سرور بلوچ جڏهن به پاڪستان جي ڪرڪيٽ مئچ هوندي آهي ته هميشه اهو ئي ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي ته هن ٽيم تي ڪو به اعتبار ناهي، هاريل مئچ کٽي ۽ کٽيل مئچ هارائڻ ۾ دير ناهي ڪندي. معنيٰ ته ان وقت مڪمل غير يقيني صورتحال هوندي آهي ۽ اهو ڪو هڪ دفعو نه پر ڪيترائي ڀيرا اسان جي ٽيم ۽ وري ٽيم سان گڏ سڄي مُلڪ جو عوام اهڙي صورتحال مان گذريو آهي، پر اها غير يقيني رڳو ڪرڪيٽ جي مئچ ۾ نه پر اسان وٽ هر معاملي ۾ آهي. عام واهپي جون شيون اوچتو منظر تان غائب ٿي وڃن ٿيون ۽ پوءِ ساڳيون شيون اگهه چڙهڻ بعد اوچتو منظرِ عام تي اچي وڃن ٿيون. ماڻهن کي چڱيءَ ريت ياد هوندو ته اوچتو، ڀل کڻي اُهو هٿرادو ڇو نه هُجي پر کنڊ جو بحران ٿيو ۽ عام ماڻهو شديد پريشانيءَ ۾ وٺجي ويا. ننڍن وڏن دڪانن تان کنڊ اڻلڀ ٿي ويئي. اڪثر اهڙا بحران ان وقت ايندا آهن، جڏهن انهن مان ڪنهن شيءِ جا اگهه گهٽ ٿي ويندا آهن يا وري ڪجهه واپاري، مل مالڪ ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻهو ملندڙ منافعي کان وڌيڪ ڪمائڻ جي پلاننگ ڪندا آهن ۽ پوءِ اهو سڄو نزلو ان عام ماڻهوءَ تي اچي پوندو آهي، جيڪو روز ڪمائي ۽ روز کائي ٿو. اسان وٽ مختلف وقتن تي اهڙن بحرانن ڪَرُ کنيو، جنهن غريب ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون. اسان وٽ کنڊ غائب ٿي وئي، اٽو اڻلڀ ٿيو، گيهه جي گهٽتائي ٿي، معني ته هر سال ڪو اهڙو بحران ضرور جنم وٺندو رهيو آهي، جنهن لاءِ عام ماڻهن کي قطارن ۾ بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. سنڌ ۾ پئسن ڏيڻ باوجود ماڻهن اٽي جي ٿيلهيءَ لاءِ لٺيون کاڌيون. پاڪستان ۾ بجليءَ جو بحران ته وڏي عرصي کان هلندڙ آهي ۽ گئس جو بحران به اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي رهيو. ماڻهو ته ٽوڪون ڪندا آهن ته پاڪستان ۾ سي اين جي واري لائن ۾ بيٺل گاڏيون آسمان مان ايئن ٿيون لڳن، جيئن ديوارِچين، سو اهڙيون ٺٺوليون ڇونه ٿينديون جڏهن اسان وٽ ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطارن ۾ بيهي پنهنجي گاڏيءَ ۾ گئس ڀرائڻ جو انتظار ڪندا. تازو وري اسان وٽ تيل جي بحران جنم ورتو آهي، جيڪو پڻ هاڻ نئين تاريخ رقم ڪري رهيو آهي. دنيا ۾ هن وقت تيل جي اگهن ۾ تمام گهڻي لاٿ آئي آهي. پاڪستان پڻ ان لاٿ کي ڏسندي وچ ۾ پنهنجي دش خش ڪڍي ڪجهه حد تائين اگهه گهٽايا آهن پر اهي اگهه اوترا نه آهن، جيترا عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽيا آهن. ان هوندي به عام ماڻهن ۾ خوشي ضرور ڏٺي وئي ته وڏي عرصي بعد تيل جا اگهه گهٽيا آهن. پر ڏٺو وڃي ته تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ جو سنئون سڌو لاڀ عام ماڻهوءَ کي نه مليو آهي. ڪنهن به ريزڪي دڪان تي وڃي اگهه معلوم ڪري سگهجن ٿا. چانور، اٽو، گيهه، چانهه جي پتي، پيسٽ، ڪريم، شيمپو، مصالا يا وري ڀاڄين جا اگهه معلوم ڪري وٺو جي اڃان به ٿي سگهي ته وڃي ميون جي ريڙهي تي بيهي ڏسو، اوهان کي ڪٿي به ڪا خاص قسم جي گهٽتائي نظر نه ايندي. جڏهن تيل جا اگهه 100 روپين کان مٿي هُئا تڏهن ريزڪو سامان، ڀاڄيون ۽ ميوا جنهن اگهه ۾ وڪامجي رهيا هُئا، اڄ تيل 80 روپين کان به گهٽ ٿي ويو آهي پر عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڪابه خاص گهٽتائي نظر نه آئي آهي. هڪ پاسي ته تيل جي اگهن ۾ ايڏي وڏي گهٽتائي آئي آهي ته وري ان جو لاڀ عام ماڻهن کي نٿو ملي ته وري ٻي پاسي هاڻ ته تيل به اڻلڀ ٿي ويو آهي. مون ته پنهنجي يادگيري ۾ گهٽ ۾ گهٽ پيٽرول پمپ تي پيٽرول وٺڻ لاءِ ايڏي قطار نه ڏٺي هوندي، جيڪا اڄڪلهه ڏسجي پيئي. تيل جا اگهه جڏهن به گهٽ ٿيندا يا وڌندا آهن ته انهن ڏينهن ۾ پيٽرول پمپن تي تيل ختم ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهن کي 30، 31 ۽ 01 (پهرين) تاريخ تي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ته اڪثر پمپن ۾ انهن ڏينهن ۾ تيل گهٽ ٿي ويندو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته جڏهن به تيل جا اگهه وڌڻ جون خبرون سامهون اينديون آهن ته پيٽرول پمپن وارا تيل گهرائي ان کي اسٽاڪ ڪري رکي ڇڏيندا آهن يا وري تيل ڊپو مان تيل وڌڻ جي اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ تيل ڀرائي ٽئنڪرن کي رستي ۾ ان وقت تائين بيهاري ڇڏيندا آهن، جيسين باقائدا اعلان نه ٿي وڃي ۽ پوءِ اُهي ٽئنڪر اگهه وڌڻ بعد پمپ تي پهچي ويندا آهن. ايئن انهن پمپ مالڪن کي فائدو رسندو آهي ۽ هاڻ جڏهن تيل جا اگهه گهٽ ٿي رهيا آهن ته اهڙي وقت ۾ اهڙا پيٽرول پمپ وارا جن جي روزاني سيل 3 هزارن کان 5 هزار ليٽر هوندي آهي سي ريٽ گهٽ ٿيڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ ئي تيل گهرائڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ته جيڪي ننڍا پمپ جن جي سيل روزانو 1 هزار کان 2 هزار لٽر هوندي آهي، سي اگهه گهٽ ٿيڻ کان هڪ کان ٻه هفتا اڳ ئي تيل گهرائڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ڇوته انهن کي ٽئنڪ ۾ پيٽرول بچائڻ تي نقصان ٿيندو آهي ۽ هوُ نقصان کان بچڻ لاءِ تيل نه گهرائيندا آهن ۽ پوءِ علائقن ۾ تيل جي کوٽ ٿي ويندي آهي پر اها کوٽ عارضي هوندي آهي، جيڪا هڪ ٻن ڏينهن تائين ڪنٽرول ۾ اچي ويندي آهي. پر تازو سڄي مُلڪ ۾ آيل تيل جي کوٽ حڪومت جا ڪن کڙا کري ڇڏيا آهن ۽ ان بابت حڪومت پاران ساڳيا روايتي بيان سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي اڳ اٽي جي غائب ٿيڻ تي، ڊبل روٽي ۽ کنڊ جي بحران تي چانهه ۽ مٺيون شيون کائڻ کي گهٽ ڪرڻ جا بيان ڏيندا رهيا آهن. حڪومت تيل جي بحران جو ذميوار عوام کي قرار ڏيندي کين تيل گهٽ استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. تيل جي اچانڪ غائب ٿيڻ بعد هڪ اهڙي غير يقيني صورتحال سامهون آئي آهي، جو هاڻ ماڻهو بوتلون ۽ گيلن ڀرائي گهر ۾ اسٽاڪ ڪري رهيا آهن ته متان ڪجهه ڏينهن بعد تيل مڪمل غائب ٿي وڃي يا گهٽ ۾ گهٽ سَوَلائي سان ملڻ محال ٿي وڃي. حڪومت پاران ڪجهه ڏينهن ۾ تيل جي اهڙي بحران کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر مُلڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال مختلف شڪلن ۾ برقرار آهي. ڪڏهن اٽو نه ملڻ ته وري ڪڏهن کنڊ ۽ گيهه جي کوٽ واري بي يقيني صورتحال کانپوءِ هاڻ وري تيل به حڪومت جي مٿي جو سور بڻيل آهي، پر اڪثر اهڙي صورتحال ۾ وري ڪجهه ماڻهن فائدا ورتا آهن ۽ مُلڪ ۾ مختلف وقتن تي اهڙي صورتحال جا ذميوار به اُهي ماڻهو ئي آهن، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ سڄي مُلڪ جي ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. ڪرڪيٽ مئچ کٽي وياسين يا نه اهو شايد ماڻهن لاءِ ايترو ضروري نه هُجي، ڇوته اڄ نه ته سڀاڻ کٽينداسين يا نه به کٽي سين ته خير آهي پر اڄ اٽو، کنڊ، گيهه يا پيٽرول وٺي گڏ ڪيون، متان سڀاڻ ملي يا نه، واري بي يقيني جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي. ڇوته مئچ کٽڻ يا نه کٽڻ ۽ پيٽ جي باهه وسائڻ ۽ گاڏي هلائڻ لاءِ گهڻو صبر ڪرڻ ممڪن نه آهي