عاجز جمالي سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان صوفياڻيون شامون ملهائجي رهيون آهن، انهن شامن جي باري ۾ به تبصرا، تنقيدون، چٿر، چڙ جو اظهار سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. جيڪڏهن چڙ، ڪاوڙ، تنقيد رياست يا رياستي ادارن طرفان ٿيندي هُجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي، پر تنقيد جڏهن سنڌي سماج منجهان يا سماج جي سُڄاڻ ماڻهن طرفان ٿيندي هُجي ته ان تي ضرور ويچار ڪرڻ گهرجي، نه رڳو ويچار ڪرڻ گهرجي، پر ان تنقيد جي تناظر ۾ پاڻ کي بهتر ڪرڻ گهرجي، پر شرط آهي ته تنقيد جائز هُجي، ان ۾ سُڌاري جو پهلو هُجي، صلاحون هُجن، ڇو ته بهتري جي گنجائش هر عمل ۾ هر وقت رهي ٿي. ڪوبه مثبت ڪم ٿي رهيو آهي ته اُن ۾ خاميون، کوٽون ضرور هونديون، پر صلاحن سان ان ۾ سُڌارو آڻي سگهجي ٿو، پر تنقيد ۽ چڙ جو محور صرف ذاتيات تي ٻڌل هُجي ته ان جو نه ڪو حل آهي نه ڪو جواب ڏئي سگهجي ٿو. مون ٻڌو آهي ته ون يونٽ جي زماني ۾ ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ سان گڏوگڏ سنڌ ۾ سجاڳيءَ لاءِ ترقي پسندن ادبي سرگرمين تي زور ڏنو هو، جنهن سبب سنڌ ۾ وڏي سجاڳي اچي وئي هئي، انهن ادبي سرگرمين ۾ جشن لطيف جا ميڙاڪا ٿيندا هئا. سنڌي ڪهاڻيءَ جي شام ٿيندي هئي، سنڌي راڳ جون محفلون ٿينديون، جن ۾ شاعر ۽ فنڪار ايوب جي مارشل لا ون يونٽ ۽ سنڌ ۾ ايوب کهڙي جي غداريءَ بابت شاعري پڙهندا هئا. ائين ئي اسان ڏٺو ته جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن متحرڪ هُئي. سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪو مانڊاڻ آهي، ان ۾ دهشت، وحشت، مُلائيت، بنيادپرستي، موقعي پرستي، چونڊيل حڪمرانن جون عوام سان دغا بازيون، بيروزگاري، بک، بدحالي، لُٽمار، بدامني، نه ڄاڻ ڪيترا عذاب آهن، جن ۾ سنڌ جو عوام گهيريل آهي، جنهن سبب سنڌي سماج ۾ زبردست قسم جي ”فرسٽريشن“ موجود آهي. ان فرسٽريشن جي ماحول ۾ ڪجهه ماڻهن ”خودرو“ بنيادن تي مثبت سرگرمين جو رستو ڳوليو. ان جو هڪ رخ سنڌ جي شهرن ۾ باغين سان ٿيندڙ شامون آهن. ان ۾ سنڌ جي صوفياڻي رنگ کي اجاڳر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ممڪن آهي ته اسان مان گهڻن کي نثار کوکر جي صورت نه وڻندي هُجي، پر هنن شامن ۾ سنڌي نوجوانن جي وڏي شرڪت، سندن مستي، مي رقصم جو ماحول، منصوري ماحول ۾ وحدت الوجود جي فڪر کي سمجهڻ ۽ هميشه گڏ رهڻ جو پيغام ڇڏي وڃڻ، سنڌ ۾ هڪ هاڪاري سرگرميءَ جي علامت آهي. گذريل ڇنڇر جي شام سنڌ جي ٻنهي وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ئي وقت اهڙيون محلفون مچايون ويون. ڪراچي پريس ڪلب طرفان ڪلب جي گرائونڊ تي وڏا شاميانا هڻي وچ تي مچ مچائي چئني طرفن کان پتنگ دائرن ۾ ويهي رهيا. ”پتنگ چائين پاڻ کي ته اچي آڳ اُجهاءِ“ ۽ عين ان مهل وري حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ باغين جو ميلو هُجي. اسان جي مام منصوري آ، اسان ڄاڻون خدا ڄاڻي. ڪراچيءَ ۾ امداد حسينيءَ سان رهاڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ شاعر سائل آزاد، ناليواري اداڪار مصطفيٰ قريشي کي مان ڏنو ويو، کين اسٽيج تي ويهاريو ويو. سنڌ جي سگهڙن هن کي اسٽيج تي بيت ٻڌايا، ڏور ڏنا، ڳجهارتون ڏنيون، پروليون ٻڌايون ۽ ڪراچيءَ جي شهر ۾ اِهو ٻڌايو ته سنڌ جيڪا نڙ بيت، ڳجهارن، سگهڙن جي ڪچهرين سان گڏ پنهنجون سڀ روانيون ۽ ثقافتون پنهنجي من ۾ سانڍيو هزارين سالن کان شان ۽ مان سان جيئري آهي ۽ سنڌ جي روايتن کي زنده رکي سنڌ جي صحافين اِهو ثابت ڪيو ته ”هِن ڌرتيءَ ۾ منهنجي ممتا آ“ سو ممتا ڪيئن وسري سگهي ٿي. هن محفل ۾ نه رڳو مصطفيٰ قريشيءَ ڪمال جو ڳالهايو ۽ نه رڳو امداد حسيني ۽ سائل آزاد ڪمال جي شاعري ٻڌائي پر سنڌ جي سُريلي راڳي محفل جي مزاج کي ڏسندي صوفياڻا ۽ سرمستي وارا ڪلام ڳايا ته مستي ۽ سرمستيءَ جو رنگ محفل تي حاوي رهيو. ”ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي منهنجو سجدو انهيءَ کي آ جيڪو انسان جي پاسي“ ان سان گڏ عبدالڪريم گدائي جي شاعري هُجي، سنڌ جي ڳالهه هُجي، سنڌ جي وڏيرن، وزيرن، مشيرن تي ابراهيم منشيءَ جا ڪلام هُجن ته بلڪل محلف جو رنگ ئي نرالو هو. رات دير تائين هلندڙ هي ”مچ ڪچهري“ ڪراچيءَ ۾ هڪ نئين روايت ڇڏي وئي. ڪراچي پريس ڪلب کي صلاح ڏبي ته هر سال اهڙي مچ ڪچهري ڪجي ۽ ايندڙ سال اڃا به وڏي سطح تي ڪچهري ڪجي. حيدرآباد جي باغين واري شام ۾ پهچي نه سگهياسين، پر جيڪي حال احوال مليا يا جيڪو رنگ رپورٽن ذريعي ڏٺو ته خبر پئي هال ۾ پير رکڻ جيتري جڳهه ڪانه هُئي. حافظ نظاماڻي، آسي زميني، خليل کوسو، هي نئين سنڌ جي باغياڻي شاعري آهي. هي سڀ رنگ سنڌ جا پنهنجا رنگ آهن. سنڌ جو صوفياڻو رنگ آهي. انٽرنيٽ تي سنڌين جا عجيب تبصرا آهن. ڪو لکي ٿو ته ”ماڻهو شراب پي نچن ٿا، هي ڪهڙو صوفي ازم آهي؟ اسين ڇا شاديءَ جي محفل ۾ نچندا ناهيون، خوشيءَ ۾، شادين يا ذاتي محفلن ۾ به ماڻهو ائين ڪن ٿا ته ڇا پوءِ شاديءَ ۾ شريڪ سڀني ماڻهن کي گاريون ڏبيون. ڪراچيءَ جي محفل بابت ڪجهه دوستن لکيو سائين پروگرام ۾ ڀلا تعليم جو وزير نثار کهڙو ڇو آيو؟ ڇو ته هن تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو پر سنڌي صحافي اُن سان گڏ ڇو ويٺا آهن وغيره. هي عجيب منطق آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جواب ڇا ڏجي؟ ڪراچي پريس ڪلب صحافين جو ادارو آهي ۽ صحافي سنڌ بابت جيڪا ڄاڻ اخبارن ۽ ميڊيا تي آڻي رهيو آهي، اها ڪو آسمان مان ته ڪا نه ٿي اچي. وزير، مشير، ڪامورا، سڄاڻ ماڻهو، ٽيڪنوڪريٽ تي سڄي ڄاڻ ڏيندا آهن. همراهه چون ٿا ته انهن سان ڳالهايو ڇو ٿا؟ ڪجهه وري چون ٿا ته نثار کهڙو مچ ڪچهريءَ ۾ ويٺو آهي. اوهان کانئس اِهو ڇو نه پڇيو ته هُن تعليم تباهه ڪئي. سائين ڇا سنڌ ۾ شادين، غمين ۾ وزير، مشير، وڏيرا، پير، مير ڪونه ويندا آهن؟ ڪو تڏي تي ايندو آهي ته ڇا انهي جو پٽڪو لاٿو ويندو آهي. وزيرن جو گهيراءُ ڪرڻ، کانئس سوال پڇڻ جا اسان کي روز موقعا ملندا آهن. اسيمبليون، ايوان، پريس ڪانفرنسون، سيمينار، ورڪشاپ اهي سڀ موقعا فراهم ڪندا آهن. ائين اهو ڪهڙو فورم آهي، جتي اسين وزيرن کان سنڌ جي حقن سان لاڳاپيل سوال ڪونه پڇندا آهيون. سنڌ جي سُڄاڻ دوستن کي ڪنهن اجتماعي نقطي تي هڪ ٿيڻ لاءِ سوچڻو پوندو. ماڻهو جيڪو جتي آهي، جيئن آهي، ان کي اُهو ئي سمجهڻو پوندو، پر ماڻهو ڪڏهن به ائين نه ٿي سگهندو، جيڪو اسان کيس بڻائڻ چاهيون ٿا يا جيڪا اسان جي سندس باري ۾ راءِ آهي. اها گنجائش رکون ته اسان جي راءِ به غلط ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهو به غلط ٿي سگهي ٿو. دادوءَ جي هڪ محترمه کي فيس بوڪ جي تصوير مان به شراب جي خوشبوءَ اچڻ لڳي جو پاڻ لفظ ”ڌُت“ لکيائين. ماڻهن جون ڳالهيون گهڻا ماڻهو درگذر ڪندا آهن، ماٺ رهندا آهن. درگذر ڪرڻ ۽ ماٺ رهڻ ڪنهن حد تائين ٺيڪ آهي، پر ائين ته نه ٿو ٿي سگهي نه ڪنهن جي نظر ۾ سڄي دنيا خراب هُجي، پر صرف موصوف اِهو سمجهي ته هُو پاڻ ئي سُٺو آهي. سنڌ کي اهڙي ”عظيم پڻي“ جي رويي به تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. سنڌ ۾ غدارين جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ٻئي تي الزام هڻڻ، ڀڳڙا ورهائڻ جهڙو ڪم ٿي ويو آهي ۽ اِهو سڀ ڪجهه اُهو نام نهاد پڙهيو لکيو، مڊل ڪلاس، دانشور هٿ ٺوڪيو ”عظيم“ تصور ڪري رهيو آهي. دوست اصغر سومري چواڻي ته باغين جي شام ۾ هڪ جهڙائي کان بچڻ لاءِ ڪا نواڻ جي ڳولا ڪجي، ائين سڄي سنڌ ۾ هنن محفلن ۾ ڪا نواڻ به ڏجي. مثال مشاعرا ڪرائجن، ٿي سگهي ٿو، نوان راڳي ميدان ۾ آڻجن. ڏور، بيت، ڳجهارت کي زنده رکڻ لاءِ وڏي سطح تي ڪا سگهڙ ڪانفرنس ڪرائي سگهجي ٿي. اهڙيون ٻيون به کوڙ صلاحون ٿي سگهن ٿيون. هلندڙ سال جي بهار ۾ ايندڙ مهيني ڏيڍ ۾ سڀ گڏجي ڪا وڏي محفل مچائي سگهون ٿا، پر ان لاءِ سڀني وٽ وڏي وٿ هجڻ ضروري آهي. ”وڏي وٿ هيامَ ٻاروچا ڀنڀور ۾“. aajizjamalijamali@yahoo.com