مٺل جسڪاڻي ڪيترائي اهڙا مسئلا آهن، جيڪي فرد جي حيثيت ۾ ڪو به حل نه ٿو ڪري سگهي، پر اهڙا مسئلا به ڪي ٿورا نه آهن، جيڪي فرد جي حيثيت ۾، جيڪڏهن پنهنجو ڪردار مثبت انداز ۾ نڀائجي، ته پوءِ سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي، ته مسئلو حل نه ٿيندو. پهرين طئه ڪريو ته مسئلو ڪهڙو آهي، پوءِ پاڻ به ويچاريو ۽ پنهنجن اعتبار وارن سان به صلاح ڪريو، جيڪا به راءِ اچي، ان تي عمل ڪريو، عمل دوران وقت به وقت گهربل لچڪ جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي حڪمت ۾ اهڙيون مثبت تبديليون به آڻيندا رهو، ته جيئن مسئلو حل ٿي وڃي. مثال طور معاشري جي بگاڙ جو مکيه ڪارڻ تعليم آهي، مروج تعليمي نظام به فائز آهي، ته اهڙي صورت ۾ ڇا واجب آهي؟ بهتري ان ۾ آهي ته پڙهڻ جي عمر وارو هر ٻار اسڪول ضرور موڪلجي، چاهي اسڪول ۾ پڙهائي يا پڙهائيندڙ، بلڪه اسڪول کي تالو ڇو نه هجي. اسڪول کان نٽائڻ سٺو سنوڻ نه آهي، سو نٽائڻ کان نٽائجي. اهو پهريون قدم ٻئي قدم کڻڻ جي گهر ڪري ٿو، اهو هيءَ، ته جيڪو ٻار اسڪول ويندو آهي، ان کي شام وقت پاڻ، پنهنجي گهر جو ڪو به ڀاتي، يا پاڙي مان ڪو اهڙو تيار ڪريو، جيڪو ٻار کي ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ ۽ لکڻ جي ذميواري ڏئي ۽ ان جي چڪاس به ڪري. پنهنجي شهرن ۽ اڪثر ڳوٺن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي فارغ وقت ۾ پنهنجي يا پاڙي جي ٻار کي پڙهڻ ۾ سکياڪار جو ڪم ڪري سگهن ٿا. مون کي اهڙا ڪيترائي مثال سجهن به پيا، جيڪي مٿئين حڪمت عملي تي عمل پيرا آهن، جنهن ڪري مثبت نتيجا نڪرن به پيا. مون کي ذاتي طور خبر آهي ته هڪ ٻار، سندس ڳوٺ کان ٽي چار ڪلوميٽر پري، هو پاڻ پرائمري اسڪول پهتو، هن پاڻ پنهنجو نالو داخل ڪرايو، اتان پنج درجا پاس ڪري، هاءِ اسڪول به پهچي ويو، جڏهن ته ساڻس والد ڪو سهڪار نه ڪيو، پري ۽ ڳوٺ واري ڪنهن به، هن جي ڪا به مدد ته ڪانه ڪئي، پر وقت به وقت ساڻس ٽوڪ مسخري به ڪندا رهيا، پر جيئن ته اُن ٻار پاڻ همت نه هاري، ته پنج درجا به پاس ڪري، ۽ اڳتي به وڌيو. جيڪڏهن ائين ڪندڙ ڪنهن ٻار يا ٻار جي عزيز کي همت ڏيارجي، ته ٻيو قدم تمام سولو آهي. ٻئي قدم ۾ گڻ ۽ اوگڻ، ڳڻڻ ڳڻائڻ ۽ گڻن طرف توجهه ڏيڻ ڏيارڻ ۽ عمل ڪرڻ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪجي. ان لاءِ جيڪڏهن پاڻ شروعات پنهنجي گهر مان، پنهنجي ٻار سان ڪنداسين، ته اسان کي سولائي به ٿيندي ۽ فائدو به اسان جو ئي ٿيندو. ائين ڪرڻ سان ته واڙي به وڌندي. واڙي ان ڪري وڌندي، ته اڪيلو ڪير به ڪونهي، جيڪي ٻه زال مڙس آهن، انهن ٻنهي جا پنهنجا پنهنجا رشتيدار آهن، اهي به ڏسي ۽ ٻڌي سکندا، پر جيڪڏهن، ڪڏهن ڪڏهن، پنهنجي ٻارن جي ڪارڪردگي ٻين مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ سان ونڊبي، ته هڪ طرف پنهنجي ٻار ۾ اتساهه وڌندو ۽ ٻيو ته ٻڌندڙ مٽ مائٽ توڙي سنگت ساٿ وارو به، سڀ پنهنجي اولاد جي لاءِ به سٺو ئي سوچيندا، ته واڙي وڌندي. هاڻي ٿورو سوچيو، جي اهڙي شروعات پنهنجي پاڻ کان، پنهنجي گهر مان، پنهنجي ٻارن سان ڪجي، ته پاڻ ٻه مان 12 سولائي سان ٿينداسين. جيڪڏهن پنهنجا ٻار پڙهن، جيڪڏهن پنهنجي گهر ۾ ڪا به فضول علت، يعني ڪو نشو پتو نه ٿئي، ۽ پاڻ ٻين جي سٺن عملن جي ريس ڪريون، ته مثبت نتيجن جي روشني ۾ ظاهر ٿيندڙ فائدو، ٻين لاءِ سوچڻ جو سبب بڻبو. جيڪڏهن هڪ ٻار کي ڏسي، ٻيو هڪ ٻار به وڌي پئي، هڪ گهر مان هڪ ٻيو گهر به ائين ڪري، ته اهڙي طرح هڪ ٻار مان ٻه ٻار يا هڪ گهر مان ٻه گهر ٿي پيا، ته انهن ٻن مان چار ۽ چار مان اٺ به ته ٿيندا نه. واڙي وڌڻ جو اهو سلسلو شروع ٿيندو، ته گاڏو هلي پوندو. پڙهائي شروع ٿئي، موالي پڻو رڪجي پئي، واندڪائي کي تعليم لاءِ خرچ ڪجي، ته اسان جا صحت جا مسئلا گهٽجي سگهن ٿا. ضرورتن کي گهربل دائري ۾ رکي سگهجي ٿو. بظاهر هي بي فيض نسخو آهي، پر آزمائڻ ۾ ڇا آهي؟ اعتبار ڪريو ته هڪ دوست جا ٻار يونيورسٽين ۾ آهن. اهي سڀ سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهيا، بنا ٽيوشن پڙهيا ۽ سچ ته گهر ۾ سندن ڪنهن هڪ به، ڪا به مدد نه ڪئي، بس هڪ ڪم ٿيو، ته اهي ٻار اسڪول پابندي سان ويا، شام جو کين ڪجهه وقت گهر ۾ پڙهڻ ۽ ڪجهه لکي ڏيکارڻ جو چئبو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن وڏن ٻارن، پنهنجي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ٿوري اڻ لکي رهنمائي ضرور پئي ڪئي آهي. هاڻ جي ان دوست جي هڪ گهر وانگر، ڪو ٻيو به ڪري، ڪو نه ڪو ائين ڪندو به هوندو، ته به واڙي ته وڌي پئي نه. ڏسجي ته هي ٻه اکر پڙهي، ڪير ٿو واندڪائي کي تعليم لاءِ خرچ ڪري...!؟