تو بن جاني هي جھان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    انساني تاريخ ۾ مختلف دور مخلتف نالن سان ياد ڪيا ويندا آهن.جڏهن پاڻ نه هونداسين ته پنهنجو دور به ڪنهن نه ڪنهن نالي سان ياد ڪيو ويندو. جيڪڏهن مون کي هن دور تي نالي رکڻ جو اختيار هجي ته آئون بنا ساهيءَ اهو لکان ۽ چوان ته اسان جو دور مفاد پرستيءَ جو دور آهي، جنهن اسان کي لاچار، بي وس، گونگو ۽ ٻوڙو بڻائي ڇڏيو آهي.

    هن دور ۾ پهريون دفعو سياست مفاد پرستيءَ کي پارليامينٽري زبان ۾”افهام تفيهيم“ جو نالو ڏنو آهي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪرسين بچائڻ ۽ نوٽن جا توبرا لڪائڻ ۽ بچائڻ لاءِ ”افهام تفهيم“ ئي ڪيميا جو ڪم ڏئي سگهي ٿي. هيءَ اها ئي افهام تفهيم آهي، جيڪا قاتلن ۽ مقتولن جا فرق ميٽي ڇڏي ٿي ۽ دشمنن سان به دوستي رکڻ جو گر ڏسي ٿي. انهيءَ افهام و تفهيم ۾ محمود ۽ اياز هڪ صف ۾ اچي بيهندا آهن. پر مون پارو اڻ گهڙيو ڪاٺ، جنهن کي ڪڏهن سياست جي ڪاري واءُ نه سٽيو آهي، اهو ائين ئي چوندو ته هيءَ افهام و تفهيم نه، پر مفاد پرستي آهي. ڪنهن کي ڪرسي بچائڻي آهي ته ڪنهن کي دولت بچائڻي آهي. ان ڪري تصوف ۽ اخلاقيات جا زرين اصول آڏو رکي جيئو ۽ جيئڻ ڏيو، جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي ماڻهو مان به زندهه آباد ته تون به زندهه آباد جي منزل ماڻي وڃن ٿا.

    اڳي چوندا هئا ته ڪو وڏيرو پاڻ وڃي ٻئي وڏيري جي چوري نه ڪندو آهي. هاڻي ان ۾ اهو اضافو ٿيڻ گهرجي ته هڪ سياستدان ٻئي سياستدان جو برو نه ڀائيندو آهي، ان ڪري اقتداري ڌر به حق ۽ سچ تي ته اختلافي ڌر به حق ۽ سچ تي، پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري سان رهڻو اٿن.ڀينگ صرف عوام جي ئي ڪبي.

    فقط حاڪم ۽ حڪمران ئي پنهنجن مفادن جا رکوالا ڪونه آهن، پر هتي کوڙيءَکي ئي گهمرو آهي. آفيسر ۽ عملدار هجي، دوست يا دلدار هجي، دانشورن جي دنيا هجي يا قلم-ڌڻين جو ڪڙم قبيلو هجي. مفادن ۽ مفاد پرستيءَ جو واءُ نه گهليو ته همراهن مان ڪيترن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو. ان ڪري عملدار جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ ٻئي جي نوڪري تين وال ڪئي ته ڪا اربعا خطا ڪانه ڪيائين. ان ڪري دوستن يارن جا مفاد پورا نه ٿيا ته منهن مٽڻ ڪو هنن لاءِ مذهبي گناهه نه ٿيو. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن قلم-ڌڻي ڳاڙهي ٻوڙ ۽ اچڻ وڃڻ جي ڀاڙي ڀتي تي ڪنهن ڪانفرنس ۾ پراڻا سر ٻڌايا ته ان ۾ ڏوهه ڪونهي. ان ڪري جيڪڏهن نوڪريءَ جي ڏٽي تي ماڻهن آڪهيون وٺي وڃي ووٽ ڏنا ته هنن جي گهران ڇا ويو؟

    ڪنهن جو ڪجهه نه ويو، پر قدرن ۽ نظرين جي ٻيڙي ٻوڙي وئي، ماڻهپي جو مڙهه رستن تي اڇلايو ويو. حق ۽ سچ جا لاهه ڪڍيا ويا. هنن ۽ ههڙين حالتن اسان کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان تماشو مچائي ويٺا آهيون. ماڻهپي، قوميت ۽ دانشمنديءَ جون کلون لاهي ڇڏيون اٿئون، ڪنهن کي سچ نه ٿا چئون متان پنهنجي مفادن کي ڇيهو رسي، ڪنهن جي مدد نه ٿا ڪريون، متان ڪا ڏاڍي ۽ سگهاري ڌر ڏمرجي نه پئي، منهنجي خيال ۾ موت ايترا ماڻهو نه ماريندو هوندو، جيترو مفاد پرستيءَ ماڻهن جا ضمير ماريا آهن. مفاد پرستيءَ اسان کي زندهه لاش بڻائي ڇڏيو آهي. اکيون آهن پر ظلم نظر نه ٿو اچي. ڪن آهن، پر ڪنهن مظلوم جي دانهن ٻڌڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. دل آهي پر ان ۾ قربانيءَ ۽ ايثار جا آثار نظر نه ٿا اچن. ڪو ڪنهن جو ڪونهي، پر هر ڪو فقط پنهنجو آهي ۽ پاڻ لاءِ آهي.

    جڏهن صورتحال اهڙي آهي ته پوءِ رت جا رشتا ۽ روح جا رشتا ڪٿي نظر ايندا؟ جڏهن فقط ۽ فقط پاڻ لاءِ سوچڻو ۽ لوچڻو آهي ته پوءِ ماڻهن لاءِ، مارن لاءِ قوم لاءِ ڪير سوچيندو؟ هيءَ جو اسان عوام دوستيءَ جا نعرا ٻڌون ٿا، هي جو اسان دانشوريءَجون دعوائون ٻڌون ٿا، هي جو اسان قوم پرستيءَ جون ڳالهيون ٻڌون ٿا، اهي ان ڪري ته اجايو، بي سود ڊاڙون لڳن ٿيون، جڏهن اسان پاڻ مان، پنهنجي ذات مان ۽ ان سان لاڳاپيل مفادن مان جند ڇڏائي نه سگهيا آهيون. اسان چاڪيءَ جا ڏاند بڻجي پنهنجي مفادن جي چئوگرد ته ڦري سگهون ٿا. پر اڳتي وڌي نه ٿا سگهون، ڇو ته اسان جي اکين تي مفادن جون پٽيون ٻڌل آهن. اسان مفادن لاءِ ٻئي جي مفادن کي ته قربان ڪري سگهون ٿا پر مفادن جي قرباني ڏئي نه ٿا سگهون. جيڪڏهن مفادن جي قرباني ڏئي نه ٿا سگهون ته قوم ۽ ملڪ تان ڪهڙي جاني قرباني ڏئي سگهنداسين؟؟

    لاڳاپيل خبرون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو