• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائوس ۾ ڪمپيوٽر. :)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اڄ تائين توهان صرف مائوس کي ڪمپيوٽر ۾ لڳل ڏٺو هوندو پر اڄ آئون توهان کي هڪ اهڙي مائوس جي باري ۾ ٻڌائيندس جنهن ۾ هڪ مڪمل ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر موجود آهي. ۽ هن مائوس کي کيسي ۾ رکي ڪٿي به کڻي وڃي سگهو ٿا.
56698_02.gif


جي ها ، هي انوکي ڊوائيس پولينڊ جي هڪ Prezmyslaw Strzelczyk نالي ڪمپني تياري ڪئي آهي جيڪا ڏسڻ ۾ ته هڪ عام ڪمپيوٽر مائوس اچي ٿي پر ان ۾ هڪ مڪمل ڪميپوٽر نصب ٿيل آهي.

مائوس باڪس نالي هن ڊوائيس ۾ ڪواڊ ڪور پروسيسر، وائي فائي ۽ 128 جي بي اسٽوريج جي سهولت موجود آهي ۽ توهان ڪٿي به هن ڪنهن مانيٽر اسڪرين سان لڳائي پنهنجو ڪم شروع ڪري سگهو ٿا. ۽ هن کي هڪ عام ايچ.ڊي.ايم.آءِ ڪيبل سان مانيٽر سان ڳنڍي سگھجي ٿو.
56698_04.gif

هن ڊوائيس ۾ هڪ بيٽري به لڳل آهي جنهن سان ڊوائيس کي پاور ملندو رهي ٿو جڏهن ته بيٽري چارجنگ پيڊ جي ذريعي چارجنگ ٿيندي رهي ٿي.


ڪمپني جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ هن ڊوائيس جو پروٽو ٽائپ ورزن متعارف ڪرايو ويو جڏهن ته پوءِ ان جي پيداوار وسيع پيماني تي ڪئي ويندي.
 
Back
Top