ ماڻهن کي جهليو ويو آهي.

    28 مئي 2010 تي لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۽ ڳڙهي شاهُوءَ ۾ احمدين جي مسجدن تي حملا ڪيا ويا هئا. چئن سالن کان پوءِ لاهور ۾ دهشتگردي روڪ خصوصي عدالت پاران انهن حملن جي ڪيس ۾ جهليل جوابدارن معاويه ۽ عبدالله کي ترتيبوار موت ۽ عمر قيد جي سزا ڏني وئي آهي. جيتوڻيڪ يقين سان نه ٿو چئي سگهجي ته انهن ڏوهارين کي مليل سزا تي عمل به ٿيندو يا نه، پر اهو فيصلو پنهنجي جاءِ تي امن پسند، مذهبي رواداريءَ جي حامين ۽ مسلڪ اختيار ڪرڻ جي آزاديءَ جي حمايتي عوام جي وڏي ڪاميابي ڳڻي سگهجي ٿو. پڙهندڙن کي خبر هئڻ گهرجي ته سزا ٻڌايل ڏوهارين معاويه ۽ عبدالله جي ان عمل جي ڪري 87 ماڻهو ماريا ويا هئا جڏهن ته ڌَڪي ٿيڻ وارن جو انگ 100 کان وڌيڪ هئو. اها ڳالهه حيرت جي ضرور آهي ته ايترن ماڻهن جي مرڻ، ڌَڪي ٿيڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ وارن جوابدارن کي سزا ڏيڻ يا سندن مستقبل جو فيصلو ڪرڻ ۾ به پاڪستاني عدالتن کي چئن سالن کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آهي!

    ذڪي الرحمان لکويءَ جي ڪيس کي به ان پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ممبئي حملن جي ماسٽر مائينڊ ان همراه کي عدالت سڳوريءَ ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئو پر وفاقي سرڪار جي درخواست تي سندس حراست ۾ رهڻ وارو عمل مهيني لاءِ وڌايو ويو آهي. بظاهر اهو ئي چيو ويو ته لکويءَ جي آزادي امن امان ۾ خلل جو سبب بڻجي سگهي ٿي پر حقيقت اها آهي ته وفاقي سرڪار اهڙي گذارش ڪرڻ جو سوچي به نه ها جيڪڏهن کيس ڪنهن سگهاري رياستي ڌُر پاران ائين ڪرڻ لاءِ زور نه ڀريو ويو هجي ها. هونءَ پاڪستاني رياست ۽ معاشري جي تضادن کي سمجهڻ لاءِ لکويءَ جي ڪيس کي ائين به ڏسي سگهجي ٿو ته هتي دهشتگردي روڪ عدالتون لکويءَ جهڙن ملزمن کي به ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏينديون رهنديون آهن جڏهن ته مولانا حامد سعيد ڪاظمي جهڙا ماڻهو سالن تائين پيا جيل جي هوا کائيندا آهن. ڪاظمي بدعنوانيءَ جي الزام هيٺ جيل ۾ آهي. توهان حيران ٿيندا هوندا ته جيڪڏهن بدعنوانن کي جيل موڪلڻو آهي ته پوءِ موجوده جيل ته پورا نه پوندا!!

    قومي ايڪشن پلان تحت جن ويهن نقطن تي عمل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ويو آهي اهي بلڪل ساراه جوڳا ۽ بظاهر اڳوڻي آمر جنرل ضياء الحق جي لاڳو ڪيل پاليسين جي ابتڙ آهن. ضياء الحق اسلام جي من پسند تشريح ڪري سموري معاشري کي هڪ اوڙاهه ۾ ڌِڪي ڇڏيو هئو. سندس دور ۾ پهريون ڀيرو فوج ۾ جهاد في سبيل الله جي تبليغ ڪئي وئي هئي. سڄي ملڪ اندر مدرسن جو ڄارُ وڇايو ويو هئو ۽ مسلڪ جي بنياد تي سماج کي تقسيم ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويو هئو. تن ڏينهن ۾ موجوده وزيرِ اعظم ميان نواز شريف صاحب به ضياء جو ويجهو ساٿي ۽ هم خيال هئو پر هاڻي حالتن هٿان مجبور ٿي کيس اهڙا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن جيڪي سندس نظريي ۽ سوچ جي ابتڙ آهن. رياست پاران اهڙي اڳڀرائي بهرحال اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ته ڇا رياستي جوڙجڪ ۾ ڪي بنيادي تبديليون ڪيون پيون وڃن؟ ڇا اهو طئي ٿي چڪو آهي ته پاڪستان پنهنجي پراڻي رستي تي نه هلندو؟ جيڪڏهن ها ته پوءِ اهو نئون رستو ڪهڙو آهي جيڪو پاڪستان جي لاءِ طئي ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن اهڙو ڪو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ اسان جون سموريون خوشيون رڳو خوشفهميون ئي آهن ته پوءِ پڪ سمجهڻ گھرجي ته تمام جلد پاڪستان جي حقيقي حڪمرانن جون خوشفهميون به پڄاڻيءَ کي پهچڻ واريون آهن. تمام جلد پاڪستان جو معاشرو به افغانستان، عراق، لبيا ۽ شام جي معاشرن واري مقدر کي پهچڻ وارو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن زماني ۾ ضياء الحق سان گڏجي جنهن جهاد کي پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ آمريڪا ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا هئا، اهو آمريڪا ان جهاد کي هاڻي دهشتگردي پيو چوي ۽ دعوى ٿو ڪري ته ان جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي چڪو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو