شيخ اياز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ارشاد ڪاغذي


    شيخ اياز سنڌ جي جديد ادب جي تاريخ ۾ خاص طرح 20 هين صدي عيسوي ۾ هن جي شاعري جو اثر سنڌ ۾ ڦهلجي ويو هو ۽ اياز جي شاعري جي جوتِ سنڌ ـ هند ۽ سموري جهان ۾ جرڪڻ لڳي هئي. هن جي سِرِشت ۾ سنڌ ديس جي سڪ ۽ حب سمايل هئي. هو سنڌ جو آواز ۽ مهان ڪوي آهي. هن جي جديد ۽ انقلابي شاعري جي جولانِي جي بدولت سنڌ جا سڄڻ اَنِياءُ جي خلاف ۽ سنڌ جي وحدت خلاف سندرو ٻڌي وڙهيا ۽ شاندار فتحون حاصل ڪيون.

    اوچو ڪرُ ملهائبو راوت رڱيو روهه

    جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾ ڏيهه نسورو ڏوهه

    للڪاري ٿو لوههُ اڀريو اڄ انياو تي.

    شيخ اياز جنهن پنهنجي علم، مطالعي، مشاهدي، فن ۽ فڪر جي زور تي سنڌي ادب ۾ اعليٰ رتبو ۽ درجو حاصل ڪيو آهي، مهان ڪوي بڻجي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ چنڊ جيان ٽڪ پڌرو آهي بيشڪ! هو باڪمال، بي مثل ۽ سدابهار شاعر آهي جنهن پنهنجي فن ۽ فڪر سان سنڌي ادب ۾ نئين ريت ۽ نئون ٻج ڇٽي نوان سلا ۽ گونچ پيدا ڪيا ۽ سنڌ جي ماحول کي گرمائي انقلاب جي دڳ تي لاٿو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي سموري فن ۽ فڪر کي خوبصورت پيرائي ۾ پيش ڪري پنهنجي تخليقي صلاحيتن، مطالعي ۽ مشاهدي جي نئين شاهراه جي اهڙي نشاندهي ڪئي ۽ ايڏيون ناقابل فراموش تخليقون تخليق ڪري ٻولي ۽ ادب ۾ نئين انقلاب جي تعمير سان گڏ هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪيو، جو شاهه لطيف کان پوءِ گھڻي ماٺار بعد نئين سر استوار ٿي سنڌ جي ڏيهه ۾ نئين سجاڳي ۽ نئين روشني ثابت ٿيو. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۾ ڪيئي نامور شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جيڪي مختلف طبقن ۾، ۽ مختلف دورن ۾ مقبول ۽ مشهور ٿيا، شيخ اياز انهن مهان مهانڊن جو سرموڙ، مهندار ۽ سرتاج آهي. هو سنڌ جي عوام جي اکين جو ٺار آهي.

    انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب، ڳاءِ

    جئن زمينَ آسمانَ جي کلي پَئي زبانَ

    ڪنڊَ ڪنڊَ، چونڪُ چونڪُ

    شهر شهرُ، ڳوٺُ ڳوٺُ!

    جئن ڏئي اٿي جواب انقلاب



    مون ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سَنڌَ ڏٺا

    مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا!



    مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،

    ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن آنءُ سندءِ ديوارن سان،

    ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن تون هيڻو آ هٿيارن سان.



    منهنجو اگھ پڇين ٿو آمر

    منهنجا گيت ڳنهي سگھندين تون؟

    شيخ اياز جي بلند پروازي، دم ۽ حوصلو هن جي شاعري جو اهم پهلو ۽ رخ آهي، جيڪو هن جي شاعري جو ساکي آهي. هن جا گيت سنڌي عوام جي دلين کي گرمائي شعلا ۽ ڀنڀٽ بنجي آمرن جي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو،

    واجهه نه وجهه تون وَڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه

    پوئين وير به وڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي

    شيخ اياز جهڙو غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو تنهن ڪري هن جو انداز ۽ اسلوب به اڻلڀ، انمول ۽ انوکو آهي. شڪارپور شهر جيڪو علم و ادب جو گھوارو هو، اتان جي ماحول، اسڪول، ڪاليج ۽ خاندان پاران تعليم ۽ تربيت جي ڪري ٻاراڻي وهي کان شاعري جي رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ پهريون شعر لکي وڏن توڙي ننڍن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن شڪارپور جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ پرورش ورتي، پنهنجي جنم ڀومي جي وڻن، ٻوٽن، نظارن ۽ ديوين سان پيار ڪيو، جنهن جو هن ذڪر به ڪيو آهي. نوجواني ۾ ڪراچي پڙهڻ ويو، جتي عالم، فاضل ۽ اسڪالر سائين گربخشاڻي جي استادي ۽ صحبت ۾ سنڌي ادبي سرڪل کان شروعات ڪئي، سنڌي ادبي سنگت جي بانين منجهان هو. جويو صاحب ۽ ٻين ادب دوستن سان لهه وچڙ جي ڪري ڌيان ۽ گيان جي بدولت مٿي اڀري آيو. بزم صوفياءِ سنڌ ۽ عوامي ليگ ۾ سرگرم رهيو.

    اياز اسان جي زبان جو خوبصورت شاعر آهي. هن جا ڪتاب سندس زندگي ۾ ڪيئي ڀيرا شايع ٿيا. هن جي ادبي ڪارنامن تي ڪيترن ناليوارن اديبن ڪيئي ڪتاب ڇپايا آهن. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو ڪتاب ”جنم جنم جي جيت اياز“ جامي چانديو، نصير مرزا، هدايت پريم، تاج جويو، ۽ ٻين هم عصر اديبن اياز جي فن ۽ فڪر تي زبردست ڪتاب لکي پاڻ ملهايو آهي. شيخ اياز جي شاعري جون سرحدون ۽ حدون محدود ناهن پر پوري ملڪ ۽ دنيا جي شاندار قدرن، ريتن، روايتن فن ۽ فڪر سان سلهاڙجي هو آفاقي بنجي ويو آهي. اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا ۽ ملڪ جي عظيم ۽ انقلابي واقعن جهڙوڪ: ادب، اديب، سياست، فلسفو وغيره تي گھڻو لکيو آهي. شيخ اياز پنهنجن نظمن ۽ نثر ۾ سرمائيداري، اشتراڪيت، ويٽنام جي جنگ ۽ ٻين واقعن کي خوبصورت پيرائيي ۾ پيش ڪيو آهي. حساسي ۽ تمثيلي انداز سان انهن کي چٽيو آهي.

    ٿي ٻري لينن ـ گراڊ

    بم برسن پيا



    هي سنگرام

    سامهون آ نارائڻ شيام

    هن جا منهنجا ٻول به ساڳيا

    قول به ساڳيا

    هي ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي ۽

    منهنجا رنگ رتول به ساڳيا

    هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان

    هن کي گولي ڪيئن هڻان مان.

    شيخ اياز گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. هُو هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، صحافي، فيلسوف ۽ ترقي پسند پرچارڪ هو. هن شاعري کان علاوه ڪهاڻيون، آتم ڪهاڻي ۽ نثر ۾ زبردست ڪتاب تحرير ڪيا آهن.

    شيخ اياز ”ڀنور ڀري آڪاس“ ــ ايڊيشن ٽيون جي مهاڳ ۾ لکي ٿو،

    ”فن شاعريءَ جي معيار تي سوچيندي، مون کي شاهه جي سٽ، 'ڪنول پارون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس' ياد پوندو آهي. هر عظيم شاعر جي روح ۾ سندس پوري ماضيءَ، ۽ ان فني تخليقات، روايات ۽ فلسفي حيات جون جڙون آهن، جي هن جي شاعريءَ جي نشونما ڪري، ان کي شگفته ڪنول جو روپ ڏين ٿيون، ۽ هن جي فن ۽ فڪر جي انفراديت ڀونر جئن ڀرندي، آڪاش ۾ اڏامندي ٿي رهي. جڏهن 'ٻنهي سندي ڳالهڙي' راس ٿي اچي، تڏهن هڪ فني شهپارو تخليق ٿئي ٿو. منهنجو ڪلام انهيءَ معيار تي ڪيستائين پورو آهي، ان جو منصف مان ته يقيناً نه آهيان، پر شايد اوهان به نه ٿي سگھو. منهنجي انسانيت ۽ حد کان زياده خود اعتمادي (جا گھڻو ڪري هر فنڪار ۾ هوندي آهي) ۽ پنهنجي تخليق لاءِ بي انتها محبت منهنجي صحيح اندازي جي راهه ۾ ضرور حائل ٿيندي... نه فقط منهنجي تخليق جو پر هر فنڪار جي تخليق جو منصف فقط وقت آهي. مان فقط ايترو يقين سان لکان ٿو ته منهنجو فن ۽ فڪر ڪنهن به تقليد ۽ مصلحت آميزي کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ مون اهڙي سٽ بنهه نه لکي آهي، جا منهنجي روح جي گھراين مان چيرجي نه نڪتي هجي...“

    بيشڪ! شيخ اياز جيڪو لکيو آهي اهو پنهنجي دل جي گھراين سان لکيو آهي ۽ ان ۾ اهڙا ته رنگ ۽ چٽ ڀريا آهن جو اصل جو غالب گمان ٿيندو آهي. هن شاعري جي ذريعي شعور جي وسيع وادين ۽ وشال پرٿوي ۽ سنڌ جي حسين نظارن، ماڻهن، جيت ۽ جانورن جي دلڪش منظرڪشي ڪئي آهي، جيڪا دل کي ڀانئي ٿي:

    سڄڻ جو ساريوم، نانءُ نه آندم وات تي،

    ڪنهن جو پڇيو ڪير آ، مامَ اُنهيءَ ماريوم

    ڏوران ڏيکاريوم، چوڏهينءَ چنڊُ آڪاس ۾



    منهنجا گيت گلابن وانگر

    جيڪي چوٽين منجهه لڳائي

    تڙ تي ناريون اينديون آهن

    پنهنجن پيارن لاءِ سجائي.



    منهنجا نيڻ هرڻ

    تو پويان ڊوڙيا پرين

    ٻيهر اڃ مرڻ

    مهان ڪوي شيخ اياز، لطيف جي دڳ جو پانڌيئڙو آهي ۽ لطيف جي فن جي ڦرهي ساڻ کڻي سنڌ کي نئين سر جيئاري ويو آهي. هو چوي ٿو،

    ڀٽائي تنهنجي ڀرسان، جهلي بيٺس جهول،

    ڏنئه ٻه ـ ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي.

    رشيد ڀٽي، شيخ اياز جي باري ۾ لکي ٿو ته ”شيخ اياز شاهه لطيف کان پوءِ پهريون شاعر آهي، جنهن صدين کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي جياريو ۽ روشناس ڪرايو آهي“.

    شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو:

    مان پنهنجي زندگيءَ جي پوتاميل فقط ڀٽائيءَ کي ڏيڻ چاهيان ٿو. جيئن ڪازان زاڪس، مصور ايل گريڪو کي ڏيڻ لاءِ تيار هو، جيڪو هن جو پيش رو يوناني آرٽسٽ هو. ڀٽائي نه صرف منهنجي ٻوليءَ جو شاعر هو، پر هن کان مون ڪافي ڪجهه پرايو آهي.

    شيخ اياز جي شاعري وسيع ۽ وشال آهي، جيئن سندس زندگي جا رنگ ـ روپ انيڪ آهن. سندس شاعري، نثر ۽ ذاتي زندگي تي ايترو ادبي ڪم ڪونه ٿيو آهي جيترو ٿيڻ گھرجي. ڇا ٻه چار ڪتاب لکڻ سان اياز جهڙي ورسٽائيل ۽ مهان ڪوي جو حق ادا ٿيو آهي؟ نه، هرگز نه! اياز گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن جي سمورن پهلوئن جو ڇيد ڪرڻ، تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

    مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،

    نوان نوان متوارا ايندا، هڻندا تن جي هام.



    مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي، ڦٽندا سرخ گلاب،

    کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا، بسنت ُرت جا خواب.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو