سنڌو ماٿر جو دراوڙي دور

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد

    سجاد حيدر علي قادري


    [​IMG]

    آرين جي زبان سنسڪرت هئي ۽ سنسڪرت زبان ۾ به دراوڙي زبانن جا بيشمار لفظ، (مثال طور تي، مڪت معنيٰ موتي، ڪٽيا معنيٰ جهونپڙي ۽ نير معنيٰ پاڻي وغيره) شامل ٿي ويا. بشپ ڪالڊويل پنهنجي ڪتاب، ”دراوڙي زبان جوگرامر) ۾ تقريباً ٻارنهن صفحن تي مشتمل هڪ باب شامل ڪيو آهي جنهن ۾ دراوڙي زبانن جا اهي لفظ ڄاڻايل آهن جيڪي سنسڪرت ۾ شامل ٿي ان جو حصو بنجي چڪا آهن.

    هندو ڌرم جو هڪ ٻيو عقيدو، آواگون يا جنمن جو نظريو آهي جنهن موجب هر ڪنهنن مرڻ واري کي سندس ڪرمن (اعمالن) موجب نئون جنم ملندو آهي. ڪيترن ئي محققن موجب آواگون جو نظريو پڻ دراوڙ Mythology مان ورتل آهي، ڇو ته رگ ويد ۾ (جيڪو آرين جو سڀ کان مقدس ڪتاب آهي) آواگون جو ڪوبه ذڪر نٿو ملي. اها ڳالهه ان شئي کي ثابت ڪري ٿي ته آواگون جو نظريو به، آرين جو پنهنجو ڌرمي نظريو نه آهي، ۽ هي نظريو پڻ، آرين، اڳتي هلي ٻين مخلتف شين جيان، دراوڙن کان حاصل ڪيو. رگ ويد جي هڪ ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر سينتي ڪمار چئٽر جي چواڻا، ته جيئن ته رگ ويد ۾ ”آواگون“ جو ڪوبه ذڪر نٿو ملي، تنهنڪري ان ۾ ڪوبه شڪ شهبو باقي نٿو رهي ته آواگون جو نظريو، هندو ڌرم ۾، بعد ۾ شامل ٿيو ۽ آرين، ٻين گهڻين شين وانگر هي نظريو به دراوڙن کان ئي حاصل ڪيو.

    اڄ اسين آرين جي تهذيب، تاريخ ۽ رهڻي ڪهڻي متعلق جيڪو ڪجهه ڄاڻو ٿا، ان جو سڀ کان وڏو ماخذ رگ ويد آهي ۽ رگ ويد آرين جي چئن مقدس ڪتابن/ويدن ۾ سڀ کان وڌيڪ متبرڪ، مقدس ۽ پراڻوڪتاب آهي. رگ ويد کي دنيا جي سڀ کان آڳاٽو تحرير ٿيل ڪتاب به چيو وڃي ٿو جيڪو جديد دور جي انسان تائين پهتو (رگ ويد کان اڳ به آرين جا ٻه ڪتاب ”ناد“ ۽ ”نگد“ موجود چيا وڃن ٿا جيڪي هڪ مها پر لئه (يا وڏي ٻوڏ) ۾ ناس ٿي ويا هيا، پر انهن جي وجود جو ڪوبه ثبوت جديد دور جي محققن کي نه مليو آهي) ان طرح سنڌوءَ جي سرسبز ۽ شاداب ڪنارن کي اهو فخر به حاصل ٿئي ٿو ته دنيا جي سڀ کان قديم ڪتاب کي هتي رهندڙ انسانن ئي سرجيو، ان کان علاوه سنڌ کي اهو فخر به حاصل آهي ته هندو ڌرم، جيڪو برصغير جي سڀ کان وڏن مذهبن مان هڪ اهي، هن ئي خطي کان پنهنجي موجوده شڪل ۾ شروع ٿيو، درحقيقت لفظ ”هندو“ جي معنيٰ ئي آهي ”اهو ماڻهو، جيڪو سنڌوءَ ڪناري رهندڙ هجي“.

    دنيا جي ڪابه قوم چاهي اها ڪيتري به امن پسند ڇو نه هجي جيڪڏهن سندس بقا ۽ ڌرتي تي برو وقت ايندو ته هوءَ هٿيار ۾ هٿ ضرور وجهندي، سنڌوءَ ماٿري کي بجا طور تي اهو فخر حاصل آهي ته ان جي دراوڙي تهذيب سئو قيصد امن پسند ۽ هٿين خالي هئي، پر جڏهن آرين دراوڙن جي هٿ ۾ کنيل زيتون جي شاخ جي موٽ تلوار جي گهاتڪ وار جي صورت ۾ ڏني ته تنگ آمد به جنگ آمد وانگر انهن به فطري ۽ منطقي طور تي پنهنجي هڪ هزار سال پراڻي امن پسندي کي الوداع چئي هٿيار کڻي ورتا.

    دراوڙن جي جوڳي انگ، آرين جي آمد کان پوءِ پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي، شهرن ۾ موجود پنهنجا گهر گهاٽ تياڳي ڇڏيا هئا ۽ انهن مان ڪيترائي شايد هميشه لاءِ هتان لڏپلاڻ به ڪري ويا هجن پر اهڙا آثار به ملن ٿا، ته هتان جي رهواسين جي ڳاڻيٽي جوڳي انگ، شهرن مان نڪري هتان جي گهاٽن ٻيلن ۾ پناهه ورتي هئي (سنڌ ۾ تمام گهاٽن ٻيلن جو وجود، مختلف تاريخدانن جي روايتن مان ثابت آهي ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته انهن ٻلين ۾ ”گينڊا“ پڻ هوندا هئا، ان کان سواءِ سنڌ ۾ گهاٽن ٻيلن هئڻ جو هڪ ٻيو ثبوت، قديم تهذيب جي آثارن جو پڪ سرو هئڻ پڻ آهي. پڪي سرن جي ايڏي وڏي ۽ مهاڀاري انگ کي ضرور بٺن ۾ پچايو ويو هوندو ۽ انهن بٺن لاءِ گهربل مقدار ۾ ڪاٺ فقط ٻيلن مان ٿي حاصل ڪري سگهجي ٿو) ڇو ته شهرن ۾ تمام گهٽ انگ ۾ لڌل لاش ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته آبادي، حمله آورن جي اچڻ کان اڳ ئي شهر خالي ڪري چڪي هئي.

    انهن امن پسند دراوڙ لوڪن جڏهن هٿيار سنڀاليا ۽ وڙهڻ شروع ڪيو ته هو به سخت جان ۽ ڇتا ويڙهاڪ ثابت ٿيا، سندن مزاحمت ايتري قدر ته سخت هئي جو ان جو مذڪور آرين جي مقدس ڪتاب، رگ ويد ۾ به شامل ٿي ويو. مثال طور تي رگ ويد جي منڊل پهرين 182-4 ۾ لکيل آهي ته هو (دراوڙ) ڪتن جيئن خوفناڪ آوازن سان ڀونڪندي، اسان کي تباهه برباد ڪرڻ لاءِ اسان تي حمله آور ٿيا آهن“ اهڙي طرح رگ ويد ۾ هڪ دراوڙ سردار (درواڙن کي آريا داس معنيٰ غلام، داسيو يا اَسُور سڏيندا هئا) نموچي جو ذڪر آهي. ان دراوڙ سردار جي فوج جو جو ڳچ حصو عورتن تي ٻڌل هيو (هي شايد اهي عورتون هجن، جن جا مرد آرين هتان ڪسي چڪا هئا) ۽ رگ ويد ۾ ڄاڻايل آرين جي جنگي ديوتا ”اندر“ کان ان فوج کي ڏسي کِل نڪري وئي هئي. پر جڏهن ويڙهه ٿي ته اندر باوجود پنهنجي تمام قهر ۽ غضب جي، انهن کي شڪست ڏئي نه سگهيو هيو ۽ پوءِ دولاب ۽ دوکي مان ڪم وٺندي، هن نموجي سان پهريائين ته صلح ڪئي ۽ پوءِ وجهه وٺي کيس قتل ڪري ڇڏيو. رگ ويد ۾ هڪ ٻئي دراوڙ سردار ”سمبرا“ (سمبرا شايد قديم دراوڙي قبيلي ”سمبارا“ سان تعلق رکندڙ هيو) جو ذڪر آهي. رگ ويد چواڻي ته سمبرا چاليهه ورهيه آرين لاءِ مٿي جو سور بڻيل رهيو. رگ ويد لکي ٿو ته سمبرا هڪ سئو شهرن جو حاڪم هيو ۽ ان جي شهرن جي چئوڦير پٿر جا وڏا ڪوٽ هوندا هئا“. سمبرا چاليهه سال هيڪاندا، آرين سان جهيڙو ڏيڻ ۽ جنگيون ڪرڻ بعد، اندر هٿان قتل ٿيو. هڪ ٻيو سردار ”ورتر“ به آرين لاءِ دهشت بڻيل رهيو، بلڪه ورتر ته سمبرا کان وڌيڪ عرصي تائين آرين جو ننڊون حرام رکيون پر آخرڪار اهو به مارجي ويو (ورتر ۽ سمبرا بابت ذڪر، سيد سبط حسن جي ڪتاب پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا جي صفحي 77 تي به ڏنل آهي).

    هاڻي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته ڇا ورتر ۽ سمبرا جيڪي رگ ويد جي لفظن ۾ چاليهه ورهيه ۽ چاليهن ورهين کان به وڌيڪ عرصي تائين آرين سان وڙهندا رهيا هئا، ڇا پنهنجن شهرن ۾ مڪمل طرح قلع بند ٿي ڪري ۽ آمهون سامهون واري جنگ جي روايتي نموني آرين سان وڙهيا هوندا؟ جيڪڏهن اهي آرين سان شهرن ۾ قلعه بند ٿي وڙهن ها ته آريا ضرور انهن قلعه بند شهرن کي محاصري/گهيري ۾ وٺي ڇڏين ها ۽ انهن قلعه بند شهرن جي فوجي سقوط جي نتيجي ۾ آريا انهن شهرن ۾ ماڻهن جو ضرور قتل عام ڪن ها ۽ قتل عام ۾ ڪٺل شهرين جا لاش، موهن جي دڙي، هڙپا ۽ سنڌو ماٿر جي ٻين شهرن جي کوٽائي جي نتيجي ۾ ضرور سامهون اچن ها. صلح ٿيل ان ڪري نظر نٿي اچي جو جيڪڏهن صلح ٿئي ها ته شهر کي برباد نه ڪيا وڃن ها، ان کان علاوه، ڪنهن به شهر يا قلعه ۾ 40 سال ۽ ان کان به وڌيڪ عرصو قلعه بند ٿي جنگ ڪرڻ آ ناممڪن اهي. برباد ڪيل شهرن ۾ مقتول لاشن جي تمام ٿوري انگ جي موجودگي پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سموري آبادي لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ فقط ڪجهه ماڻهو جيڪي ڪنهن مدد آسري، يا بي سهارا هئڻ ڪري يا پنهنجي ماتر ڀومي ۽ شهرن ۽ گهرن سان محبت ڪري، شهرن مان نه نڪتا، سي آرين هٿان ماريا ويا ۽ سواءِ انهن چند فردن جي، آرين کي سمورا شهر خالي مليا ۽ انهن خالي شهرن کي باهه ڏئي برباد ڪري پٽ سان لائي ڇڏيو، ته هاڻ جڏهن آرين سان قلعه بند ٿي وڙهڻ به ”پورچر شونو“ جهڙني جديد آريائي هٿيارن جي ڪري بيڪار آهي ۽ ايترا ورهيه قلعه بند ٿي وڙهڻ ۾ ممڪنات به نه آهي، شهرن جي آبادي به پنهنجا شهر خالي ڪري لڏپلاڻ ڪري نڪري چڪي آهي ۽ تنهن دور ۾ سنڌ ۾ گهاٽن ٻلين جي موجودگي به ثابت آهي ۽ جڏهن خود رگ ويد به اها شهادت ڏيندو هجي ته دراوڙ سالن تائين آرين سان وڙهندا رهيا هئا ته آخر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هنن دراوڙن جي سالن تي محيط ان جنگ جو انداز ڇا ٿي سگهي ٿو، سندن Strategy ڇا ٿي سگهي ٿي. دراوڙ، آرين سان آمهون سامهون واري روايتي جنگ ان ڪري وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هئا جو انهن جو جنگي نظام ان جنگ لائق ئي نه هيو دراوڙن وٽ آريائي هٿيارن ”رٿ“ ۽ ”پورچر شونو“ جو ڪو ٽوڙ يا جواب هو ئي ڪونه، جي هجي ها ته نه هو شڪست کائن ها ۽ نه سندن عظيم شهر بردباد ٿين هئا، انهن سڀني ڳالهين جي موجودگي ۽ خود رگ ويد جي گواهي ته ورتر ۽ سمبرا انهن سان چاليهه ورهيه بلڪه اڃا به گهڻو عرصو وڙهندا رهيا ته هاڻ انهن سڀئي Elements کي سامهون رکندي، Military science جي ڪنهن به ڄاڻو جي ذهن ۾، فقط هڪ ئي فقط وڏي واضح انداز ۾ اڀري ٿو سو لفظ آهي ”گوريلا جنگ“.

    ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته رگ ويد ۾ ڪجهه روايتي جنگين جو به ذڪر آهي، پر انهن جنگين کي کٽڻ ۾ آرين کي پنهنجي وحشي ۽ جنگجو فطرت ۽ بهتر هٿيارن ڪري ڪابه دشواري نه ٿي هوندي رگ ويد ۾ ڪجهه راجائن، سردارن يا دراوڙن جوڌن مثلاً وروچڻ، امهه راجس وان، سوروتا، ڪواسا، اهايسو يا ورچي وت سور جو ذڪر آهي جن کي اندر ديوتا وڏي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو هيو.

    ائين ڀاسجي ٿو ته انهن راجائن يا سردارن، آرين سان قلعه بند يا روايتي ۽ آمهون سامهون جي جنگ وڙهڻ جي غلطي ڪئي هوندي ۽ نتيجي ۾ قتل ٿيا، انهن ئي نقصانن کان بعد دراوڙن پاران آرين سان گوريلا جنگ جو رستو اختيار ڪيل لڳي ٿو. آرين خلاف، سنڌو ماٿري جي ماڻهن پاران وڙهيل گوريلا جنگ جا ثبوت خود رگ ويد به فراهم ڪري ٿو. اهو هئين جو رگ بنيادي طور تي هڪ ڌرمي يا مذهبي ڪتاب آهي. ان ۾ ڪجهه منتر ۽ رچائون اهڙيون شامل آهن جن ۾ آرين پاران دراوڙن جو برائيون ۽ اوگڻ بيان ڪندي، سندن مقابلي لاءِ، ديوتائن کان مدد طلب ڪئي وئي آهي. انهن منترن ۽ رچائن ۾ دراوڙن جون جيڪي برايون بيان ڪيون ويون آهن، انهن ۾ چيو ويو آهي ته ”اُهي (دراوڙ) اسان جو چوپايو مال ۽ ڍور ڍڳا ڪاهي ويندا آهن،“ ”اسان تي لڪي حملو ڪندا آهن،“ ”اسان تي راتاها هڻندا آهن“ ۽ ”اسان تي ان وقت حملو ڪندا آهن جڏهن اسان عبادت ۾ مصروف هوندو آهيون.“

    لڪي حملو ڪرڻ يا راتاهو هڻن خالص گوريلا جنگ جي نشاني آهي، ان کان علاوه ڇاپا مار جنگ يا گوريلا جنگ جو بنيادي نڪتو اهو به آهي ته دشمن تي حملو اهڙي وقت ڪجي جنهن وقت سندس ڌيان پنهنجي بچاءَ تان هٽيل هجي، يا جي هٽيل نه به هجي تڏهن به سندس ڌيان ورهايل ضرور هجي. عبادت وقت به انسان جو ڌيان جيڪڏهن پنهنجي بچاءَ تان مڪمل هٽي نٿو، تڏهن به ورهائجي ضرور وڃي ٿو تنهنڪري، دراوڙن لاءِ، عبادت وقت آرين تي حملو، ان ئي گوريلا اصول موجب عسڪري طور تي وڌيڪ فائدي مند ثابت ٿيندو هوندو. آرين پاران ديوتائن کي ڏنل ان دانهن مان ان ڳالهه جي نشاندهي ٿئي ٿي ته دراوڙ، آرين جي مرڪزن ۾ گهڙي مٿن حمله آورٿيندا هئا. هڪ منتر ۾ آريا، دراوڙن پاران، چوپايو مال ڪاهي وڃڻ جي دانهن به ڪندي ٻڌجن ٿا، اهو مال جو ڪاهي وڃڻ يا هڪلي وڃڻ پڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته آرين تي حملي بعد دراوڙ پنهنجي ٺڪائڻ ڏانهن واپس ٿي ويندا هئا.

    منهنجي پنهنجي ذاتي خيال موجب آرين جي حملي وقت دراوڙن جا ٻه حصا ٿي ويا هوندا، هڪ حصي پنهنجي جان ۽ مال بچائڻ لاءِ سنڌو ماٿري کي الوداع چئي ڇڏيو هوندو جڏهن ته ٻيو حصو پنهنجي ماتر ڀومي تي ئي رهيو هوندو، ٻئي حصي جا مزيد ٻه حصا ٿي ويا هوندا، پهرين حصي آرين سان ڪجهه جهيڙو ڏيڻ بعد، يا بغير ڪنهن لڙائي جهگڙي جي، آرين جي بالادستي قبول ڪئي هوندي يا صلح ڪئي هوندي (ڇو ته رگ ويد ۾ اهڙن دراوڙن جو به ذڪر آهي جيڪي آرين کي چوپايو مال، دولت ۽ ٻيا وکر تحفي ۾ ڏيندا هئا) جڏهن ته ٻئي حصي جنگ کي ترجيح ڏني هوندي ۽ ان وقت ۾ سنڌو ماٿري ۾ موجود ٻيلن ۽ آرين جي پهچ کان ٻاهر موجود يا وقتي طور تي محفوظ پناهگاهن کي پنهنجو مستقر بنائيندي سالن تي محيط ان مزاحمت جو آغاز ڪيو هوندو جنهن جو ذڪر رگ ويد ۾ به اچي ويو آهي، خود رگ ويد جي داخلي شهادتن بعد غالب ترين امڪان ان ڳالهه جو آهي ته اها مزاحمت گوريلا جنگ ئي هئي.

    هونءَ به دنيا جي پهرين گوريلا جنگ جو اعزاز اڳ ۾ به سنڌ وٽ ئي موجود هيو. چيو وڃي ٿو ته يونانين جي خلاف، هتان جي مقامي ماڻهن جي مزاحمت دنيا جي پهرين گوريلا جنگ هئي ۽ ان ئي مزاحمت جي نتيجي ۾ چندرگپت موريه تخت نشين ٿيو هيو. سيد سبط حسن پنهنجي ڪتاب پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا جي صفحي 115 تي سنڌو ماٿري جي باشندن جي ان جدوجهد کي تاريخ جي پهرين گوريلا يا ڇاپه مار جنگ سڏيو آهي، پر هينئر هنن تمام شاهدين ۽ حالتن جو منطقي تجزيو ڪرڻ بعد اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ڇاپا مار يا گوريلا جنگ جي ابتدا ته سنڌ مان ئي ٿي هئي پر ان جو نقطئه آغاز يونانين جو حملو نه پر آرين جي يلغار هئي ۽ اهو ته چندر گپت موريه گوريلا جنگ وڙهي سنڌ جي ئي هزارين سال قديم هڪ روايت کي زندهه ڪيو هيو، پر چندرگپت موريه دراوڙن جي برعڪس وڌيڪ خوشنصيب هيو ڇو ته سندس اڳواڻي ۾ وڙهي ويل گوريلا جنگ ڪامياب ٿي هئي ۽ هو ان جي نتيجي ۾ بادشاهه بڻيو هو. هن مطالعي دوران مون اهو پڻ محسوس ڪيو ته متان ورتر ۽ سمبرا شخصيتن بجاءِ قبيلا به هجن جن کي رگ ويد Personify ڪري شخصيتون قرار ڏنو آهي، پر ورتر ۽ سمبرا قبيلا هجن يا شخصيتون، انهن جي آرين خلاف ويڙهه تي رگ ويد متفق آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو