جواب ڪير ڏيندو…؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مهتاب اڪبر راشدي
    ”رڍُن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا“. اردو محاوري ۾ وري، مينهن اڳيان بين وڄائڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي. مطلب انهن جو ساڳيو آهي ته، جن کي رباب يا بينَ سان واسطو ئي نه هجي، اُهي ان جي سُرن تي ڪهڙي سرهائي محسوس ڪندا. وڄائڻ واري جو ڪهڙو قدر ۽ ان جي فن جو ڪهڙي قدرداني ٿيندي؟ ڇو ته اهي بي زبان جانور ان هُنر ۽ فن جي تعريف ڪرڻ کان قاصر آهن. پر شابس وري رڍن اڳيان رباب وڄائڻ ۽ مينهن ۽ ڍڳين اڳيان بين وڄائڻ وارن کي ڏجي، جيڪي اُنهن کان داد طلب ٿا ڪن، جيڪي ان وصف کان ئي عاري آهن. انهن محاورن کي ٻڌائڻ کانپوءِ، اهو سوچڻو پوندو ته هتي اسان وٽ رڍن ۽ مينهون ڪير آهن ۽ رباب ۽ بينون وڄائڻ وارا ڪير آهن؟ اچو، پهرين ”عوام“ کي اسان رڍون ۽ مينهون ٿا قرار ڏيون، جن کي سندن حڪمران ۽ سندن ئي ووٽن سان اسيمبليءَ تائين پهتل، نمائندا ۽ وزير، کين بي وقوف قرار ٿا ڏين. حڪومت (حڪمران) اهو سمجھڻ کان قاصر آهن ته عوام لاءِ ڪيل زبردست ڪارنامن کي انهن طرفان ڇو نه ٿو ساراهيو وڃي. هنن جي حڪومت ۾ اچڻ سان چئوطرف جيڪو باغ و بهار ماحول آهي، سو هنن سڄين اکين وارن کي ڇو نظر نٿو اچي ؟ هنن طرفان ڪيل امن و امان جي بهترين صورتحال سبب، جيڪي شينهن ۽ ٻڪري ساڳي تلاءَ تان پاڻي پيا پيئن، اُهي ان کان بي خبر ڇو آهن؟ هر شئي ڪيڏي نه سستي ٿي وئي آهي، هر ماڻهوءَ جي پهچ ۾ آهي، پوءِ به هنن جو مهانگائيءَ جو رينگٽ بند ڇو نه ٿو ٿئي؟ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سبب ته، سنڌ جي عورت امير ۽ خوشحال ڪري ڇڏي اٿئون، پوءِ به…..ايڏي ناشڪري؟ اسڪولن ۾ مفت ڪتاب، وقت تي ايندڙ اُستاد، پيئڻ جو صاف پاڻي، کيڏڻ جا وڏا ميدان، قابل استاد، سڀ ڪجهه ته مهيا ڪيو اٿئون، پوءِ به رڙيون؟ ٿر ۾ ڇا نه ڪري ڏنو اٿئون….ڊاڪٽرن جون قطارون….ڪڻڪ جون ڀريل ٽرڪون….ڪراچيءَ جي اسپتالن کان بهتر اسپتالون، هاڻي جي ان ۾ ڪڏهن ڪڻڪ جي ڪا ٻوري خراب نڪري پئي ۽ ڪا دوا مُدي خارج اچي وئي ته ايڏي گوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، آخر هن ناشڪري عوام کي سمجهه ڪڏهن ايندي ته اسان کان وڌيڪ هنن جو خير خواهه ٻيو ڪوئي ڪونهي. پارٽيءَ جي شهيدن جي قربانيءَ جي ڪري سنڌ جو ”ٽينڊر“ هنن جي ئي نالي نڪتو آهي ۽ ٺيڪو به سندن کنيل آهي. آخر عوام ويندو ڪيڏانهن ؟.

    ٻئي طرف، عوام پنهنجون بينون ۽ رباب کنيون، حڪمرانن آڏو بيٺو آهي اهو ئي راڳ پيو ڳائي ته، مهرباني ڪري، پنهنجين اکين تان اَنڌ جي عينڪ لاهيو ۽ ڏسو ته، اصل صورتحال ڇا آهي. رڳو اُهو نه ٻڌو، جيڪو ٻڌڻ ٿا چاهيو، اُهو نه ڏسو، جيڪو ڏسڻ ٿا چاهيو. هتي سڀني جا ڪم لهي چڪا آهن، بک، بدحالي، بيماري ۽ بي روزگاري، اسان جا گهر ڏسي ڇڏيا آهن. اهي راڳ ڳائي ڳائي اسان ڇتا ٿي ويا آهيون. ٻڌو ڇو نه ٿا؟ ڪُڇو ڇو نه ٿا؟

    اسيمبليءَ ۾ جيڪڏهن ڏهن يارهن، مخالف پارٽي جي ميمبرن کي به ڳالهائڻ جو حق ناهي ڏيڻو ته پوءِ اهو جمهوريت جو ڍونگ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ موجود سڀ مسئلا حل ٿي ويا آهن ته پوءِ حڪمران پارٽيءَ کي پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جيڪڏهن حڪومت آبادگارن جي حق کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ رڳو انهن جا پيٽ ئي ڀرڻا آهن، جن جي لاءِ حڪومتي پارٽي جا ميمبر سڄي لعنت ۽ ملامت کڻڻ لاءِ تيار آهن. ته پوءِ ڪنهن ڊرامي ڪرڻ جي بجاءِ، ظاهر ظهور ڇو نٿا چون ته ڪجهه نه ٿيندو، ڀلي مٿو وڃي ڀت سان هڻو. لڳي ٿو ته سنڌ کي ته ڪو پاراتو پلئه پئجي ويو آهي جو سندس مٿان آيل مصيبت يا مصيبتون ٽرن ئي نه ٿيون، پر اِهو چوڻ ته صحيح آهي ته پنهنجي وَڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب-جيڪي فيصلا ماڻهن جا پنهنجا ڪيل آهن، انهن کي واپس به کين ئي ورائڻا آهن. حڪومت ۽ حڪمرانن مان اميد رکڻ اجائي آهي. ڇو ته هو بادشاهه سلامت آهن، جمهوريت رڳو عوام کي ڀنڀلائڻ وارو رانديڪو آهي، هنن لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام اِهو ٿيڻ کپي، جڏهن ٽي وي تي سکر جهڙي شهر جا اُهي رستا ۽ گهٽيون ڏيکاريون ويون، جن ۾ سيوريج جو پاڻي ائين پئي هليو، ڄڻ ته ڪا تازي برسات وسي بس ٿي هجي ۽ مينهن جي پاڻيءَ کي ڪو نيڪال نه ملندو هجي. خبر اها به پئي ته، اهو گندو پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. نساسڪ جهڙا پروجيڪٽ آڻڻ وارن ۽ اُتر سنڌ جي شهرن مٿان ٿاڦڻ وارن کي مبارڪون. ٻڌو اٿئون ته انهن پروجيڪٽن جي وڏن آفيسرن جون پگهارون ڏهن لکن کان گهٽ ناهن. باقي رهيو گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارو سرشتو، سو لاڙڪاڻي واري شهر جو ئي نه سڌري سگهيو، جنهن کي ٽي دفعا وزيرِ اعظم هڪ دفعو وزيرِ اعليٰ ۽ گورنر به مليا. پر شهر جي اُهائي ڀينگ رڳو برسات جون ٻه ڦڙيون ڪرن، شهر گهمڻ ڦرڻ کان لاچار، ڏينهن ۾ گند جو ڍير ۽ رات ۾ ڌٻڻ بڻجي ويندو. سو سکر ۽ باقي ٻيا شهر ڪهڙي کاتي ۾ آهن. ننڍا شهر ته ويچارا هونئن به ڪنهن کاتي ۾ ئي ناهن. اُتي انسان نه، بلڪه رڍون ۽ ٻڪريون رهن ٿيون، جيڪي نه ڪُڇن نه پڇن، جيڪڏانهن هڪليون، اوڏانهن هڪلجي ٿيون وڃن.

    اڄ ڪلهه ٽي ايم اوز (ٽائون ميونسپل آفيسرز) جو وڏو ذڪر ۽ لَئهِ آهي. سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ته هڪ خواب مِثل آهن، ڪو وڏو پهاڙ آهي جنهن کي سَر ڪرڻو آهي، ان ڪري سڀني مسئلن جو حَل اهو ان ٽي ايم او، ۾ ڳولهيو ويو آهي، ان پوسٽ تي اچڻ وارو ڪو وڏو ”هديو ڏئي، وڏي سفارش هڻائي، ڪٿي نه ڪٿي جو ٽي ايم او ٿئي ٿو ۽ پوءِ اُهو، پاڻ“ اي ٽي ايم مشين“ جو ڪم ڪري ٿو. پر ان مشين مان نڪرندڙ پيسن ۾ ان ميونسپل جي ملازمن لاءِ ڪجهه به ناهي. ڇهن مهينن کان وٺي سال تائين پگهارون ندارد باقي حد جو ايم اين اي، ايم پي اي يا وري بدقسمتي سان ڪو وزير به اُتان جو نڪري پيو ته انهن جي خدمت ۾ سڀ ڪجهه پيش ڪرڻو آهي. وڏين گاڏين کان وٺي، ننڍين خدمتن تائين.اهي ڳالهيون ۽ بدعنوانين جون ڪهاڻيون جيڪڏهن هر ڪنهن جي زبان تي آهن ته ڇا انهن جو تدارڪ نه ٿيڻ گهرجي؟ باقي اسيمبليءَ ۾ ويهي ڪنهن تي ڇٿرون ڪرڻ يا ڪاري ڪانوَ چوڻ سان، حڪومت جا ڪارا ڪارناما اڇا ڪونه ٿيندا. حڪومت ٻيو ڪجهه نه به ڪري، رڳو پنهنجي سيڪريٽري تعليم جي ان بيان تي ئي هوش ۾ اچي، جنهن ۾ هن فرمايو ته ”اڻ ڳڻيا اسڪول بند آهن، تعليمي هدف پورا نه ٿي سگهيا آهن، ۾ سڀ ننگا آهيون“. هن سڀني کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ جي ته تلقين ڪئي آهي. پر ان کان علاوه استادن جي نگرانيءَ لاءِ وري ڪنهن ”مانيٽرنگ“ سسٽم جي ڳالهه ڪئي اٿائين. جيڪا في الحال مونکي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ته استاد کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرائڻ لاءِ وري مٿان ڪو ٽيون ماڻهو هوندو، جيڪو ٻڌائيندو ته استاد اسڪول ۾ آهي به يا نه؟ جي ائين آهي ته پوءِ اسڪول جو هيڊ ماستر، تعليم کاتي جو سُپروائيزر، ايس ڊي او، اي ڊي او….هي سڄي اي بي سي ڊي وارا آفيسر ڪهڙو ڪم ڪندا جو مانيٽرنگ وري ٻيو ڪوئي ڪندو؟

    مطلب ته…..بس چا ڇئجي، پاڻي مٿي کان لنگهي ويو آهي. الله ٻيڙو پار ڪري. حالتن جي سڌرڻ جا آثار گهٽ ٿا نظر اچن. اهڙين حالتن ۾ مرحوم علي احمد بروهيءَ جي اها ڳالهه ياد ايندي اٿم، جيڪا هو اڪثر ٻڌائيندو هو ته، ڪي اهڙا به ساهه وارا يا گروهه ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن موقعي تي مايوس ٿي گڏ جي خودڪشي ڪندا آهن. سو لڳي ٿو ته، اسان به ڪنهن اهم مهم تي نڪتل آهيون، هڪ ٻئي کي ٻڌايون ڪونه ٿا، پر پنهنجن پرڪارن ۾، اها گڏيل خودڪشيءَ جي ڪوشش آهي. جيڪا اسان لاشعوري طور تي ڪيون پيا. جنهن قوم جي تعليم تباهه، صحت تباهه، انتظام تباهه، شهري ادارا، مڪاني ادارا تباهه، دريائن کان نڪرندڙ واهن جو پاڻي چوري، ٻيلن جي ڪچي واري زمين تي قبضو، سرڪاري زمينون ڀُڳڙن مٺ وڪرو، اسپتالن ۾ ڏنل دوائون مدي خارج، پاڻي ناياب ۽ انصاف ناپيد ۽ حڪمران پڇاڻي کان مٿي هجن ته پڪ ڄاڻو اُها قوم ۽ معاشرو اجتماعي خودڪشيءَ طرف ئي وڃي پيو.

    پر اُهي حڪمران جيڪي اقتدار جي تمنا ۾ زمين آسمان هيٺ مٿي ڪري، ان کي حاصل ٿا ڪن ۽ ان کي ذريعو ٿا بڻائڻ، پنهنجي لاءِ مال ميڙڻ جو انهن ٽي وي تي سعودي عرب جي شاهه عبدالله جو لاڏاڻي جو منظر ضرور ڏٺو هوندو. اُهو جيڪو، دنيا جو امير ترين ماڻهو هو، جنهن کي صحت جون بهترين سهولتون حاصل هيون پر سندس بي پناهه دولت به هن کي صحت موٽائي نه ڏني، سندس عمر دراز نه ٿي سگهي. آخر ۾اها خاڪ وڃي خاڪ سان ٿي ملي، اها مال و دولت، دنيا ۾ رهجي ٿي وڃي. ان دولت کي ميڙڻ لاءِ اِلائي ڇو اديا خواري ٿي کڻجي. نالو ته آخر م وري به پالڻهار جو رهڻو آهي ۽ ڳائبو به رڳو چڱو عمل، اها مال و دولت ته اِتي ئي رهجي ويندي.

    ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي ماحول ۾ خوب گرما گرمي اچي ويئي آهي. نوان پکي ميدان ۾ لهي آيا آهن ۽ اسيمبليءَ ۾ به ظاهر ٿيا آهن ۽ سنڌ جي هڙني مسئلن جي حل لاءِ ڀائي جان جي سُر ۾ سُرُ ملائيندي ”مارشل لا“ جو نسخو تجويز پيا ڪن. ان تي ڪهڙو تبصرو ڪجي. هڪ شعر جو مصرعو پيش آهي.

    ”وه حبس هي که لُو کي دُعا مانگتي هين لوگ“

    ڇا واقعي سڀني بيمارين لاءِ صحتيابيءَ جو بس اهو ئي نسخو آهي.؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو