جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن
سڄي دنيا ۾ عجيب غريب طرح جا ٽيڪس عوام تي مڙهيا ويندا آهن پر ٻه ملڪ اهڙا به آهن جتي ڍڳيءَ جي ”گيس“ ڇڏڻ تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ان جو سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته جسم مان نڪرندڙ زهريلي گيسن جي ڪري دنيا جو گرمي پڌ وڌي رهيو آهي ۽ ماحول خراب ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري آسپاس جا ماڻهو اهڙي ٽِيڪس تي آزار ۾ ورتل آهن، يورپ جي ٻن ملڪن آئرلينڊ ۽ ڊئنمارڪ جي هر ان هاريءَ کي ترتيبوار اهو ٽيڪس هر جانور جي حساب سان ڏيڻو پوندو آهي، جنهن وٽ چوپايو مال هوندو آهي ۽ اهو ٽيڪس هر ڳئون تي 18 ڊالر (1800 پاڪستاني رپيا) لاڳو آهي. اهڙي قدم کي يورپ جي ٻين ملڪن به ساراهيو آهي ۽ هو مستقبل ۾ ان قانون تي عمل جا خواهشمند آهن.