شوڪت لوهار جڏهن لفظ رُسي وڃن، جُملا ڳالهائڻ ڇڏي ڏين، سٽون اکيون ملائي نه سگهن، تڏهن کوکلا اکر زبردستي ڪاڳرن جي پليٽن ۾ سجائي محفل مچائڻ مان ظاهري ڏيکاءُ جي تسڪين ته ملي سگهي ٿي مگر حقيقي ڪيفيتن جو ڪو به پوراءُ ٿيڻ ممڪن ڪو نه آهي. گهڻا ڏينهن ٿيندا جو اکر رٺل هئا، ڪجهه آئون پاڻ به انهن کان ناراض هئس، اسين ٻيئي هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون ڪين پيا ملائي سگهون سبب؟ بنا سبب، ڪو به سبب نه بس، هن ملول مَن تي تري آيل هزارين سوالن جا جڏهن ڪي به جواب نه ملي سگهن، تڏهن اکرن ۽ لفظن سان ئي سماجي بائيڪاٽ ڪري ڇڏڻ ۾ عافيت سمجهيم. سوچيو هئم ته هاڻي هيڪاندا تمام ڊگهي ساهي کانپوءِ ڪجهه لکبو جو پنهنجي اندر کي اوتڻ لاءِ مس/سياهي ۾ حال ڪو نه آهي جو اها پنهنجي اندر ۾ لڪل درد جا سرد ٿيل لاشا کڻي سگهي. پنهنجي ذات مان ٻاهر نڪري جڏهن ٿورو به سوچجي ٿو ته مٿي ۾ اسٽيل جا ڪوڪا لڳندي محسوس ٿين ٿا، هر طرف رت جو مينهن وسي ٿو. هي مٽي جنهن تي هميشه مهر جا مينهن وسندا هئا. هينئر ڪنهن اڪيلي ٻار جيان روئي رهي آهي جنهن جا مائٽ ڪنهن اوچتي حادثي ۾ موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. هن ڀونءُ تي توڙي جو ڪو به ظاهري جهنگ ڪو نه آهي، جتي ڪي خونخوار جانور هجن، جيڪي روزانو رات جو ڀر واري آبادي مان ڪنهن معصوم ماڻهو کي کائي ويندا هجن پر ان ۾ رهندڙ طاقتور ماڻهو انهن خونخوار جانورن کان به وڌيڪ طاقتور ۽ سگهارا ٿي پيا آهن، انهن جي ڏندن ۾ ڪنهن وڏي زهريلي نانگ کان وڌيڪ وحشت ڀريل آهي. هي ڊجيٽل زندگي، اصل ۾ هڪ ڊجيٽل جهنگ مثل ئي ته آهي، جتي هر ڪو پنهنجو هوندي به ڪو به پنهنجو ڪو نه آهي. هر رشتو ائين ٽاڪئون آهي جيئن ڪو ”پاپڙ“. ها پاپڙ جنهن جي ڪهڙي به پاسي کي ٿورو زور ڏيڻ سان اهو ڀورا ڀورا ٿيو وڃي پر اها ڀرندڙ زندگي انهيءَ ٻالڪ لاءِ ته جيون جو ٻارڻ آهي، جيڪو روزانو اهي بنا چپل گهٽي اچي کپائيندو آهي. هي سڀ کيل زندگي جا آهن. ناسا ۾ ويٺل سائنسدان لاءِ هي پرٿوي ڀلي ڪنهن بنگ بينگ کان شروع ٿيل تماشو هجي پر هي زندگي ان ٻارڙي لاءِ صرف انهيءَ ڀڳل رانديڪي سان سلهاڙيل آهي، جيڪا سڄو وقت ان سان کيڏي کيڏي ننڊ ڪرڻ وقت پنهنجي سيني تي ان جي لمس کي ساهن لاءِ آٿت سمجهي ٿو. اسان کان رُسي ويل مُرڪن کي واپس ڪرائڻ جي گارنٽي ته ڪنهن به ڪمپني ڪو نه ڏني آهي پوءِ هي ڪمپنيون ٻين سڀني شين جي خراب ٿيڻ لاءِ مني بيڪ جي گارنٽي خبر ناهي ڇو ڏينديون آهن...! احساس ڪنهن بوهي مڱ جيان آهن ڪو نه جو اهي ڪٿان مفت ۾ کڻي کائي ڇڏجن، احساس اندر مان ائين ڦٽي نڪرن ٿا جيئن بانس پٿر کي چيري نڪري ٿو. سرد موسم ۽ آسمان ڪڪرن سان ڀريل ڀريل هر ڏسا ۾ خاموشي، نه ڪا ڌمال نه ڪو ڏوڪر! ائين لڳي ٿو ته هن سڄي شهر کي ڪو نانگ ڪکي ويو هجي. ڀلا ڇا ڪجي. هڪ معصوم ننڍڙي زندگي جنهن مان به شعور جا چند ڏينهن باقي ته جدوجهد هُنهن... ڇا جي جدوجهد؟ جدوجهد تڏهن ڪجي نه جڏهن يقين هجي ته همشيگي جو امرت پيتو آهي. ڀلا حباب جهڙي هن جيون لاءِ ڪهڙو روڳ ۽ غوغاءُ؟ سڀ ٺاهه ٺوهه رنگ جلترنگ، وٺ وٺان، ڪوشش هڻ هڻان پاڻ کي مشين جي منهن ۾ ڏيئي پنهنجو قيمو ڪرائي ڇڏڻ کانپوءِ به جيڪڏهن باءِ باءِ جو سگنل ملي ته پوءِ ڀلا اهڙي جيون اهڙي شعور کي سنڌو جي ڇولين جي حوالي نه ڪرڻ گهرجي ته ٻيو ڇا ڪجي؟ اکرن کان منهن رُسامو حق تي ئي هو جو جتي بم ڊسپوزل اسڪاڊ جي سامان مان ڪرپشن ڪجي ۽ ماڻهو صرف ان ڪري مري وڃي جو ان وٽ پراپر گيئر (سامان) نه هجي. هن وقت اسان وٽ ڪيترائي رنگين بحران هلي رهيا آهن. هونئن ته سڄي زندگي بحرانن جي ور چڙهيل آهي. اسان جا ماڻهو به عجيب آهن جو اڃا تائين ڪمند پوکي رهيا آهن، انهن کي کپي ته هاڻ ڪمند جي بجاءِ پنهنجو پاڻ کي پوکين، ڇو ته اصل حقيقت به اها آهي ته هي جيڪي به شگر ملون آهن، اهي ڪمند کي ٿورو ئي پيڙهين ٿيون، اهي ته غريب ماڻهن کي پيڙهين ٿيون! اسان کي نظر صرف ڪمند جون ڳٺڙيون آهن، حقيقت ۾ اهي ماڻهن جا ارمان، خواهشون ۽ ارادا آهن، جيڪي هڪ هڪ ٿي شگر مل ۾ پيڙهجي رهيا آهن. هن ڪاري رات جو صبح خبر ناهي ڪڏهن ٿيندو، جو هاڻ ماڻهو ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڪا آهن. هڪ طرف صاحبن جا وڏا وڏا محلات آهن، هُو نڪرن ٿا ته انهن جي پروٽوڪول کي ڏسي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ماڻهو خبر ناهي ٻيو بزنيس ڇو ٿا ڪن؟ ڇاڪاڻ ته سياست کان وڌيڪ نفع بخش ڪاروبار ٻيو آهي به ڪو نه. صرف ٿورڙي سيڙپ جي ضرورت آهي پوءِ عوام کي غربت جي ڪڙاهي تيل ۾ ڪاڙهي ۽ چاڙهي انهن جو سوپ ٺاهي پيئڻ ۾ ڪيڏو نه مزو آهي هر طرف آدم بوءِ آدم بوءِ... هي ديس جتي جي وونئڻن جي پوک کي ڏسي سڪندر يوناني جي فوجي لشڪر اهو چيو هو ته ”مار هتي ته وڻن ۾ ڪپهه ٿئي ٿي“ اُتي اڄ وڻن ۾ ڪپهه جي بجاءِ انهن وڻن جو وجود ئي ڪو نه آهي. هتان جا رهاڪو ڄڻ ريڊ انڊين هُجن جو انهن جا سڀ حق غصب ٿي چڪا آهن! قبضا گيرن جي زبان ۾ ايڏي تيزي ۽ روانگي آهي جو ڪوئي انهن سان ڀڄي به ڪين ٿو سگهجي. ٿر ۾ مرندڙ ٻارڙن جي خبر روزانو ائين گذري وڃي ٿي، جيئن اسين هلندي هلندي ڪنهن ڪيڙي ماڪوڙي تي لت ڏيئي اڳتي هليا ويندا آهيون. هو جيڪي ڪاري سون جا ڌڻي آهن مگر هن وقت سندن زندگين کي ڪاراڻ لڳي ويئي آهي. اٽڪلون، حرفتون، ٺڳيون، کڳيون، وڏا پيٽ، شگر ۽ بلڊپريشر جو پرڏيهي ملڪن کان علاج. هي سڄي خلق سائي ۽ ڪاري ڪامڻ ۾ وڪوڙيل، ماتم لاءِ ماڻهو ڪٿان آڻجن؟ بي حسي، بي وسي ۽ نرگسي جي انتها آهي جو ماڻهو صرف ان لاءِ انتظار ڪري ۽ احتجاج ڪري ته خدا جي واسطي منهنجي بابي جو، منهنجي ڀاءُ جو، منهنجي پٽ جو ”لاش“ واپس ڏيو. ڪراچي ويجهو بس ۾ ڀسم ٿيندڙن جي پونئيرن جو صدائون ۽ آهون اسان کان ڪو سوال پڇن ٿيون پر نه اسين ته پنهنجي سيڙپ ڪاري جو کٽيو پيا کائون. اسان جو ٻي ڪنهن سان ڇا وڃي؟ ڪهڙن اکرن ۽ جملن کي همت آهي جو هن ديس جو درد کڻي سگهن؟ سنڌ جون واهڻ وستيون جن جي زندگي ڪنهن ڏند ڪٿائي داستان جيان هوندي هئي، مال جي چاري لاءِ صبح صبح چڙن جو سرگم، اوطاق مهمان نوازي جو خوبصورت ۽ انوکو انداز، مچ ڪچهري ۽ لسي سان ڀريل پتل جو گلاس، اوهان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. اهي سڀ شيون ڪهڙي سرچنگ انجڻ ۾ ڳوليون؟ مون کي خبر ناهي ته آئون توسان مخاطب آهيان يا پنهنجو پاڻ سان ۽ خوامخواهه ڇو ٿو ڳالهايان؟ جڏهن سڄي ديس کي سائي هجي ته پوءِ ان جو ڪهڙي ويڄ کان علاج ڪرائجي؟ هن حالت ۾ اکرن ۽ جملن سان ڪهڙيون اکيون ملائجن؟ اڪ ذرا سوچني دو اس خيابان مين جو اس لحظه بيابان بهي نهين، ڪون سي شاخ په ڦول آئي ٿي سب سي پهلي ڪون بي رنگ هوئي رنج و تعصب سي پهلي اور اب سي پهلي ڪس گهڙي ڪون سي موسم ۾ يهان خون ڪا قحط پڙا گل ڪي شه رگ په ڪڙا وقت پڙا سوچني دو اڪ ذرا سوچني دو يه بهرا شهر جو آب وادي ويران بهي نهين اس مين ڪس وقت ڪهان آگ لگي ٿي پهلي اس ڪي صف هسته دريچون مين اول زه هوئي سُرخ شعائون ڪي ڪمال ڪس جگه جوت جگي ٿي پهلي سوچني دو (فيض) shoukatali.lohar@gmail.com