جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
يوسف شاهين
الا، اڄ نه اسان سين، سوڍو سيَڄ- ڌڻيٰ
ڪيڏا سُور کڻي، پيهي هليو پرينءَ ڏي!
O
سوڍو رهيو نه ساٿَ سين، اُسهيو پرينءَ پنڌُ
لوڪ ڪارڻ ڪَنڌُ، ڪڍي ڏنائين ڪانئرَ کي.
O
سوڍو رهيو نه ساٿَ سين، اُسهيو پرينءَ پار
ساڄنَ سڀ ڄمارَ، ساريان توهجي ساٿَ کي.
O
هَڻي صدا سِرَ جي، آيو ڪير اويرَ
ڦاهيءَ پوندا ڦير، ويري ايندو وَرَ ۾.
O
ويهي پِٽيو پاڻَ ۾، سامائجي سُورن
پيا منجهه پُورن، ته رَتو ڪيئن راس ٿئو.
O
وِجهي مُنهن مونن ۾، ويٺو ڪري بَڪَ
سوڍو سوريءَ چڙهيو، پوءِ به ناهِ پَڪَ
ويري وجهي چَڪَ، ته مرَڻَ وارو ڇو نه مئو.
O
وجهي مُنهن مونن ۾، چوي وڏي واڪ:
”رهڻي اِهائي راتِ، ڀَل ته ڪَڙهي ڪاڪ“
مرون رَتَ پياڪ، ڪڏهِ ويندو ڏيهه مان
الا، اڄ نه اسان سين، سوڍو سيَڄ- ڌڻيٰ
ڪيڏا سُور کڻي، پيهي هليو پرينءَ ڏي!
O
سوڍو رهيو نه ساٿَ سين، اُسهيو پرينءَ پنڌُ
لوڪ ڪارڻ ڪَنڌُ، ڪڍي ڏنائين ڪانئرَ کي.
O
سوڍو رهيو نه ساٿَ سين، اُسهيو پرينءَ پار
ساڄنَ سڀ ڄمارَ، ساريان توهجي ساٿَ کي.
O
هَڻي صدا سِرَ جي، آيو ڪير اويرَ
ڦاهيءَ پوندا ڦير، ويري ايندو وَرَ ۾.
O
ويهي پِٽيو پاڻَ ۾، سامائجي سُورن
پيا منجهه پُورن، ته رَتو ڪيئن راس ٿئو.
O
وِجهي مُنهن مونن ۾، ويٺو ڪري بَڪَ
سوڍو سوريءَ چڙهيو، پوءِ به ناهِ پَڪَ
ويري وجهي چَڪَ، ته مرَڻَ وارو ڇو نه مئو.
O
وجهي مُنهن مونن ۾، چوي وڏي واڪ:
”رهڻي اِهائي راتِ، ڀَل ته ڪَڙهي ڪاڪ“
مرون رَتَ پياڪ، ڪڏهِ ويندو ڏيهه مان