طاقت جو سرچشمو عوام جي نعري کان هٽي ويل پ پ پ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    علي اصغر کوسو

    ” لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني ،ڪن موت جي ڦاهيءَ کي چميو ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو.اها انهن ڪارڪنن همدردن ۽ ووٽرن جي قربانين جو نتيجو هيو ته وقت جا وڏا وڏا رئيس، ڀوتار، پير، مير ،نواب پيپلزپارٽي جي حمايت يافته اميدوار ن کان کٽڻ ۾ ناڪام ويا سنڌ توڙي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيپلزپارٽي عوامي پارٽي طور ٻيهر اڀري محترمه بينظير ڀٽو کي وزارت عظميٰ جي تخت تي ويهاري اهو ثابت ڪرايو ته عوام جي طاقت اڳيان سموريون طاقتون بيڪار بي معنيٰ جي مثل آهن

    .محترمه بينظير ڀٽو عوام سان اهو محبت وارو ناتو به خوب نڀايو ۽ موٽ ۾ ملڪ جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ ڪامياب وئي اهڙا هزارين مثال موجود آهن جن کي ڳڻائي سگهجي ٿو.جن ورڪرن ،همدردن، ووٽرن ۽ عوام کي وڏن وڏن عهدن تي بنا ڪنهن تفريق جي روزگار ڏنو ۽ سنڌ ۾ هڪ پڙهيل لکيل مڊل ڪلاس جو طبقو وجود ۾ آيو.محترمه جي قيادت ۾ هڪ عام ورڪر کان ويندي عهديدارن تائين جي راءِ جو خيال ڪيو ويندو هو ۽ چونڊيل نمائندن جي مٺ ۾ ساهه هوندو هيو ڪٿي ڪو ورڪر يا عهديدار محترمه تائين دانهن نه ڪري وجهي ۽ کين شرمندگيءَ جو منهن نه ڏسڻو پوي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي جادوئي شخصيت جو نتيجو اهو نڪرندو هيو ته سنڌ ۾ اها ڳالهه واضع هوندي هئي ته پ پ پ جي ٽڪيٽ بجليءَ جي کنڀي کي ڏني وڃي ته اهو به اليڪشن کٽي ويندو ۽ وڏا بت ڪري پوندا.

    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هن وقت جي حڪومت تائين صرف ستن سالن جي طرز حڪومت ۽ ڪارڪردگيءَ کي ڏسي عام راءِ تمام مختلف ٿي وئي آهي .گذريل ستن سالن جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ پ پ جي پاليسين تي نظر وجهبي ته پ پ پ پنهنجي قائم ٿيڻ واري بنيادي نظريي ۽ نعري عوام کان بنهه پري بيٺي آهي.اڄ پارٽيءَ جي قيادت اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ وٽ آهي ۽ پارٽيءَ جو صدر هڪ سردار آهي.سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن پيرن ،ميرن،سردارن،وڏيرن،ڀوتارن کي پ پ پ ۾ شموليت ڪرائي وئي آهي جنهن مان ان ڳالهه کي وڌيڪ تقويت ملي ٿي ته گذريل ستن سالن جي خراب ڪارڪردگي جو نتيجو اهو نڪتو جو عوام ۾ محبت رکڻ واري پارٽي سنڌ ۽ ملڪ جي عوام ۾ ڀروسو ڀاڙڻ بدران انهن وڏيرن ،سرمائيدارن ،ڀوتارن تي ڀاڙڻ شروع ڪيو جن جو مقابلو اڳ بجليءَ جو کنڀو ڪندو هو.

    تازو سينيئر سياستدان خورشيد احمد شاهه جا بيان ئي پڙهي سگهو ٿا جنهن ۾ هن موصوف فرمايو آهي ته سنڌ جا نوجوان نوڪريون وٺڻ بجاءِ ڇولا ۽ بريانيون وڪرو ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪن اها ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه آهي ته هڪ عوامي نمائندو جنهن کي اها ڳالهه ڪرڻ گهرجي هان ته سنڌ جي معياري تعليم تمام خراب ٿي رهي آهي تعليمي ادارا بند آهن ۽ روزگار ميرٽ جي بجاءِ رشوت سفارش جي بنياد تي ملي رهيو آهي ان ڪري سنڌ جي موجوده معيار تعليم کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي بند پيل اسڪول کولرائي ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرائي سنڌ جي ايندڙ مستقبل کي محفوظ بڻائيندي غريب ۽ امير جي فرق کي ختم ڪندي روزگار سفارش ۽ رشوت جي بجاءِ ميرٽ تي فراهم ڪيو وڃي جيئن سنڌ جي نوجوانن ۾ مقابلي جو لاڙو پيدا ٿي سگهي.شاهه صاحب کي ته اهو يقين آهي ته سنڌ جي نوجوانن جو مستقبل روشن هجي يا نه هجي سندس خاندان جو مستقبل سياست ۽ پ پ پ جي ڪري روشن آهي.ڪيڏي نه عجب جي ڳالهه آهي ته سنڌ اندر ڀرورسي لائق اداري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي به سياسي بنيادن تي هلايو پيو وڃي ۽ سفارش نه مڃڻ جي صورت ۾ اداري جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ آغا رفيق کان استعفيٰ طلب ڪئي وئي آهي جنهن سفارش قبول ڪرڻ بدران استعفيٰ ڏيڻ تي ترجيح ڏني.

    اهڙي طرح سنڌ اندر ترقياتي رٿائن تي نظر وجهنداسين ته سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا شهر اوهان کي گندگي ۽ گٽرن جو ڏيک ڏيندا.لاڙڪاڻي شهر کان ويندي ڪيترن ئي شهرن لاءِ اربين روپين جو ترقياتي اسڪيمون جاري ڪيون ويون پر ڪو لاڀ حاصل نه ٿي سگهيو .ستن سالن ۾ حڪومت ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو شهر کي ملائيندڙ ريلوي ڦاٽڪ کي هڪ اوور هيڊ برج نه ڏئي سگهيا آهن ۽ هر پنج منٽن کان پوءِ سوين هزارين گاڏيون ٽريفڪ جي بحران ۾ ڦاٿل آهن.سنڌ جي سمورن ٽي ايم ايز ۾ ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ جو ڪو به حساب ڪتاب نه آهي.نه روڊ ٺهي ٿو نه ڪا گلي نه وري ڪو اسڪول نه پاڻيءَ جي ڪا اسڪيم جڙي ٿي ته نه وري نڪاسي آب لاءِ ڪا اسڪيم اچي پئي پر رڪارڊ ۾ هزارين اسڪيمون مڪمل نظر اينديون ۽ سرزمين تي پٿر به ڪو نه لٿل هوندو.

    ٿر جي صورتحال تي نظر وجهبي ته هن وقت تائين سوين ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن.ته حڪمران وري نڪ جي پڪائيءَ ۾ پورا آهن ۽ ڪڏهن ڪهڙيون دعوائون ته وري ڪڏهن ڪهڙيون ڪن پيا.اڳين حڪومتن جي دور ۾ ٿر ۾ پاڻيءَ جي وڇايل لائينون اوهان کي ٽٽل ملنديون ته پاڻيءَ جا لڳل موٽر ناڪارا نظر ايندا.سياسي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته بلوچستان کان پوءِ سنڌ اندر قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو ته وري کوڙ سارن کي اغوا بعد چچريل لاشن جي صورت ۾ سنڌ جي مختلف روڊ رستن تي ڦٽو ڪيو ويندو آهي.پر پ پ پ جي سرڪار جي چپن تي آمريڪا جي ڪيل ڊرون حملن خلاف ڪيل مذمت جيتري لفظي همدردي به سنڌ جي ماڻهن سان نه ڪئي وئي آهي.

    سنڌ اندر امن امان جي صورتحال تي نظر وجهبي ته ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگس ٿي رهي آهي ته باقي شهرن ۾ وري چورين ،ڌاڙن ،قتل و غارت ،ڦرون ،اغوائن جي وارداتون ڏينهون ڏينهن سنڌي سماج ۾ ناسور جيان وڌي رهيون آهن ان ناسور کي ختم ڪرڻ بجاءِ وقت جي سرڪار خاموشيءَ کي ترجيح ڏني آهي.پ پ پ جا پراڻا نظرياتي ورڪر همدرد،ووٽر هن وقت قيادت پاران سار سنڀال نه لهڻ سبب خاموش بڻجي پاسيرا ٿي ويا آهن ته ڪجهه وري اهڙي عمل خلاف روڊن تي نڪتل نظر ايندا.

    پ پ پ جي حڪومت توڙي قيادت سنڌ ۽ ملڪ جي عوام کان بنهه لاتعلق بڻجي وئي آهي يا وري ائين چوڻ ۽ لکڻ ۾ سولو ٿيندو ته هو عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ ڇڏي ويا آهن انهن جي ويجهو هن وقت سنڌ جا تمام سردار وڏيرا پير ،مير ۽ ڀوتار اچي ويا آهن ۽ سندن ذهن ۾ پرويز مشرف ۽ انگريزن جو اهو فارمولو هٿ اچي ويو آهي ته اهڙن طاقتور ماڻهن کي وڌيڪ طاقتور بڻايو وڃي جن جي اڳيان شريف شهري ڳالهائي به نه سگهن.

    پر قيادت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته طاقت جو سرچشمو جيڪڏهن اهي هجن هان ته پوءِ ڀٽو خاندان عوام کي طاقت جو سرچشمو نه سمجهي ها.پ پ پ جي قيادت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۽ سنڌي عوام هن وقت سندن کان پري ٿي رهيو آهي ۽ ويجهي مستقبل ۾ پ پ پ جو پاليسيون کيس عوام کان وڌيڪ پري رکنديون. تنهن ڪري پ پ قيادت کي پنهنجي بنيادي نعري طاقت جو سرچشمو عوام آهي تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي روين ۾ آيل تبديلي کي درست ڪندي سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو