قاسم دائود عباسي اسان جي هن بي حس سماج ۾ ،جتي قتل وغارت گري،چوريون،ڦريون ڌاڙا، قبضه گيري ،داداگيري ۽ پيداگيري جهڙا عنصر روز به روز وڌنڌا ۽ هڪ مافيا جي شڪل وٺندا وڃن ٿا،هن سماج ۾ جتي هڪ مزدور ،هاري،ڪمي ڪاسبي جي حق تلفي ته زمانن کان هلندي اچي ۽ مزدور طبقو ظلم ۽ زيادتيون سهندو ۽ ناانصافين جا ڀاري بار کڻندو پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي مستقبل ۾ ڪنهن چڱائي جي اميد ۽ آٿت تي جياريندو اچي ٿو، اتي اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن سان اهڙيون زيادتيون ڏسندي،دل ڍنڍڪرون ڪري روئي ٿي. پڙهيل لکيل بيروزگارن سان انياءُ ڪرڻ ۾، جتي وقت جون سرڪارون،وڏين وڏين فيڪٽرين جا مالڪ،وڏن خانگي ادارن جا سربراه اڳرائي ڪري رهيا آهن،جن وٽ ڪو به غريب لا۽ قياس ۽ رحم ڪونهي،جي فڪر آهي ته پنهنجي ٽجوڙين ڀرڻ جو، مال ميڙي وڏا وڏا محل ماڙيون اڏائڻ جو،بينڪ بئلنس وڌائڻ جو،لنڊن ،دبئي ۽ سعودي ۾ شاپنگ مال ۽ هوٽل کولڻ جو.هنن کي ڪنهن به غريب جي جهوپڙي جهرڻ جو جهوراڻو ڪونهي. شايد هنن ڪڏهن ڪنهن غريب جي بکايل ٻار جون دانهون ۽ عرش پنهنچندڙ آهون ناهن ٻڌيون،هنن سدائين رڳو پنهنجي ٻارن جا خوشي سان ڀريل ٺهڪ ٻڌا آهن. ان سڄي معاشي ڊڪ ڊوڙ ۾،غريب پڙهيل لکيل بيروزگارن سان ظلم ۽ زيادتي ۾ ،لاڙڪاڻي جي ڳلي ڳلي ۾ موجود پرائيوٽ اسڪول جي مالڪن به پنهنجي وسان هر گز ناهي گهٽايو. پرائيويٽ اسڪولن جا مالڪ جهڙي طرح غريب ،بي پهچ ۽ ِ هوشيار پڙهيل لکيل ماڻهن جي بيروزگار هجڻ جو بي انت ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن ،انهن جي ان حال کي ڏسي هردرد مند جي دل تڙپي ٿي،هر حساس ماڻهو جون اکيون آليون به ضرور ٿين ٿيون . لاڙڪاڻي جو شهر جتي سياست ،ادب، ثقافت جي لحاظ کان اڳرو آهي، اتي هن شهر جا ماڻهو تعليم جي ميدان ۾ به نهايت خوبصورت نموني سان پاڻ ملهائي رهيا آهن. ايم اي ۽ ايم ايس سي پاس پڙهيل لکيل نوجوانن جي گهڻائي بيروزگار هجڻ جي ڪري هتان جي پرائيويٽ اسڪول جا مالڪ انهيءَ ڳالهه جو فائدو وٺندي ،جڏهن ايم اي ۽ ايم ايس سي پاس نوجوانن کي پنهنجي اسڪولن ۾ پڙهائڻ لا۽ مقرر ڪن ٿا ته انهن کي وڌ ۾ وڌ 2500 کان 3000 تائين ماهوار پگهار ڏين ٿا، وڏي تعجب جي ڳالهه ته اها آهي ته استاد جي پگهار ۽ اسڪول ۾ موجود پٽيوالي جي پگهار هڪ جيتري آهي يعني پٽيوالي ۽ استاد جي پورهئي ۾ ڪو فرق ئي نه ٿو ڪيو وڃي. جڏهن ته ساڳيا اسڪول جيڪي ملازمن کان معمولي پگهار تي ڪم وٺن ٿا،اهي ئي اسڪول جا مالڪ داخلا ۽ ماهوار فيس انتهائي ڳري وٺندي هر گز نٿا ڪيٻائن. ڪافي اسڪول ته اهڙين ننڍين جڳهن ۾ ٺهيل آهن جو انهن کي ڏسي هڪ سجاڳ ذهن ماڻهو جي حيرت جي حد نٿي رهي ته آخر هنن مالڪن کي سرڪار طرفان اسڪول کولڻ جي اجازت ڪهڙن اصولن کي سامهون رکندي ڏني وئي آهي،جتي نه ڪو فرنيچر جو معيار آهي، نه ڪا پراپرليباريٽري نه ڪا لائبريري. گهڻن اسڪولن ۾ موجود ڪمپيوٽر اڃا تائين پراڻي زماني وارا يعني پينٽيم 2 ۽ 3 آهن، سي به خراب حالت ۾.لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪافي اهڙا پرائيويٽ اسڪول به آهن،جيڪي هڪ ڪمري ۾ ٻه ڪلاس هلائن ٿا، اهڙن اسڪولن ۾ به شاگردن جا هجوم آهن. ڪافي اسڪولن جون تمام وڏيون عمارتون آهن،جڏهن توهان انهن جي اندر قدم رکندا ته توهان کي هنن جون عاليشان ۽ خوبصورت عمارتون ئي من موهي وجهنديون،اهي اسڪول وري شام جو پنهنجي ڪلاسن ۾ شاگردن کي ٽيوشن به ڏين ٿا،چند پراڻا ڪمپيوٽر رکي ڊي آءِ ۽ ٽي سي آءِ جا ڪمپيوٽر ڪورس ڪرائن ٿا.اهڙن اسڪولن ۾ گهڻي ڀاڱين اميرن جا ٻار پڙهن ٿا،جن کان ڳريون فيس ورتيون وڃن ٿيون ٰ۽ امير والدين خوشي سان ڏئي ڇڏن ٿا،پر انهن اسڪولن ۾ به استادن جي عظمت ۽ احترام جو ڪو خيال نه ٿو رکيو وڃي، اهڙن اسڪولن جا مالڪ به دل و جان سان پڙهائيندڙ استادن کي 3000 کان 4000 تائين مس ماهوار پگهار ڏين ٿا. اهڙن اسڪولن ۾ استادن کان گهڻا سبجيڪٽ ۽ پيرڊ وٺرائڻ سان گڏوگڏ انهن کان اسڪول جي شاگردن جا سرٽيفڪيٽ به ٺهرايا وڃن ٿا،۽ انهن کان اسڪول جا ٻيا ڪم ڪار به ورتا وڃن ٿا،جيڪي ڪم انتظاميا کي ڪرڻ گهرجن .وڏي ڳالهه ته انهن اسڪولن ۾ ڪابه سرڪاري پڇا ڳاڇا ناهي،نه ئي ڪنهن سرڪاري اصول کي پنهنجو ڪيو ٿو وڃي،سرڪار گهٽ ۾ گهٽ هڪ مزدور جي پگهار ڏهه هزار مقرر ڪئي آهي، پر هتي ته ان جي ابتڙ پيو ٿئي، شايد هتي ڪو قانون،ڪو اصول ڪونهي،هر ڪو پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي،جيئن وڻي تيئن ڪري. منهنجي راءِ آهي ته سنڌ جو تعليم کاتو سنڌ سرڪار پاران ” گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي مقرري“ واري قانون هيٺ پرائيويٽ اسڪولن ۾ استادن جي پگهار جو قانون لاڳو ڪرائڻ لاءِ ضروري لکاپڙهي ڪري ته جيئن استادن ۾ پڙهائڻ جي پاسي وڌيڪ شوق پئدا ٿئي