لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    غلام حسين خاصخيلي


    سنڌ اها سرزمين آهي جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تان شاعرن، اديبن ۽ صحافين کي جنم ڏنو. اُهي ادب سان لاڳاپيل شخصيتون هجن يا صحافت سان لاڳاپيل شخصيتون هجن. انهن سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري وڃڻ جي باوجود به سنڌ ڌرتي کي ڪڏهن به ناهي وساريو. سنڌ ڌرتي جي مٽيءَ جي سڳنڌ واري خوشبوءَ ايتري ته پياري آهي جو اُن خوشبو کي ڪير به وساري نه ٿو سگهي. سنڌ ڌرتي جي مٽيءَ جي سڳنڌ واري خوشبو سانوڻي جي مند ۾ ڪڙڪاٽ ڪري وسندڙ ڪڪرن دوران جڏهن مٽي مان اٿي ٿي ته هر طرف تمام پياري هٻڪار هوندي آهي. اهڙيءَ ئي خوشبو واري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ناميارو اديب لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا اسان کان وڇڙي ويو آهي. سندس وڇوڙي جي ڏک واري خبر مون تائين سنڌي ٻولي نامياري اديب تاج جويي پهچائي. لڇمڻ ڀاٽيا جي ديهانت واري ڏکاري خبر ٻڌي تمام گهڻو ڏک پهتو. لڇمڻ ڀاٽيا جو وڇوڙو سنڌي ادب ۾ نثر جي حوالي سان هڪ خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو في الحال ڀرجڻ مشڪل آهي. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا 26 مارچ 1936ع تي اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻي نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو. لڇمڻ جو جنم چيلارام ڀاٽيا جي گهر ۾ ٿيو. سندس جنم جو نالو لوڪو مل هو ۽ کيس لاڏ مان لوڪو سڏيندا هئا. لڇمڻ جو ڏاڏو سيٺ جاڙو مل تر جو وڏو زميندار هو. ڪنڊياري شهر ۾ ڀاٽيا برادري جو هڪ وڏو پاڙو هو، جنهن ۾ چيلارام تعليم يافته شخص رهندو هو. جنهن کي انگريزي ۽ فارسي ادب جو سٺو مطالعو هو. لڇمڻ پرائمري تعليم ڪنڊياري مان حاصل ڪئي ۽ سندس پيءُ کيس شام جي وقت مسجد ۾ آخوند وٽ اردو ۽ فارسي به پڙهائي. ورهاڱي کان اڳ چيلارام ڀاٽيا نوابشاهه ۾ سٽي مئجسٽريٽ طور بدلي ٿي آيو ۽ ناليواري شاعر نارائڻ شيام جي والد ديوان گوڪل داس نانگواڻي کان چارج ورتي. چيلارام ڀاٽيا شهر ۾ ايماندار طور مشهور هو. لڇمڻ 9 سالن جي عمر ۾ ولس اسڪول نوابشاهه ۾ پهرين انگريزي درجي ۾ داخل ٿيو ۽ ان وقت جي ناميارن استادن روچيرام ٿانواڻي، ديوناٿاڻي، ڀڳوان ابيچنداڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي کان حاصل ڪئي. ميوزڪ ۾ سندس استاد شيوو راماڻي هو. لڇمڻ ڀاٽيا نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران پيءُ جي صحبت ۾ نارائڻ شيام، پرسرار ضياءَ ۽ سليم ڳاڙهوي سان مليو ۽ کين مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏٺو. لڇمڻ جڏهن ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين انگريزي جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪو هو ته 30 جنوري 1948ع تي مهاتما گانڌي جي قتل جي خبر آئي ۽ لڇمڻ جو والد چيلارام نوڪري تان معطل ٿي ويو ۽ کيس نظربند ڪيو ويو. جاچ کانپوءِ بورڊ لڇمڻ جي پيءُ کي ڪيس مان آزاد ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٽريزري آفيس نوابشاهه ۾ آفيسر مقرر ڪيو ۽ سندس مٿان شرط رکيو ويو هو ته نوابشاهه نه ڇڏيندو نه لڏيندو پر هو 8 مارچ 1948ع تي شو راتڙيءَ جي ڏينهن ۾ ٻارن سميت پنهنجي وطن سنڌ کي خداحافظ چئي ڀارت هليو ويو. ناميارو اديب لڇمڻ ڪومل 13 سالن جي ننڍي عمر ۾ مائٽن سان سنڌ ڇڏي ورهاڱي جي وير ۾ لڙهي هند پهتو ۽ اڳتي ڌڪجي دهلي پهتو. لڇمڻ دهلي يونيورسٽي مان بي ڪام آنرس 1956ع ۾ ڪئي ۽ دهلي يونيورسٽي ڪاليج جي ادبي سوسائٽي ۾ هن جي ملاقات نامياري شاعر نارائڻ شيام سان ٿي. جڏهن ته نامياري اديب هرومل سدارنگاڻي ”خادم“ سان ملاقات ٿي. اهڙي نموني دهلي ۾ پڙهڻ دوران لڇمڻ ڀاٽيا ”ڪومل“ تخلص سان شاعري شروع ڪئي. 1962ع ۾ گوپي سان شادي ڪئي ۽ دهلي يونيورسٽي جي اسڪول آف جنرلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪئي. لڇمڻ ڪومل نه رڳو سنڌ ۽ هند پر دنيا جي افسانوي توڙي شعري ادب جو وسيع مطالعو ڪيو ۽ ان تي تنقيدي نگاهه به رکندو هو. ورهاڱي کانپوءِ شاعرن ۾ سٺو مقام رکڻ جي حوالي سان سندس نالو اچي ٿو. پاڻ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر هو. لڇمڻ آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم ۾ شرڪت سان گڏ سنڌ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. لڇمڻ ادبي حوالي سان ريڊيو، ٽي وي، اخبارن، ادبي رسالن ۽ مئگزينن ۾ 45 سالن تائين لڳاتار لکندو رهيو. سندس سوين تحقيقي، تنقيدي ۽ ادبي مقالا ڇپجي چڪا آهن. لڇمڻ جا ريڊيو ٽاڪ، ايڊيٽوريل، تبصرا ۽ تجزيا سنڌي ادب جي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا. لڇمڻ ڪومل ٻولي ۽ ساهت سڀا، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان 22 سالن جي عمر سان لاڳاپيل رهيو ۽ سنڌي ٻولي کي ڀارت ۾ قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ ٻين اديبن سان گڏجي وڏو ڪردار ادا ڪيو.

    لڇمڻ شاعري لکڻ گڏوگڏ بهترين ناٽڪ نويس به هو. هن جا ڪيترائي ناٽڪ اسٽيج تي به پيش ٿيا. هن جا 3 طويل سنگيت ناٽڪ سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿا. سهڻي ساهڙ سنگ، سر مومل راڻو، سر سورٺ تي ڀرپور نموني سان ناٽڪ لکيا، جن کي هند ۽ سنڌ ۾ وڏي مڃتا ملي. لڇمڻ ڪومل سنڌي ادب ۾ ”جوت“ رسالي جو 7 سال ايڊيٽر رهيو ۽ ان رسالي جا شاهه لطيف نمبر، گوبند مالهي نمبر، آڳاٽو سنڌي ادب نمبر ۽ هري دلگير نمبر ڪڍيا. لڇمڻ ڪومل ٻاراڻي ادب تي هڪڙو هو راجا ڪتاب لکيو جنهن تي هندستان جي سرڪار جي تعليم واري وزارت طرفان ٻاراڻي ادب جو ايوارڊ ڏنو ويو. پاڻ نئون صبح مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪي جي شاعريءَ جو ترجمو ڪري ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو، جنهن تي کيس ماسڪو ۾ گهرائي سوويت لئنڊ نهرو ايوارڊ، روس جي نوبل انعام يافته اديب مائيڪل شولو خوف هٿان ڏياريو ويو. سندس شاعري جو ڪتاب جيءُ جهروڪا تي به ايوارڊ مليو. اهڙي طرح راجندر سنگهه بيدي جي ناول ”ميلي چادر“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تي به کيس وڏي مڃتا ملي. اهڙي طرح بلهي شاهه مونو گراف جي نالي تي ڪتاب ڇپرايو. ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي ۽ مشهور شاعر نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻي جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ شايع ڪيو. مشهور ناول نگار قرت العين حيدر جي ناول ”پت جهڙڪي ڪي آواز“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهڙي نموني سان لڇمڻ شاعري ۾ نثري نظم، غزل، تمام گهڻو لکيو. نثر جي حوالي سان به سندس شاعري وڏي مڃتا حاصل ڪئي ۽ سندس وڇوڙي تي نثر جي ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي. اهو في الحال ڀرجڻ مشڪل آهي. لڇمڻ جي شاعريءَ ۾ سنڌ کان وڇڙي وڃڻ جو درد به سمايل آهي. سندس شاعري ۾ سنڌو جي محبت، پيار ۽ اتان جي مٽي جي خوشبوءَ جا عڪس چٽيل نظر اچن ٿا. لڇمڻ سنڌ مان ڀارت لڏي وڃڻ کانپوءِ جڏهن ٻيهر سنڌ ۾ ڪنهن ادبي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ڌرتي تي قدم رکيو ته کيس سنڌ جي ڌرتي کي ڏسي پنهنجون پراڻيون يادون ذهن ۾ اچي وينديون هيون ۽ سندس شاعري ۾ ننڍي هوندي سنڌ کي ڏسڻ ۽ ان کانپوءِ ٻيهر سنڌ کي ڏسي جيڪا شاعري وسيلي عڪسبندي ڪئي آهي ان کي ڏسي اهو اندازو ٿئي ٿو ته هر ماڻهو کي پنهنجي جنم ڌرتي سان ڪيڏو نه پيار آهي. لڇمڻ کي سنڌ ڌرتي سان ايترو پيار هو جيترو پٽ پنهنجي امڙ سان ڪندو آهي ۽ امڙ پنهنجي پٽ سان ڪندي آهي. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا ادب جي ميدان ۾ خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي ميدان ۾ خدمت ڪئي پاڻ 35 سالن تائين ٽائيمس آف انڊيا ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪم ڪيائين ۽ 1994ع ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. لڇمڻ ڪومل جا آل انڊيا ريڊيو ۽ آڪاشواڻي جي سنڌي سروس واري پروگرامن ۾ سندس ڪيترائي ناٽڪ به نشر ٿيا. لڇمڻ ڪومل جي وڇوڙي سبب سندس حوالي سان ادب، صحافت ۽ ريڊيو جي ناٽڪ واري ادب ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو وڏي عرصي تائين ڀرجڻ مشڪل آهي. هاڻ لڇمڻ ڪومل اسان وٽ نه رهيو پر لڇمڻ ڪومل طرفان پنهنجي شاعري، ناٽڪ ۽ ادبي ۽ صحافتي ڪالمن وسيلي ان وقت تائين زنده رهندو، جيستائين هي ڪائنات موجود آهي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا : سنڌ جو سدا ملوڪ انسان

    پروفيسر اعجاز قريشي

    [​IMG]

    اڄ تاريخ ۲۶مارچ تي سنڌ جي هڪ سدا ملوڪ اديب، ليکڪ، نثر نويس، دانشور ۽ شاعر محترم ”لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا“ جو جنم ڏينهن آهي. اڄ کيس ۷۹ورهيه پورا ٿيا. لڇمڻ صاحب گذريل ڊسمبر جي ۲۳تاريخ تي دهلي ۾ ديهانت ڪري ويو. قدرتي طور آئون انهن ڏينهن ۾ دهلي ۾ شاهه لطيف ڀٽائي تي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ويو هوس. مون سان گڏ سنڌ مان ۱۵-۲۰دوست به هئا. دهلي پهچڻ شرط مون سندس نمبر تي فون ڪئي ته سندس گهر وارن اهو ٻڌايو ته هو بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي. مان روز فون ڪندو هوس ۽ ساڳيو ئي اطلاع ملندو هو سندس گهرواري ادي گوپيءَ کان. چند ڏينهن ۾ سندس طبيعت وڌيڪ بگڙجي وئي ۽ وڃي وينٽيليٽر تائين پهتو ۽ آخرڪار ۲۳تاريخ تي گذاري ويو. سندس اولاد ٻاهر هو، انهن جي اچڻ کانپوءِ ۲۸ڊسمبر تي سندس ڪرياڪرم ڪيو ويو ۽ آئون پاڻ سندس ڪرياڪرم ۾ موجود هوس. دل تي ڏاڍو گران گذريو، ڪيترا ڏينهن ته ڏک رهيو، اُتي هوندي به ساڻس ملاقات ڪونه ٿي. اسپتال ۾ وڃڻ جي اجازت نه هئي. لڇمڻ ڪافي وقت کان بيمار رهندو پئي آيو. ۲۰۱۲ع ۾ به مان جڏهن سنڌي ٻولي ڪانفرنس لاءِ دهلي ۾ ويو هوس ته به هي ڪجهه وقت بيمار هو ۽ اسپتال ۾ داخل هو، تڏهن ساڻس اسپتال ۾ ملاقات ٿي هئي پر جلد ئي چاڪ ٿي گهر آيو ۽ پوءِ ملاقاتون ٿينديون رهيون.
    لڇمڻ سان منهنجي دوستيءَ کي ۳۰-۳۵ورهيه ٿي ويا. هو سنڌ ايندو هو گهمڻ ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ته سڀني دوستن سان ملندو رهندو هو.
    لڇمڻ کي ننڍي هوندي کان مان پڙهندو اچان. پاڻ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، نثر نويس ۽ شاعر هو. سندس لکڻين ۾ جاذبيت آهي، سندس ٻولي ۽ ان جي بيهڪ ۽ سندس لکڻين جو ڊڪشن لاجواب آهي. لڇمڻ سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهو هو ۽ هن مان سنڌيت ڦٽي نڪرندي هئي. پاڻ تقرير جو ماهر ۽ تحرير ۾ ڪمال هو- سندس ڪتاب شاندار اضافو آهن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ۾. لڇمڻ گذريل ڏهن سالن کان پنهنجي سوانح حيات لکي پئي ۽ سندس سوانح جو نالو آهي ”وهي کاتي جا پنا“ سندس ٽي جلد ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس انهن جلدن ۾ پنهنجي حياتيءَ جون سڀ ڳالهيون لکيون آهن. پاڻ ڪا به ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه رکي اٿائين. جيڪڏهن ڪو عشق به ڪيائين ته ان کي به قلم بند ڪيائين. جيڏانهن سفر تي ويو ان کي به لکيائين. سندس شاعريءَ جو به جواب ناهي. شاعري پڙهندي ماڻهو تمام گهڻو محظوظ ٿي وڃي ٿو.
    لڇمڻ طبيعت جو نرم، ٿڌو، اخلاق جو پتلو. ملڻ وارو هن سان ملي خوش ٿيندو هو. ڇو ته هُو هو ئي ملنسار- وٽس دهلي ڪوئي ويندو هو ته سڄو گهر ان لاءِ کولي ڇڏيندو. دوستن جو آڌر ڀاءُ ڪندو. ڪنهن کي به مانيءَ کانسواءِ نه ڇڏيندو هو. هڪ پيار ڪندڙ ماڻهو هو. هو جڏهن ۸۰ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سنڌ آيو هو ته ڪافي ماڻهو ساڻس پيار ۽ پاٻوهه مان مليا پر ڪيترائي سلجهيل ماڻهو هن کان ٽهڻ لڳا ته هو هندستان جو سنڌي اديب آهي ۽ الائي ڇا ٿي وڃي. اهو جنرل ضياءَ الحق جو راڄ هو. هو هڪ فوجي هو ۽ انهيءَ ۾ ته ڪوبه شڪ ناهي ته هڪ ظالم حڪمران هو ۽ سنڌ سان هن چڱيون عقوبتون ڪيون. بهرحال، سندس آڌر ڀاءُ ۾ سڀ کان اڳ ۾ اسان جي ڀيڻ سنڌ جي عاليشان ليکڪه خيرالنساءِ جعفري هئي، جنهن کي پيار مان اسين سڀ ”گُڏي“ چوندا هئاسون. لڇمڻ پهريان ڏينهن ان وٽ گهاريا ۽ پوءِ ڪجهه ٻين دوستن به سندس ميزباني ڪئي. انهن ۾ سائين ظفر حسين سيد، سائين ولي رام، شوڪت شورو، سائين حليم بروهي، مدد علي سنڌي ۽ راقم هر وقت ساڻس گڏ هوندا هئاسين. سنڌ لاءِ پيار سندس سيني مان چيرجي نڪري رهيو هو ۽ هر وقت سندس اکين ۾ ڳوڙها هوندا هئا. هڪ ڏينهن اسان کيس سنڌ يونيورسٽِ گهمائڻ وٺي وياسون ۽ پوءِ سنڌالاجي جي گهمائڻ جي ڪوشش ڪئي سين پر جڏهن سنڌالاجي پهتاسين ته ان کي تالا لڳل هئا، اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو. خبر ناهي ته ڪنهن ڪا حرڪت ڪري سنڌالاجي بند ڪرائي ته شايد هندستان مان خطرناڪ ماڻهو آيو آهي. اسين ڏک ڀرا ٿي شهر موٽي آياسين. انهن ڏينهن ۾ حالتون ته خراب نه هيون پر اجايو ڊپ هو. بهرحال ڪجهه وقت کانپوءِ حالتون تبديل ٿينديون رهيون ۽ ٻنهي ملڪن جون حالتون بهتر ٿيون. لڇمڻ حقيقت ۾ لاهور ۾ ڪنهن ڪانفرنس سانگي آيو هو ۽ اتان ئي پنهنجي ڌرتي، ماتر ڀومي کي ڏسڻ لاءِ هيڏانهن هلي آيو. پهرين دفعي ته هو پنهنجي ڳوٺ به نه وڃي سگهيو هو. هفتي جي ملاقاتن کانپوءِ لڇمڻ واپس دهلي روانو ٿي ويو ۽ پنهنجون اڻ مٽ يادون ڇڏي ويو.
    هينئر به سندس لاڏاڻي کانپوءِ کيس تمام وڏي احترام سان ياد ڪيو ٿو وڃي. هن کي تمام گهڻي حد تائين پڙهيو ٿو وڃي. ويندي ويندي هو وصيت ڪندو ويو ته سندس ڪرياڪرم کانپوءِ سندس هاٺيون سنڌوءَ ۾ لوڙهيون وڃن ۽ ائين ٿيو، دهلي مان سندس خاندان هاٺيون هتي ڪن دوستن کي موڪليون، جيڪي ڄامشوري تان پروان ڪيون ويون. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن ڌرتي ۽ سنڌو ندي سان پيار ڪن ٿا ۽ پنهنجين هاٺين کي سنڌوءَ ۾ پروان ڪرڻ لاءِ وصيت ڪندا. ٿورو اڳ ئي سنڌ جي هڪ اهڙي ٻئي عظيم ليکڪ هري موٽواڻي پڻ اهڙي وصيت ڪئي هئي. سندس هاٺيون بمبئي مان موڪليون ويون، جيڪي ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياهه ۾ پروان ڪيون ويون.
    هندستان ۾ هڪ شعر اڪثر ورجايو ويندو آهي، جنهن جو تت آهي ته گنگا جمنا امرت آهي پر سنڌو ته ٿڃ آهي، يعني سنڌوءَ لاءِ ايڏي عزت، پيار ۽ عقيدت هئي. اسين سنڌي پڻ هن سنڌوءَ سان پيار ڪيون ٿا جو اُها اسان جي لاءِ آجپي جو هڪ تمام وڏو سبب آهي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ ۽ لڇمڻ ڪومل

    رکيل مورائي

    ساهتي پرڳڻي جي مٽيءَ، جن نه وساري سگهڻ جهڙن پٽن کي جنم ڏنو آهي، انهن مان هڪ جو نالو لڇمڻ ڀاٽيا آهي ۽ سندس تخلص ”ڪومل“ آهي ۽ جيڪو ادبي دنيا ۾ لڇمڻ ڪومل جي نالي سان سڃاپي ٿو ۽ ممڪن آهي، اڳتي هلي هُن جي ادب ۾ اهم ترين سڃاڻپ ”وهي کاتي جا پنا“ جي ليکڪ واري بڻجي.
    شايد هنڌ ۽ سنڌ جي اديبن اهو قبول ڪري ورتو آهي ته لڇمڻ ڪومل جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به نه لکي ها ۽ فقط پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ لکي ها، تڏهن به سنڌي ادب ۾ زندهه رهجي وڃي ها!
    جيتوڻيڪ ڪنهن ليکڪ لاءِ سندس هڪ ڪتاب بابت اها راءِ گهڻي گهڻي اهم آهي، پر مان ڪجهه ٻيءَ طرح به راءِ رکڻ جو پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪندي ڪجهه هئَين به چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن لڇمڻ ڪومل پنهنجيءَ شاهڪار آتم ڪٿا نه به لکي ها، تڏهن به هُن جو نالو نه رڳو هڪ باڪمال شاعر طور سنڌي ادب ۾ محفوظ هجي پر ان کان وڌيڪ هڪ ذهين نقاد طور به هن جي جڳهه محفوظ هجي ها ۽ ان کانپوءِ هڪ بيحد ئي شاندار مترجم طور به هُو اهڙو حوالو آهي،جهڙا حوالا سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. گڏوگڏ هُو انگريزي ٻوليءَ جو ادبي حوالي ۾ زبردست ليکڪ ته آهي ئي پر هو هڪ ذهين صحافي هجڻ سان گڏ، ظالم مُقرر به هُئو، ڇاڪاڻ ته هُو ادب تي ڳالهائڻ وقت، ادب جي حدن ۾ ئي پنهنجون سڀ ڇيڙيون نبيريون ڪندڙ هو بهرحال.
    لڇمڻ ڪومل ساهتي پرڳڻي جي علمي ادبي شهر ڪنڊياري ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس ابي ۽ امڙ جو اصل گهر درٻيلو/ڊڀرو آهي. هن ڇووهين مارچ تي جنم ورتو، ڪنڊياري ۽ نواب شاهه ۾ شروعاتي تعليم ورتائين ۽ دهلي ۾ اعليٰ تعليم، عشق ۽ ادب جا سبق ورتائين، هن کي علم استادن سيکاريو ۽ شاعري عشق سيکاري، اداڪاري هُن جو پنهنجو شوق هئو ۽ صحافت هُن جي روزي روٽي، ادب هُن جي زندگي هئو ۽ تقيد هُن جي ذهن جي اُپج، ائين سڀ گڏي لڇمڻ ڪومل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بيمثال اديب هئو ۽ شخصي زندگيءَ ۾ هڪ شاندار دوست.
    هن جي ڳالهين ۾ رومانس ۽ افسانوي انداز هُن جي طبيعت جو حصو هئا، جيڪي هڪ ئي وقت گهٽ ماڻهن/ليکڪن ۾ هوندا آهن. سچ پچ هو هڪ ڪرشماتي شخص/ لکندڙ هئو، خاص طور سندس آتم ڪٿا، سنڌي ادب لاءِ هڪ ڪرشمو آهي، جيڪا ڄڻ ته هُن بنهه غير سنجيده موڊ ۾ لکڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اها وڌيڪ سنيجده ٿيندي ٿيندي، سنڌي ادب جي هڪ شاهڪار آتم ڪٿا بڻجي وئي، پنهنجي سموري افسانوي سونهن سان گڏ هيءَ آتم ڪٿا، ورهاڱي جو ۽ لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ سان گڏ، سنڌ مان لڏي ويندڙ سنڌي جاتيءَ جو هڪ داستان آهي. جيڪو هن قلم بند ڪيو آهي.
    لڇمڻ پوءِ به اول ۽ آخر شاعر آهي ۽ هند ۾ هُن جي اهائي اهم سڃاڻپ آهي، هُو شاعريءَ جي سمورين باريڪين کان واقف هُئو، ڇاڪاڻ ته هُن کي شروعاتي ڄمار ۾ نارائڻ شيام ۽ پراسرام ضيا جهڙا شاعر مليا، جن سان هن گڏجي شاعري ڪئي ۽ هند ۾ هُن کي هرو مل سدارنگاڻي خادم جهڙو عروض جو ڄاڻو استاد مليو. جنهن کيس ٺپي ٺاهي هڪ لاجواب غزل گو شاعر بڻايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي هُو غزل کان پري ٿي ويو. شايد سندس اندر غزل جي پابنديءَ کان آجائي حاصل ڪرڻ پئي چاهي يا، سندس ويچار غزل جهڙي سخت صنف ۾ قيد نٿي ٿي سگهيا، سبب ڪهڙا به هجن، هُن غزل کان پري ٿي، نئين ڪوتا جو سهارو ورتو، اهو اهڙو دور هئو، جڏهن هند جي سنڌي ادب ۾، نئين ڪوتا زوردار نموني داخل ٿي رهي هُئي ۽ ان صنف ۾ هڪ طاقتور آواز هريش واسواڻيءَ جي روپ ۾ اڀري آيو هئو، ائين لڇمڻ ڪومل نئين ڪوتا لکي ۽ لاجواب لکي، اڳتي هلي سندس پهريون ۽ آخري به، ڪو تائي ڪتاب ”جيءُ جھروڪو“ جي نالي سان ڇپيو ۽ جنهن ٻئي سال هند جو وڏي ۾ وڏو ساليانو ادبي انعام حاصل ڪيو. جيڪو کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڏنو ويو.
    شخصيت ۾ هڪ حسين شخص لڇمڻ ڪومل، دهليءَ ۾ حيدرآبادي خاتون دادي گوپيءَ سان عشق جي شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ، للت ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، وڏي رجني ۽ ننڍي سنڌو، جيڪي ٽيئي ٻارڙا پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آمريڪا ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽لڇمڻ ڪومل دهليءَ ۾ زندگيءَ جو آخري کنيو ۽ اسان سڀني کان جُدا ٿي ويو.
    پر اهڙي پڪ آهي ته هو سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي مٽيءَ کان پري نه آهي، سندس رک، سندس خواهش موجب سنڌوءَ ۾ پرواهه ڪئي وئي.
    سندس آتم ڪٿا سنڌ جي امانت بڻجي وئي، جنهن جا ٽي حصا آهن، پهريا ٻه حصا سوجهري پبليڪشن ڪراچيءَ پاران نامياري شاعر تاج بلوچ صاحب ڇپيا آهن ۽ ٽيون حصو پروفيسر سليم ميمڻ صاحب ورسٽي پبليڪشن ڪراچيءَ پاران ڇپايو آهي ۽ اڄ انهن ٽن حصن کان پوءِ لکيل ڇوٿين حصي سميت سندس مڪمل آتم ڪٿا هڪ ئي جلد ۾ پڌري ٿي رهي آهي، جيڪا روشني پبليڪشن ڪنڊياري پاران ڇپي آهي، ڪنڊيارو جيڪو سندس جنم هنڌ آهي ۽ اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، جيڪو شاندار نموني، شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي سهڪار سان ملهايو پيو وڃي ۽ اهو به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ۽ بس..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو