جيڪي ڏٺو سو مون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    پروفيسر مدد علي جهتيال

    [​IMG]
    سنڌ جي هن وقت لڳ ڀڳ پنج ڪروڙ آبادي هوندي، هيڏي ساري آبادي ۾ سوين لکين ماڻهو اهڙا به هوندا جيڪي لگزري واري زندگيءَ گذاريندا هوندا، انهن مان ڪجهه اهڙا به هوندا، جيڪي چوندا هوندا، جيئن اسان چئون تيئن ٿئي ۽ اهڙا به هوندا، جيڪي چوندا هوندا اسان ڄمندي ئي ڄام آهيون، الله سائين اسان کي ڄمڻ کان پهريان ئي نوازي ڇڏيو آهي. ڪي وري اهڙا به هوندا جيڪي پنهنجي مدد پاڻ وڏي ماڻهو ٿيڻ جا خواب ڏسندا هوندا ۽ ان لاءِ هر اهو رستو اختيار ڪندا آهن، جيڪي انهن جي وس هوندو آهي. اڃا ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا، جيڪي چوڻي مطابق ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ اهي وري ٻين جي مال تي پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهندا آهن. ڪي وري ڏاڍ مڙسي ۽ ٻين جي مال کي ڦٻائي وڏي ماڻهو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

    هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آيا اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته اڪثر ماڻهن کان اهو ٻڌو ويندو آهي ته ”اسان يار پوين لاءِ ڪجهه ڪريون حياتي الائي ڪيتري، اهي ڏکيا ڏينهن نه ڏسن“ آئون انهن جي ڪيل ان ڳالهه سان متفق نه آهيان. آئون مٿي به لکي آيو آهيان ته هر ماڻهو پنهنجي وسان نه ٿو گهٽائي. ڇو ته اڄ اهي ننڍا ته سڀاڻي وڏا ٿيندا، اهي به پنهنجن وڏن جي پيروي ڪندي ننهن چوٽيءَ جو زور ڏيندا ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندا. پوءِ وڏا اجايو زور پيا ڏين! پنهنجو هي جهان ۽ آخر کي به داءُ تي پيا لڳائين. حالانڪه اسان کي پنهنجو مذهب به ذخيرو ڪرڻ جو منع ڪري ٿو، ان جي باوجود اسان پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. الله باري تعاليٰ جي ڪلام ۾ پڻ صاف صاف لکيل آهي ته آئون هر بني بشر جي روزي جو ضامن آهيان، آئون ڪنهن کي به بکيو اڃيو نه ڇڏيندس.

    آئون ان وقت حيران ٿي ويس جڏهن هڪ وڏي آفيسر پنهنجي پٽ کي نوڪري ته وٺي ڏني، ليڪن ان جي پوسٽنگ لاءِ تمام گهڻو فڪرمند هو. هي نوڪري وٺڻ وقت به ايترو فڪرمند نه ٿيو هوندو، جيترو ان جي پوسٽنگ وٺڻ جي لاءِ فڪرمند هو. هن چاهيو پئي ته پنهنجي پٽ کي اهڙي جڳهه تي پوسٽنگ ڏياران جتي صرف پسئو ئي پئسو هجي يعني هن جو مقصد اهو هو ته منهنجو پٽ جلدي کان جلدي وڏو ماڻهو ٿي وڃي، وڏو ماڻهو تڏهن ٿيندو جڏهن هن وٽ ڪاري، بنگلو ۽ بئنڪ بيلنس هوندو. ان کانپوءِ ڪنهن وڏي ماڻهو کان ان جو رشتو گهربو ته هو انڪار نه ڪندو ۽ فورن پنهنجي نياڻي جو سڱ اکيون ٻوٽي منهنجي پٽ کي ڏيندو ۽ ائين اسان جي خاندان جو نالو به وڏن ماڻهن ۾ شمار ٿيڻ شروع ٿيندو ۽ پوري تر ۽ آسپاس جي علائقن جي ماڻهن ۾ منهنجي واهه واهه هوندي ۽ ماڻهو اهو به مثال ڏيندا ته ڇوڪري جو خاندان ته غريب هو پيءُ جي نوڪري ملڻ ۽ آفيسر ٿيڻ کانپوءِ پوري خاندان جو نقشو ئي مٽجي ويو.

    آئون سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ پنهنجي ڪنهن مسئلي لاءِ اتي سيڪشن آفيسر سان ويٺو هجان، اهو آفيسر سيڪريٽريٽ جي ٻئي ماڻهو کي وٺي اچي اتي پهتو، سيڪريٽريٽ جي همراهه آفيسر جو سيڪشن سان تعارف ڪرايو، صاحب اوهان سائين کي سڃاڻو، سيڪشن آفيسر چيو نه سر منهنجي پهريان ملاقات نه آهي. صاحب هي چيف انجنيئر آهي، وڏي لي لست وارو ماڻهو آهي، ايم پي اي، ايم اين اي، منسٽر کان ويندي وزيراعليٰ سان سائين جا سٺا تعلقات آهن. سر سان ملو ٿي سگهي ٿو سائين اوهان کي ڪٿي ڪم اچي. سيڪشن آفيسر اٿي وڃي ان سان ملي ٿو، ان سان خير عافيت ڪري ٿو. ان وقت آئون سوچ ۾ اچي ويس، اسان جهڙن ماڻهن کي ته ملڻ ته ٿيو پري کيڪاري ئي نه پيو، شايد سمجهي ٿو ته هي استاد اسان جي ڪهڙي ڪم ايندو. الٽو هي اسان کي پريشان ئي ڪندو يا ڪم چوندو. هي ته اسان جي هڪ صحيح جا محتاج آهن، هنن جي بدلي هڪ جاءِ کان ٻئي پري واري جاءِ ڪريون ته هي اچي اسان کي ٻانهون به ٻڌندا، منٿ ايلاز به ڪندا، انهيءَ سان گڏوگڏ بدلي روڪرائڻ لاءِ پئسا به ڏيندا.

    مون ڏٺو ته سيڪشن آفيسر پٽيوالي کي رڙ ڪري چيو او ڇوڪرا ڪٿي آهين، جلدي جلدي اچ صاحب لاءِ منرل واٽر به پيار، چانهه به دود پتي کڻي اچ، ها ٻڌ بسڪوٽ به آڻجان اهي به شگر فري هجن. آئون اهو سارو لقاءُ ڏسندو رهيس. چيف انجنيئر صاحب ان کي چوڻ لڳو ادا اوهان تڪليف ڇو ٿا ڪريو؟ اسان کائي پي پوءِ نڪتا آهيون. تنهن تي سيڪشن آفيسر، صاحب کي چوڻ لڳو سائين ڇو ٿا گناهگار ۽ شرمندو ڪيو. اهڙو موقعو وري ملي الائي نه اوهان اسان وٽ آيا به قسمت سان آهيو. هاڻي ڏيو حال احوال منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم آهي. ان تي چيف انجينئر صاحب ان کي چوڻ لڳو پٽ جي پوسٽنگ ڪرائڻي آهي. مون منسٽر صاحب کي به چيو آهي ان منهنجي سامهون سيڪريٽري صاحب کي به چيو آهي، ليڪن اڃا تائين منهنجو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. اڄ منهنجي چيف سيڪريٽري سان ڊپارٽمينٽل ميٽنگ به آهي ان کي به چوان ڀلا، تنهن تي سيڪشن آفيسر ان کي چوڻ لڳو اهو ته تمام سٺو ٿيندو سر ڇو ته پوسٽنگ اهڙي آهي، جنهن جي سمري صحيح به اهو ڪندو، تنهن تي چيف انجنيئر سيڪشن آفيسر کي چوڻ لڳو ها يار تون سچ پيو چوين، تون هڪ ڪم ڪر منهنجي پٽ جي سمري تيار ڪر آئون اڄ چيف سيڪريٽري کي چوان ٿو، تنهن تي سيڪشن آفيسر لڳو ها صاحب فائل ٺاهڻ منهنجي لاءِ ڪو مسئلو نه آهي، مان ڪلاڪ جي اندر تيار ڪري ٿو وٺان، اوهان رڳو مون کي فون تي حال احوال ڏئي ڇڏجو. ڏسندي ڏسندي منرل واٽر به اچي ويو، دود پتي چانهه ۽ شگر فري بسڪٽ به اچي ويا، صاحب کي پياري کارائي روانو ڪيو ويو. آئون ويٺو ٻلي وانگر انهن کي ڏسان ۽ الله کي پيو ياد ڪيان واهه قدرت تنهنجا رنگ. چيف انجنيئر به استادن کان پڙهي آيو، سيڪشن آفيسر به استاد کان پڙهي هن منزل تي پهتو آهي، البته استاد جنهن هنن کي هن منزل تي پهچايو اهو بيٺو انهن کي ڏسي هنن کي ذرو به احساس نه آهي جو کڻي ان کي ڪوڙي صلاح به ڪن. استاد جو ڪو مان مرتبو ناهي، جنهن جي باري ۾ اهو چيو ويو آهي ته استاد پيغمبري پيشي سان منسلڪ آهي استاد ئي معاشري کي سنواري ۽ سڌاري ٿو، اهو استاد اڄ اهڙي بند ڳلي ۾ ڦاسايو ويو آهي جو هو صرف ڏسي پسي ٿو ۽ سڀ ملامتون به اچي ان مٿان پيون آهن ته استاد پڙهائي نه ٿو، استاد گوسڙو آهي، استاد عزت جي لائق ناهي، استاد جو تمام برو حشر ڪيو وڃي. مون کي ٻڌايو ته اگر استاد پڙهائي نه ٿو ته هي ڪيترا سارا آفيسر، ملازم، حڪومت جو نظام هلائيندڙن کي تعليم وري اچي ملائڪن ڏني آهي.

    دنيا جي هر ملڪ ۾ استاد جو مان مرتبو تمام وڏو ۽ شانائتو آهي، انهن ملڪن ۾ استاد اتان جو قيمتي اثاثو هوندو آهي، هتي استاد کي استاد ئي نه ٿو مڃيو وڃي. معاشري ۾ اهڙو ته ماحول جوڙيو ويو آهي جو ٻار پڙهائي ڪرڻ کانپوءِ استاد سان هٿ ئي ملائڻ پسند نه ٿو ڪري، استاد کي ڏسي رستو ئي مٽايو پيو وڃي، وڏن ماڻهن جي اولاد جڏهن پڙهي وڏا ٿين ٿا ته اهي ٻئي مخلوق ٿي وڃن ٿا، جڏهن وڏين گاڏين ۾ گهمن ڦرن ٿا يا رستي ويندي استاد کي ڏسن ٿا ته ان سان ملڻ کان به شرمائين ٿا ته ڪمدار، ڪاراوا گارڊ مون کي غريب استاد سان ملندي ڏسي ڪٿي ائين نه چون ته اسان جو سردار، وڏيرو، غريب استاد سان ائين پيو ملي ڄڻ ڪو وڏو هجيس ۽ وڏي ماڻهو جو ٻار ائين به محسوس ڪري پيو ڪٿي منهنجي مان، شان ۾ گهٽتائي نه اچي وڃي.

    مقصد چوڻ جو اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ عجيب روايتن جنم ورتو آهي، جنهن سان صرف تباهي اچي سگهي ٿي، ان ۾ سڌارو نه ٿو اچي سگهي. بدقسمتي سان هي رواج پاڪستان کي ورثي ۾ مليو آهي. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين وڏيرا، جاگيردار، ملڪ ئي پاڪستان جا سربراهه رهيا آهن. دنيا جا ملڪ تعليم جي ڪري ئي دنيا ۾ روشن آهي، اگر اڄ به اسان استاد جي ۽ تعليم يافته ماڻهن جي عزت نه ڪئي ته اسان دنيا جي ملڪن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي نه سگهنداسين. اسان کي گهرجي ته استاد جو مان مرتبو، شان بلند ڪريون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي به اها تربيت ڏيون ۽ معاشري ۾ جنم وٺندڙ غلط رسم ۽ رواجن کي ختم ڪريون.

    helpjhatial@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو