سنڌ وڪري لاءِ ناهي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ڊاڪٽر ايوب شيخ

    [​IMG] هڪ زمانو هئو جڏهن عدالتون 1977ع جنرل ضيا الحق سان اتحاد ڪري ويٺيون هيون ۽ هر ننڍو وڏو جيڪي سمجهه ۾ ايندو هئن، اهو عدالتن تي ڦهڪائي رکندا هيا. پاڪستان ۾ جيڪڏهن عدالتن جي باري ۾ عوام کي ”ڪالاباغ ڊئم“ جي خبر هجي ها ته اڄ پاڪستان ئي ٻيو هجي ها. اها جاڳرتا عوام ۾ ڪيتري آهي ان جو ماپو جيڪڏهن 10 هجي ته عوام کي 1 کان مٿي ڪابه خبر ناهي. اها به سياست ۽ سياستدانن تي ٿيل ڪيسن جي ڪري. پاڪستان جو ”سياسي“ ۽ ”نيم سماجي“ نظام گهڻو ڪري سياست ۾ سمجهه رکي ٿو. معيشت جي باري ۾ به گهڻا زمانا پوءِ خبر پئي ته اصل ڳالهه ئي اها آهي، باقي سڀ شيون ان جي ڪُک مان نڪرن ٿيون. عدالتن جي باري ۾ اها جاڳرتا سياستدانن مٿان سچا ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ ڪري، سياستدانن پاران ڪورٽن جي اصليت بيان ڪرڻ ڪري انهن تي لقب چاڙهڻ جي ڪري ۽ مختلف اهم ترين منصف ۽ جج هئڻ ڪري اها جاڳرتا وڌي آهي.

    مثالطور: جسٽس دراب پٽيل، جسٽس فخرالدين جي ابراهيم جهڙا انصاف پسند جج يا جسٽس منير احمد، جسٽس خليل رمدي، جسٽس افتخار چوڌري، جسٽس ناصر اسلم زاهد وغيره جهڙا ميڊيا ۾ تمام وڏي جڳهه والاريندڙ جج ان عدالتي سسٽم جي مشهوريءَ جو خاص سبب بڻجندا رهيا آهن. پر انهن سان گڏ جسٽس سجاد علي شاهه جهڙا جج به ان تشهير جو سبب بڻجندا رهيا آهن، جڏهن نواز ليگ سرڪار جي اهم ماڻهن جي اڳواڻيءَ ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو ويو هئو.

    دنيا ۾ به عدالتن جي باري ۾ به مختلف رويا موجود آهن.

    ميڪسيڪو ۾ چوندا آهن ته : ”ميڪسيڪو کي اسڪول گهرجن، ڳوٺاڻي ترقي گهرجي، آزاد عدالتون کپن ۽ وڏا وڏا هٿيار نه ٿا گهرجن“ آميريڪي جج ”روز برڊ“ چيو هو ته : عدالتون ڪڏهن به مشهور خيال جي پٺيان ڊوڙي اهڙا فيصلا نه ڪن. اسان حقن جا محافظ آهيون ۽ اسان کي عوام کي اهي ڳالهيون ٻڌائڻ گهرجن جيڪي هو ٻڌڻ نه ٿا چاهين“ هن ٻئي هنڌ چيو هئو ته ” منهنجو ڪم اهو ناهي ته سياستدانن کي منهنجون ڳالهيون وڻن. پر منهنجو ڪم هي آهي ته آئين پٽاندڙ حقن جي جيڪا تشريه ٿيل آهي انهن جي حساب سان فيصلو ڪريان، پوءِ ڀلي ڪنهن کي اها ڳالهه وڻي يا نه وڻي“ برما جي عوامي اڳواڻ آنگ سان سوچي چيو آهي ته ” عدالتون مضبوط ٿيڻ گهرجن ۽ اهي ڪنهن به سياسي مداخلت کان آزاد هجڻ گهرجن“ هڪٻئي موقعي تي هن چيو ته ” برما ۾ عدالتون آزاد ناهن. اها ڳالهه هر ٻار ٻڍي کي خبر آهي“. آميريڪي جج ”رواءِ موور“ چيو آهي ته ” مون کان جج جي حلف کڻڻ مهل ٽي دفعا پڇيو ويو ته ڇا مان خدا تي يقين رکان ٿو. جي ”نه“ چوندس ته پوءِ چيف جسٽس ٿي نه سگهندس، سو مون چيو ته ”ها“ !!پر هن ڀيري عدالتن جا باقي سمورا حساب ڪتاب ”فوجي عدالتن“ جي ڪري ماٺا ٿا لڳن، اهو محسوس ڪيو پئي ويو ته هاڻي عدالتون ” جي حضوري“ ۾ پنهنجي باقي وقت ڪاٽڻ تي مجبور هونديون. شايد هو اها سوڙهه محسوس به ڪندا هجن پر ان سڄي ماحول ۾ ”سنڌ سرڪار“ جنهن نموني عدالت جي دل تي چڙهي پئي آهي، اها لهڻ جو نالو به نه ٿي وٺي. اها خبر ڪنهن کي به ڪانه هئي ته عدالتون سنڌ سرڪار جي واسطي ايڏا رمارڪس ڏينديون ۽ ان سان ايڏا پرابلم پيدا ٿيندا. ان سڄي ڳالهه جو ڇيهه 22 جنوري 2015ع جي اخبارن ۾ سپريم ڪورٽ جي مختلف سينئر ججن جهڙو جواد ايس خواجا ۽ ٻين ته ايستائين چئي ڇڏيو آهي ته ” سنڌ سرڪار اڳي نمبر ون سرڪار هوندي هئي، هاڻي لڳي ٿو ته کين سرڪار هلائڻ ئي ڪانه ٿي اچي، جي انهن کي سرڪار هلائڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانهي ته پوءِ اسان کين سرڪار هلائڻ لاءِ ماڻهو موڪلي ڏيئون ڇا؟“

    ان ڏينهن تي سپريم ڪورٽ جي ججن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار جا قانوني آفيسر ڪنهن به طريقي سان سنڌ سرڪار جي مامرن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار ڪٿي به نظر نه ٿي اچي ۽ جيڪڏهن آئينده مناسب مدد نه ملي ته هر ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي طلب ڪنداسين. ان هدايت تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ فتح ملڪ خاطري ڪرائي ته آئينده عدالت کي مدد فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڪابه شڪايت نه ملندي. قابل وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن.

    سنڌ سرڪار جا مختلف کاتا مسلسل تنقيدن جو نشان بڻجندا رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪڏهن به قانون واري وزارت ان حوالي سان عدالتن ۾ تنقيد يا ڪنهن رمارڪس جو نشانو نه بڻي آهي. اها شروعات آهي، ان مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته عدالتن جا جج صاحبان سنڌ سرڪار جي قانوني مشيرن ۽ عدالتن ۾ سهڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي کان ايترا ته عدم تسلي جا شڪار آهن جو هنن سنڌ سرڪار کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي ته جي انهن ۾ سڌارو نه آيو ته پوءِ سڄو بار ائڊوڪيٽ جنرل کي ئي کڻڻو پوندو.

    ٻئي ڏينهن تي جڏهن سرڪاري وڪيل وري ساڳي لاٽون ۽ ساڳي چگهه سان پهتا ته جج محترم چڙي پيو ۽ چئي ڏنائين ته ” فتاح ملڪ ايڊوڪيٽ جنرل کان به ڪم نه هليو ته پوءِ سنڌ جي وڏي وزير کي گهرايو ويندو ته اهو اچي هر ڳالهه جو جواب ڏئي“ اها ڳالهه محسوس ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ سرڪار جي سراسري فعاليت ۽ عملي ڪارڪردگي جي بنياد ۾ ڪنهن هڪ هنڌ جيڪا ”خرابي“ موجود آهي ان کي ختم ڪرڻ کان سواءِ دنيا مٿان کان هيٺ بدلي ٿيندي ته به ”گل محمد اتي جو اتي“ وارو قصو موجود رهندو. ان پس منظر ۾ قانون واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري جنهن جي اهليت ڪڏهن به سواليه نه رهي آهي تنهن آڏو سندن آفيسرن جي نااهليءَ جي ڪري اهو سوال سامهون آيو آهي جنهن کي جيترو جلد حل ڪبو، اوترو ان جا فائدا ۽ هاڪاري اثر وڌيڪ ۽ جلد ظاهر ٿيندا.

    اصل ڳالهه هي آهي ته سنڌ سرڪار جو انتظامي ڍانچو ويهجي ويو آهي. ڪابه جاءِ جڏهن پاسيري ٿيڻ يا آئٽجڻ جي ويجهو هوندي آهي ته اول ان عمارت جون ڀتيون پنهنجي جاءِ تان سُري بيهنديون آهن. آهستي آهستي ان ڍانچي جي ”تمت بالخير“ پڙهي ويندي آهي. ان جو بنيادي سبب اهو ناهي ته ڪو ان کي صديون گذري ويون ۽ زنگجي ويو، پر ڳالهه هي آهي ته ڪي ”غيرضروري“ ڪم جيڪي هر سسٽم هڪ ٿوري مقدار ۾ هضم ڪري ويندو آهي. پر هاڻي جيڪي به وزن، بار، ٻوجهه ۽ ناجائزين جا تهه هن سسٽم تي وڌا ويا آهن سي، ان جي وت کان ۽ عوام جي سمجهه کان مٿي آهن. اهي آفيسرن جي سمجهه کان به بالاتر آهن. آفيسر هڪٻئي کان پڇن ٿا ته ” آخر اهو سڀ ڪجهه ڪيسيتائين؟“

    سنڌ ۾ ڪئين کاتا اهڙا آهن جيڪي وزيرن کان خالي آهن، ڪئين کاتا سيڪريٽرين کان خالي آهن. ڪيئي سيڪريٽري ” آفيسراڻي عزت“ بچائي کاتي مان جند ڇڏائي گهر ويٺا آهن. ڪيترا وري سنڌ مان پاڻ جلاوطن ٿي ٻين صوبن ۾ ويٺا آهن. ڪي وري مال کائي، کڻي ڪئناڊا روانا ٿي چڪا آهن. بلوچستان ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ اهم آفيسر چيو ته ” هاڻي بار نه ٿا رکن، پر بار سميت اُٺ ئي مٿان ٿا چاڙهين ته اهو بار اٺ سوڌو کڻو“ سنڌ ۾ خود احتسابي ”ڊرامي برابر“ به ڪانهي. هر کاتي جو صاحب، صاحبائون ۽ سمورا دولت جي ليليٰ پٺيان ديوانن ۽ مجنون وانگر گگون ڳاڙيندا پنهنجا پراوا لٽيندا، لتاڙيندا اتي پهتا آهن جو ڪنهن هڪ کي چئجي ٿو ته ”او ! هن کي ڏس ، مون کي ڇو ٿا چئو؟“ اول ان کي روڪيو ته پوءِ مون سان ڳالهايو.

    اڳي سماج ۾ سڌارن جي شروعات پاڻ کان ٿيندي هئي. هاڻي هرڪو ٿو اشارو ڪري چوي ته ” هن جيڪا ڀينگ ڪئي، اول اها روڪيو ته پوءِ مان حاضر آهيان“

    ان سڌاري واري چرخي جي ڪري عدالتون وچ ۾ پيون آهن. عدالت جي سامهون ”هي“ به آهي ته ”هو“ به آهي. جي بنا فرق جي ڪئين اهم ڳالهيون جيڪي ماڻهو ٻڌڻ جا عادي ناهن، اهي جج ڪري ويا، جي ڪئين فيصلا جيڪي اڳي نه ٿيندا هئا، اهي ٿي ويا ته پوءِ سنڌ سرڪار کي پنهنجي جيئاپي لاءِ ڪي نوان اسلوب اپنائڻا پوندا، ڪي نوان فيصلا ڪرڻا پوندا، ڪي سخت ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. جنهن کي جيڪو ڪم اچي ٿو ان کان اهو وٺڻو پوندو. سڀ کان اول ”سنڌ وڪري لاءِ آهي“ جو بورڊ دلين، دماغن، اخبارن، روايتن ۽ طريقن مان هٽائڻو پوندو. اهو سنڌ دوست سرڪار لاءِ ڪرڻ واسطي سولو ڪم آهي. اهو سنڌ دوستي جو سڀ کان وڏو ڪم آهي. شايد هن دور ۾ سنڌ سرڪار جي ”سنڌ دوست“ هئڻ جي ان کان وڏي آزمائش ان کان اڳي زماني نه ورتي هئي. اها آزمائش رڳو سنڌ دوستن لاءِ سولي آهي. باقي ته ڪم گهڻو ڏکيو آهي. اول اٺ لاهڻو پوندو ۽ پوءِ اٺ تي پيل بار لاهڻو پوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو