مٺل جسڪاڻي عام راءِ جوڙيندڙ ذريعا يعني اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي، پاڻ وٽ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن تي لکجي يا لکجي اڪثر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موجود موبائيل فون ۽ ان لاءِ هر هڪ وٽ هڪ کان وڌيڪ سمن (سمس) تي يا وري لکي پڙهي سگهندڙن جي انٽرنيٽ تي رسائي ۽ ان جي جائز ناجائز استعمال تي لکجي؟! اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي، توڙي موبائيل ۽ انٽرنيٽ اهي ذريعا آهن، جيڪي ماڻهن جي سوچ بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ بدليل سوچ موجب، ماڻهن جي بدليل روين ۽ ورتاءُ جو نتيجو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي، ڇو ته ابلاغ، يعني سڌ ٻڌ جا ذريعا، اهو سڀ ڪجهه، هر هڪ ننڍي توڙي وڏي، ٿوري توڙي گهڻي پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل تائين به منتقل ڪندا رهيا آهن، وقت سر آگاهي جو اهم ڪردار به ادا ڪري رهيا آهن، ته ماڻهن جي تربيت گهٽ ۽ بگاڙ جو ڪم به تمام گهڻو ۽ انتهائي موثر نموني ڪري رهيا آهن. جنهن جو ڪارڻ ڳولڻ گهرجي. قلمڪار، يعني جنهن جي هٿ ۾ قلم آهي، انهن جي اڪثريت، ڪثرت سان قلم کي استعمال ڪندي، بازاري خبرون، بازاري تبصرا، بازاري شاعري، بازاري ڪهاڻيون، بازاري ڊراما ۽ بازاري فلمون، بازاري ٻوليءَ ۾ قلمبند ڪري رهيا آهن!؟... بازاري ليکڪن جي تمام گهڻي گهڻائي آهي، ان ڪري عام عوام به انهن جو ئي اثر قبولي رهيو آهي. نتيجو؟ اوهان پنهنجو پاڻ چڪاسيو، آس پاس وارا ڏسو، سچ ته مون کي لکڻ جي ضرورت ئي نه آهي!؟ سڀني کان وڌيڪ ڪم بازاري شاعر ڪري رهيا آهن! سندن شاعري، جيڪا پڙهڻ نه، ٻڌڻ جي نسبت سان اڪثر شاعري، سئين سيبتي کي به پٽڙي تان لاهڻ جو ڪم ڪري رهي آهي!؟ رهي سهي ڪسر ايف ايم ريڊيو ۽ خانگي ٽي وي چينلس پوري ڪري رهيا آهن. اڳي هو ڪيسٽ ڪلچر، هاڻ آهي سي ڊي ڪلچر! سرڪاري اخبارون جيڪي هاڻ شايد رهيون ئي نه آهن، سرڪاري رسالا، جيڪي تمام ٿورا آهن، سرڪاري ٽيليويزن صرف سرڪار جي نمائندگي ته ڪن ٿا، پر اخلاق ۽ ادب جي لحاظ کان بخوبي نڀائين ٿا. انهن جي موسيقي توڙي ڊراما، مواد ۽ پيشڪارن، يعني گلوڪارن ۽ اداڪارن جي چونڊ جي لحاظ کان، توڙي فلمبندي جي معيار پٽاندر پڻ، خانگي چئنلس جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا بهتر آهن. انهن ۾ اخلاقي قدرن جي پائمالي نه جي برابر ممڪن آهي، پر پرائيويٽ چينلس؟ ڇا لکجي؟ ڪنهن کي خبر نه آهي؟! اخلاقي قدرن سميت، اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي ٻولي جو تلفظ ئي نه، بلڪ ڪيترائي ڌارين ٻولين جا لفظ به استعمال ٿي رهيا آهن ۽ لهجي ۾ به وڏو فرق آهي!؟ نه صرف ايترو پر لباس ۽ لهجو، بلڪه باڊي لينگويج جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟! گهڻو ڪري خانگي چئنلز تي انهن ڳالهين تي ذري برابر به ڌيان نه ڏنو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان خانگي ٽي وي چئنلز تان پيش ٿيندڙ سنڌي ڊرامن جي معيار مان مطمئن آهيو، ته پڪ ڄاڻو، اوهان به روايتي ۽ بازاري آهيو. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ تحرير جو معيار، ٻوليءَ جو استعمال، ۽ پيش ٿيندڙ ثقافت کي به نظر ۾ رکو ۽ جيڪا اڻ سکيل هدايتڪارن، اداڪارن، صداڪارن جي لوڌ، ٿلهي ليکي هر پيشڪش کي ڏسي وٺو، ان تي غور ڪري وٺو... خانگي چئنلس جي معيار مان مطمئن نه ٿيڻ جا اهي سڀ سبب به موجود آهن، پر ليکڪ به ناميارا ۽ تجربيگار نه هوندا آهن. ڇا اها حقيقت ناهي ته اڪثر سنڌي ٽي وي ڊراما، عام ماڻهن ۾، سنڌي ماڻهن جو فقط ڌاڙيل هئڻ وارو تاثر اُڀاري رهيا آهن؟ ڇا اهو غلط آهي ته پيار محبت، عشق جي حوالي سان، ماڻهن ۾ بازاريپڻو وڌايو پيو وڃي! ڪارو ڪاري کي روڪڻ نه، آزادي جي آڙ ۾ ڇڙواڳي وارن پيار پرڻن جو غلط رجحان وڌايو پيو وڃي... ۽ ڌنڌوڙين کي ڌنڌو ڪرڻ جا نت نوان طريقا سيکاريا پيا وڃن. ڏسڻا وائسڻا، محنت مزدوري بدران، ڇا ڇا نه ڪري رهيا آهن!؟ سچ ته سڌ ٻڌ جو هر ذريعو، ڌاڙيل فيڪٽر کي به هٿي ڏئي رهيو آهي، چور بازاري، رشوتخوري، اقرباپروري ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي سماجي برايون پڻ وڌي ويجهي رهيون آهن، واري واري سان متاثر ٿيندڙن جو انگ وڌندو پيو وڃي. ريتون رسمون به نيون متعارف ٿين پيون. عزتن ۽ غيرتن جا معيار به بدلجي رهيا آهن. اڄ ڪلهه جي اڪثر خانگي ريڊيو ۽ ٽي وي چئنلس تي ۽ گهڻو ڪري سنڌي ٽي وي ڊرامن ۾، سنڌي عورت کي جيئن ڏيکاريو وڃي ٿو، اهو ڇا آهي؟! منهنجي نظر ۾، منهنجي سوچ مطابق، سچ ته سنڌي عورت جي تذليل جهجهي ڪئي ويندي رهي آهي!!!... سنڌي عورت کي گمراهه ڪرڻ/ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش وڌيڪ ڪئي پئي وڃي!!!... خانگي سنڌي ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن ڊرامن ۾ جيڪي هٿيار ۽ جيئن تشدد ڏيکاريو وڃي ٿو، ان جي اثر سبب، ردعمل طور هر ننڍي وڏي وٽ، عمر ۽ پهچ جي حساب سان، هٿيارن جو رجحان وڌي رهيو آهي. غيرت جو معيار بدلجي رهيو آهي. عشق جو ته نه، پيار محبت ته نه، ان جي آڙ ۾ خبر نه آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي!؟... خابرو ذريعن تي ايندڙ خبرون، ان جون شاهد آهن. پيار پرڻا، مائٽن سان اختلاف، خودڪشين جا سانحا، اڳي ايترا نه هئا، جيترا خانگي چئنل وڌڻ کان پوءِ وڌيا آهن. انهن سڀني جو اصل سبب ڪير پيو بنجي؟ اوهان جي نظر ۾ اخبار، رسالي، ايف ايم ريڊيو ۽ ٽي وي چينلس وارا، منهنجي نظر ۾ اصل ذميوار ته ليکڪ آهن، شاعر آهن، اديب آهن، دانشور آهن، گلوڪار آهن، صداڪار، اداڪار آهن. انهن تي به اثر مرتب ٿئي پيو. سماج کان الڳ اهي به نه آهن، ان ڪري مثبت خواهه منفي اثر، انهن نام نهاد ليکڪن، دانشورن، ساڃانهه وندن، سماجدانن تي به پوي پيو، پوءِ به ان حوالي سان سوچڻ بدران، هر ايندڙ ڏينهن تي، سستي شهرت خاطر چئجي، يا وري جيئن تيئن پيٽ گذر مڃجي، پر سندن ڪم، مجموعي طور معاشري ۾ بگاڙ جو گهڻو ٿي رهيو آهي. ڀلي ٿئي... ڪير ڪيئن به سمجهي، آئون سمجهان ٿو ته واري سان هر ڪنهن جو وارو اچي پيو. ڪڏهن ته بازاري شاعرن، اديبن، گلوڪارن، هدايتڪارن، اداڪارن جو به، نام نهاد دانشورن، ساڃانهه وندن، سماجدانن سميت سياستدانن جو به وارو ايندو... هر ڪو پنهنجي واري جو انتظار ڪري...