اسرار احمد گبول ڊرامو ادب جي هڪ اهم صنف آهي ۽ هڪ سگهارو اظهار پڻ آهي. سنڌي ادب ۾ ڊرامي جي تاريخ ۽ هيئيت جي باري ۾ تمام گهٽ شيون مقالن ۽ مضمونن جي صورت ۾ پڙهڻ لاءِ ته ملي وينديون، پر ڊرامي تي ڪنهن جامع ڪتاب جي سنڌي ادب ۾ کوٽ پئي محسوس ڪئي وئي. آغا ظفر جنهن جون ڪيئي سُڃاڻپون آهن، هُو هڪ سُٺي شاعر هُجڻ سان گڏوگڏ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار آهي. هُو جڏهن پنهنجي شاعري ترنم ۾ پڙهندو آهي، تڏهن سُرن جون ڇوليون ڇُلڻ لڳنديون آهن ۽ ماڻهو انهن ڇولين ۾ لُڙهندو رهندو آهي، آغا ظفر شاعريءَ کان علاوه ڊرامي جي دنيا ۾ پاڻ به ملهايو آهي، ڪنهن کي اِها خبر هئي ته هُو ڊرامي جي تاريخ ۽ هيئيت تي هڪڙو سُهڻو ڪتاب لکندو! آغا ظفر، جي جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪيان پيو، تنهن جو نالو ”ڊرامو (تاريخ ۽ هيئيت)“ آهي. اِهو ڪتاب پنج بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ ”ڊرامو ۽ اُن جي تاريخ“، ”ٿيئٽر ۽ اُن جي تاريخ“، ”ڊرامي جي ارتقائي صورت گري“، سنڌي ڊرامو“ ۽ ”مختصر ڊراما“ جي نالن سان آهن، انهن پنج اهم بابن جا ڪيترائي سب ٽاپڪ آهن، ذريعي ليکڪ ڊرامي جي تاريخ ۽ هيئيت تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ”ڊرامي جي وصف“ ۾ ليکڪ لکي ٿو ته: ”ڊرامو فڪشن جو هڪ اهڙو انداز يا ريت آهي، جنهن کي عمل ڪاريءَ ذريعي حاضرين اڳيان پيش ڪيو وڃي.“ انهي کان علاوه ليکڪ ڊرامي جي وصف جي حوالي سان انسائيڪلو پيڊيا برطانيڪا، انٽرنيشنل انگلش ڊڪشنري آڪسفورڊ، ميريم ويبسٽر ڊڪشنري مان حوالا به ڏنا آهن، حوالن کانسواءِ ڪتاب جهڙوڪر ٻُسو ۽ اڻپورو ليکيو وڃي ها ۽ تحقيقي ۽ تخليقي ڪتاب جي لاءِ اها شيءَ لازم محسوس ڪئي وڃي ٿي. ”ڊرامو“ صرف تخليقي ڪتاب ناهي، پر اُهو هڪ تحقيقي ڪتاب پڻ آهي، جنهن ۾ ڪي قدر تحقيق جون گهُرجون پڻ پوريون ڪيون ويون آهن. اڳتي هلي ڊرامي جي بڻ بنياد، ڊرامي جا جُزا، ڊرامي جي ڳنڀرتا، دکدائڪي/ ٽرئجڊي (جيڪا ڊرامي جو هڪ اهم جزو آهي) تي تاريخي ۽ تحقيقي روشني وڌل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي ٻولي جي جادوگري پڻ ڏيکاري آهي. آغا ظفر پنهنجي ڪتاب ۾ ابتدائي يوناني ڊرامي کان وٺي، اُن جي وچئين دؤر، ڊرامي جي بحاليءَ جي دؤر، اڻويهين صدي جي ڊرامي ۽ اُن ۾ رومانوي سرڪشي ۽ يارهين صديءَ کان سورهين صديءَ جي ڊرامن تي تاريخي، تحقيقي نظر وجهي، ليکڪ پنهنجو نقطهء نظر پڻ پيش ڪيو آهي. ٻين بابن ۾ ٿيئٽر ۽ اُن جي تاريخ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ليکڪ آمريڪي، آفريڪي، ايشين، هندستاني، سنسڪرت، چيني، فلپائني، ٿائي، خُمير ۽ ملائي ٿيٽر کي ائين بيان ڪيو آهي، ڄڻ ته ننڍڙا وڊيو ڪلپس هُجن، جيڪي ليکڪ پڙهندڙن کي ڏيکاريا آهن ۽ پڙهندڙ جڳ جهان جي ٿيئٽر بابت بخوبي واقف ٿي سگهي ٿو. ڪتاب جو ٽيون باب ”ڊرامي جي ارتقائي صورت گري“ نهايت ئي اهم ۽ پڙهڻ جهڙو باب آهي، جنهن ۾ ڊرامي جي موضاعتي سفر بابت ٻُڌايو ويو آهي، جنهن ۾ سهپ اندازي کيل، معجزاتي ڊرامو، اخلاقياتي ڊرامو، ميان کيل تماشو، موضاعاتي تبديلي طرف وک، مزاحيه کيل، ماڊرن يا جديد دؤر ۽ 1947ع کانپوءِ جي هندستاني ڊرامي جي موضاعاتي سفر، اُنهن ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ موضاعتي وسعت ڄاڻائڻ ۾ ليکڪ ڪامياب ويو آهي. سنڌي ڊرامي واري باب جي ابتدا ۾ آغا ظفر سنڌي ڊرامي جي ابتدا تي لکندي، شاهه لطيف جي سُورمين ۽ سورمن ۽ سنڌ جي عشقيه لوڪ داستانن بابت نئين رُخ سان اُنهن جو تجزيو ڪيو آهي. دودي چنيسر جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”دودي جو قصو کڻڻ وارو، يوناني ڊرامي وانگر بيانيا انداز ۾ جنگ جي ميدان ۾ چنيسر ۽ سندس پٽ نگر جي وچ ۾ ٿيل مڪالما پيش ڪري ٿو، وري نگر ۽ دودي جي وچ ۾ به مڪالما آهن.“ ان کانپوءِ سنڌي ۾ جيڪي اسٽيج ڊراما لکيا ۽ پيش ڪيا ويا، اُنهن اسٽيج ڊرامن ۽ اُنهن ڊرامن کي پيش ڪندڙ سوسائٽي ۽ ڪلبن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي جي تاريخ قلمبند ڪئي وئي آهي، جڏهن به سنڌي اسٽيج ڊرامي جي تاريخ ۽ انهي بابت ڪنهن قسم جي بُنيادي ڄاڻ جي ضرورت پوندي ته اُن لاءِ آغا ظفر جو ڪيل ڪم نهايت ئي اهم ڄاتو ويندو. ڪتاب جو آخري باب ”مختصر ڊراما“ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ ريڊيائي ڊرامن، اسٽيج ڊرامن، پي ٽي وي جي ڊرامن، ٻاراڻن ڊرامن، فيچر ڊرامن، لانگ پلي، سيريل، سوپ سيريل جهڙن اهم موضوعن بابت بُنيادي ڄاڻ ڏني وئي آهي. آخر ۾ ليکڪ پنهنجا ٻه ڊراما پڻ ڏنا آهن، جيڪي ٻئي سُٺا ڊراما آهن، اُنهن ۾ ”مٽيءَ منجهه مڻيا“ گوءِ کڻي بيٺو آهي. مجموعي طور تي ڊرامي جي تاريخ، جوڙجڪ، اُنهن جي جُزن، اُنهن جي موضوعاتي وسعت سان گڏوگڏ سنڌي ڊرامي ۽ ٿيئٽر جي تاريخ پڻ ڏني وئي آهي. ڊرامي تي پنهنجي نوعيت جو هڪ اهم تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي، جنهن ۾ توڙي جو ليکڪ مختصر نويسي کان ڪم ورتو آهي، پر پوءِ به ”ڊرامو (تاريخ ۽ هيئيت)“ ڊرامي جي فن ۽ تاريخ تي هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي ۽ مختصر نويسي جي باوجود جامع آهي. ڊرامي تي لکيل آغا ظفر جو ڪتاب پڙهڻ ۽ هانءُ سان هنڊائڻ جهڙو آهي