21 ترميم مارشل لا يا جديد ون يونٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    پاڪستان دنيا جواهو واحد ملڪ آهي ، جٿي توهان ڪجھه به چئي سگھو ٿا ، ڪو به نئون تجربو ڪري سگھو ٿا ، ڪنهن به قسم جي تخريبڪاري ، دهشتگردي ڪرڻ سان گڏ ، آئين ۽ قانون جي لتاڙ ۽ اهي سمورا جعلي ڪم آساني سان ڪري سگھڻ جي کلي ڇوٽ آهي ، جيڪي ڪم دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ناممڪن آهن جڏهن ته اسان جو ملڪ دو نمبري کان ترقي ڪندي چار نمبريء ۾ مارڪيٽ ڪرڻ ۾ تمام ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي ويجھي ۽ ترقيء جون منزلون پار ڪري رهيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي 43 سالا تجربي اقتدار جي نشن کان پوءِ پارٽي پنهنجي جوهر ۾ وقت حالتن ، ضرورتن ، گھرجن واري پارٽي بڻجي وئي آهي ، جڏهن ته نظرياتي پارٽين جي قلت پيدا ٿي وئي آهي. ڪجھ ڏينهن اڳ فرشتن پاڪستان پيپلز پارٽيء کي فارورڊ بلاڪ جي چڪرن ۾ اهڙو ته گھمائڻ شروع ڪيو جو پ پ پ جي شريڪ چيئرمن جناب آصف زرداريء کان رڙ نڪري وئي ته اسبلشمينٽ سنڌ اندر فارورڊ بلاڪ جي سازش ڪري رهي آهي ، جڏهن اهي ڳالهيون ميز تي آيون ته انهن اهڙين ڳالهين تي تعجب جو اظهار ڪندي صرف اهو چيوويو ته ملڪ مان دهشتگرديء جي خاتمي لاء ملڪ اندر فوجي ڪورٽس کي قانوني شڪل ڏيارڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو ، بظاهر جيڪا ڳالهه پ پ پ جي نظرياتي لائين جي ابتڙ هئي مگر سنڌ جي اقتدار کي برقرار رکڻ لاء اهو غير معمولي فيصلو هيو ۽ اسٽبلشمينٽ سان ٽڪرائڻ موجوده پ پ پ جي نه حيثيت آهي ۽ نه ئي اها پارٽي رهي آهي. پوء اها الڳ ڳالھه آهي جو پ پ پ جي ميمبرن روئي ڌوئي ، ڊرامه بازي ، شبده بازي ۽ ضمير کي چماٽون هڻي پنهنجي قيادت جي چوڻ تي قومي اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ 21 ترميم جي حق ۾ فراخدليءَ سان ووٽ ڪيو ۽ پوء ٻن ٽن ڏينهن کان پوء پارٽي چيئرمن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهيء 21 ترميم واري فيصلي جي آجيان پارليامينٽ جي نڪ ڪپائڻ جي مهڻي سان ڪري سياسي بصيرت ڏيکارڻ جو مظاهرو ڪيو ، جڏهن ته انهيء وٽ پڇا ڪرڻ جا اختيار هيا ته هيء فيصلو پارٽيء جي مرضي ۽ پارٽي جي نظرياتي لائين جي خلاف اهڙي قسم جو ووٽ توهان ڪهڙي طاقت جي چوڻ تي ڏنو ، جيڪڏهن پارٽي اندر ڪنهن ٻي طاقتور ڌر اهو ذاتي فيصلو ڪيو آهي ته انهيء خلاف تنظيمي قانون جي خلاف ورزيء جو نوٽيس ڇو جاري ناهي ڪيو ويو؟

    هاڻي انهيء سموري سياسي صورتحال کانپوء سنڌ جي ٻيون نمبر پارٽي ايم ڪيو ايم جو قائد لنڊن مان خطاب ڪندي چوي ٿو ته سنڌ ۾ مارشلا لڳائي وڃي ، انهيء جا اهي لفظ بغير مقصد جي نه نڪتا هوندا ؟ انهيء سوچ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سان گڏ اها لائين پڻ آهي ته” نه انجڻ ڪي خوبي نه ڊرائيور ڪا ڪمال ، چلي جارهي هي خدا ڪي سهاري“ سان گڏ انهن جي آس پاس ڪچرن

    جا ڍير ، تباه حال ۽ تاريخي ڪرپٽ ميونسپل ڪاميٽيون آهن ، جن تي وزير بلديات ديده دليريء سان اسيمبليء جي فلور تي انهيء نا اهلي ۽ ٽائون آفيسرن جي ڪرپشن تي انهن ماڻهن جو بچاء ڪري رهيو آهي جيڪي تباهي ۽ برباديء جا ذميوار آهن . انهيء لاء الطاف حسين جو مطالبو اهو آهي ته انهيء اهڙي بي اصول حڪومت کان بهتر آهي ته مارشلا جي حڪومت بهتر هجي ، جنهن جي هو پيداوا آهن ۽ انهيء مارشلا جي ڇانو واري حڪومت ۾ انهن کي هر قسم جون سهوليتون ۽ موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن جيڪي هو چاهيندا آهن . انهيء کان علاوه تازو سپريم ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ حڪومت جي نا اهليء تي کيس اها صلاح ڏني آهي ته ، سنڌ اسيمبلي قانون سازي ڪري ته اسان سنڌ کي سٺي حڪومت ڏئي نٿا سگھون انهيء ڪري انهيء سنڌ کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي . بظاهر ته هيء هڪ صلاح آهي ، ممڪن آهي ته رومال ۾ ويڙهيل انهي صلاح جي اندر ٻي ڪا حرڪت هجي ، جيئن مڪاني چونڊن جي نه ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ صلاح يا فيصلو ڏنو هئو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کان تڪ بنديون نٿيون ٿي سگھن ته پوء سنڌ حڪومت اليڪشن ڪيمشن کي چوي ته اها پاڻ تڪبنديون ڪري نه ته ٻي صورت ۾ اسين سنڌ جي وڏي وزير کي هتي ڪورٽ ۾ گھرائينداسين . انهيء صلاح تي سنڌ حڪومت دير ئي نه ڪئي ، اسيمبليء جو اجلاس گھرائي تڪبندين جا سمورا اختيار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي حوالي ڪري پاڻ تان بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاء لٽڪندڙتلوار کي مڏو ڪري ڇڏيو ۽ انهيء صورتحال ۾ الطاف ڀائي کي ڪهڙو مطالبو ڪرڻ گھرجي ، ڇوته هاڻي تڪبنديون ٿينديون ته اليڪشن ٿيندي ، نه ته ساڳي پگھار ۽ حڪومت تي گذارو ڪريو جو بلدياتي اليڪشنون نه ٿيڻ جي ڪري صاحب موصوف لنڊن مان ويهي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جا اعلان ڪري رهيو هيو. هاڻي کيس گھرجي ته اليڪشن ڪيمشن کي دٻون ڏئي ته اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون ڪري ، جيڪي تڪ بنديون موجوده حڪمرانن جي مرضي کان سواء اليڪشن ڪميشن ڪيئن ته ٺاهي سگھندي؟

    هاڻي جڏهن 21 ترميم پاس ٿي وئي آهي ، سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن کي پنهنجا خدشا آهن ته اتي هاڻي اهو به خدشو وجود ۾ اچي ويو آهي ته ، سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس ، الطاف حسين جي مارشلا جي گھر ،فارورڊ بلاڪ ، حزب اختلاف جي طرفان مارشلا جي حمايت ۽ سپريم ڪورٽ جا سنڌ حڪومت جي باري ۾ ريمارڪس ۽ ايندڙ عام چونڊن جي تياري ۽ سياسي ، عڪسري مفادن ۽ انهن جي تحفظ لاء ڄڻ ته لازمي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ نئون جديد قسم جو ون يونٽ نفاذ عمل ۾ آڻڻ جون تياريون محسوس ٿي رهيون آهن ، انهيء سان جيڪا ڀڃ ڊاه ٿيندي انهي ۾ قومپرست قيادت پڻ متحرڪ ٿي ڪري ، سياسي ماحول پيدا ڪري سگھڻ جي روزي سان لڳي سگھي ٿي. ون يونٽ ، هيو ڇا ، ڪيئن هيو ۽ ڪيئن ٽٽو هيو انهيء لاء ته اسڪول جي نصاب ۾ ڪو سبق ناهي جو قوم جي نئين نسل کي انهيء باري ۾ ڄاڻ هجي ، سنڌ جي نئين نسل کي ماضيء جي ون يونٽ جي نالي جي به خبر ناهي ، اهي خبرون ته انهن کي آهن جيڪي ون يونٽ جا هيرا هيا ۽ اهي هيرا ڪمشنر ، ڊي سي ، وي سي ،اٽارني ٿي ڪري رٽائرڊ ٿي ويا . اهي ماضيء جون ڳالهيون وڃي رهيون ، هاڻي موجوده حالتن ۾ ڇا اهو ممڪن آهي ته سنڌ ۾ موجوده صوتحال جي نالي ۾ سنڌ تي ڪجھه سالن لاء هڪ نئون جديد قسم جو ون يونٽ مڙهي خصيص مفادن جو حصول آسان بڻائي ، سنڌي ماڻهون کي 17 صديء ۾ پوئتي ڌڪي پوء بادشاهيء ۽ غلاميء جو اعلي قسم جو بنياد وڌو وڃي ؟
     
  2. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    سنڌين کي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي ۽ وڌيڪ به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار رهن، ڇو تہ سنڌين جي ڪا بہ قيادت ڪونهي جو انهن جي رهنمائي ڪري سگهي ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهي. جيڪي موسمي پارٽيون ۽ نام نهاد اڳواڻ آهن اهي وري سادا لوڪ سنڌين کي انهن جي حقن بابت ورغلائي پوءِ مارائي ڇڏيندا ۽ پنهنجا ذاتي مفاد وٺي پيا عياشيون ڪندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو