هي جي ظاهر باطن ذات پرست

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    مور پنهنجي پر ڏي ڏسندو آهي ته گل جيان ٽڙي پوندو آهي. پر جڏهن پيرن ڏي نظر پوندي اٿس ته هن جون اکيون ڀرجي اينديون آهن. اسان سنڌين جي باشعور طبقي جي درد-ڪهاڻي به ساڳي آهي. هر ڪنهن جي وات اهائي وائي هوندي ته اسان عظيم قوم جا عظيم فرزند آهيون.اهڙي دعويٰ ڪندي اسان جو ڳاٽ اوچو ٿي ويندو آهي ۽ ٿيڻ به گهرجي. پر جڏهن ”عظيم فرد“ وارا لفظ زبان تي ايندا آهن ته باشعور ماڻهن جون اکيون ڀرجي اينديون آهن ڇو ته اسان مان ڪيترائي ”عظيم فرد“ ته ڇا،پر “معمولي انسان“ به ڪونه آهن. ڇو ته سان اڃا دقيانوسي، مدي خارج ۽ انسان-دشمن روايتن جي زنجيرن ۾ جڪڙيا پيا آهيون. اسان سياسي آزادي جي ڳالهه ڪريون ٿا پر سماجي غلامي جي طوق کي تاج ڄاڻي پائي ڪنڌ کڻي گهمندا رهون ٿا. هيءَ غلامي اسان تي غيرن مسلط ڪانه ڪئي آهي نه ڪي آمريڪين موڪلي آهي ۽ نه وري اسرائيل کان آئي آهي. هيءُ اها باهه آهي. جنهن کي ٻاريو به اسان آهي ۽ جنهن جو ٻارڻ به اسان ئي آهيون. تعليم جي ترقي، نظرياتي شعور ۽ سياسي سوجهه ٻوجهه اسان ۾ ترجي به تبديلي ڪانه آندي آهي. اسان مان هر ڪو ذات-پرستيءَ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو.اڳي چوندا هئا ته ”ڳالهائجي الله لڳ، سوٽو کڻجي ڀاءُ لڳ“ پر هاڻي ڳالهائجي به پنهنجي ذات لاءِ ٿو ۽ ويڙهاند به پنهنجي ذات لاءِ ڪجي ٿي. پوءِ جيڪڏهن حق ۽ سچ عدل ۽ انصاف جي ٻيڙي ٻڏي ته ڪا پرواهه ڪانهي. نظرين ۽ قدرن جي ڀينگ ٿئي ته ان جو ڪو الڪو ڪونهي. پنهنجو ڪک جهڙو هوندو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ لک جهڙو هوندو. پنهنجي ذات وارو گناهه ڪندو ته به ٻي ذات وارن جي نيڪن، متقين ۽ پرهيز گارن کان ويڪ پاڪ هوندو. ذات-پرسيءَ جا ظلم ڏسڻا هجن ته انهن ڳوٺن ۾ وڃي ڏسو، جتي ڪنهن نه ڪنهن ذات جي گهڻائي آهي. اتي باقي ذاتين سان جيڪي ظلم ۽ زيادتيون ٿين ٿا. اهڙن ڳوٺن ۾ ٿورين ذاتين وارن ماڻهن جو حشر اهڙو هوندو آهي، جهڙو انگريزن جي زماني ۾ حرن سان ڪيمپن ۾ ٿيندو هو، جيڪا ذات گهڻائي ۾ هوندي، اها باقي ماڻهن کي ”لڪڻ-راڄ“ پئي سمجھندي. ا نهن جو جيئڻ کي حرام ڪري ڇڏيندي. ايئن جتي به اسان جو تعداد وڌي وڃي ٿو، اتي انسان جي انسان-دشمني وارن گناهن ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو. اسان جي ٻڌي، اسان جو ايڪو ۽ اتفاق ٻين لاءِ آزار جو سبب بڻجي ٿو. اسان ٿورائتي ۽ غير ذات واري کي غلامن جيان ڏسڻ ۽ رکڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ٿا. هاڻي جيڪڏهن سماج جي هڪ ننڍڙي يونٽ-اڪائيءَ ۾ به اسان آزاد، ڀائپي ۽ برابري پيدا ڪري نه ٿا سگهون ته پوءِ وڏي پئماني وڏي آزادي واري خواب جو ڪهڙو تعبيرڪڍي سگهنداسين.

    اڄ چئون ٿا ته سنڌ ڌارين ۽ غيرن جي هٿان غلام بڻجي وئي آهي، ته آهي ڪو اسان کان پڇڻ وارو اسان ان کي ڪيترو آزاد رکيو آهي ۽ اسان پنهنجي سماج ۾ ڪيتري برابري ۽ ڀائپي پيدا ڪئي آهي.

    ذات-پرستيءَ جي گندي سوچ اسان کان قومي شعور ۽ قومي پهچ کيسي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو آهي. هن صورتحال ۾اسان جهڙوڪ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جون ڳالهيون ته ڪيون ٿا، ليڪن ان کان وڌيڪ ڌرتي وارن سان دشمني، دوکو ۽ فريب ڪيون ٿا. اسان جڏهن ٻي ذات سان لاڳاپيل لائق ۽ فائق ماڻهن کي به قبول نه ڪنداسين ته پوءِ”جيها جي تيها، مون مورن مڃيا“ جي منزل ماڻي نه ٿا سگهون، اسان پنهنجي قوم کي قبول ڪري نه ٿا سگهون.

    اڳي انگريزن جي دور ۾ عوامي تحريڪون هلنديون هيون ته ملان، موالي، ڪارڪن ۽ اڳواڻ پنهنجي پنهنجي حساب سان فيصلا ڪندا هئا ۽ فتوائون ڪڍندا يا جاري ڪندا هئا. هن دور ۾ به اسان جي ساڃهه-وند“ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي به” قومي اخلاقيات“ بابت پنهنجا پنهنجا واضح موقف وٺڻاپوندا. انهن سمورين ڌرين کي گهرجي ته اجتماعي فتويٰ ڪڍي، اعلان ڪن ته ذات-پرست سنڌي قوم جو ويري آهي. ان کان سواءِ کين پنهنجي ڪارڪنن ۽ ميمبرن جي اهڙي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪرڻ گهرجي. هيءُ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين سنڌ ۾ ذات پرستي جي بدبوءِ باقي رهندي، ان وقت تائين قوم-پرستي جي خوشبوءِ جو خيال به آڻي نه ٿو سگهجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو