موجوده ملڪي گهوٽالو آخر ڪٿي دنگ ڪندو ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    گل مورو

    انسان کي دماغ، سوچ، سمجهه ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ عطا ڪيو ويو هو جڏهن ته اکين ان لاءِ عطا ڪيون ويون هيون ته جيئن روشني ۽ اوندهه جو فرق ڪري سگهي انهيءَ دماغ سان جن به ڏيهه ڌڻين پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي پنهنجي رياستن لاءِ سوچيو ۽ لوچيو اهي ئي ملڪ اهي ئي رياستون هن وقت ترقيءَ جي معيار تي آسمان جي چوٽين تي گهمي ڦري رهيا آهن ۽ جن انهن ئي ٻنهي اکين سان اوندهه يعني جهالت کي ڌڪي روشني واري اک سان سڄي سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي اهي قومون هن وقت سڄي دنيا اندر سڀني مٿان حاوي ڏسڻ ۾ اچن پيون پر ڏٺو وڃي ته يورپ اندر جيڪا ڪجهه ترقي ٿئي پئي يا ٿي چڪي آهي ان پٺيان انسان جو اهو سالم دماغ ۽ ثابت اکيون لاڀائتيون بڻجي انسان جي ڀلائي ۽ بهبود ڪارائتون ثابت ٿيون آهن جڏهن ته دنيا جي ننڍن وڏن رياستن ۽ غلامانه سوچ رکندڙ مملڪتن ۾ اڃا تائين هن سالم دماغ نه وري روشني واري اک سان پنهنجي سماج کي توڙي پنهنجي رياست کي سڌارڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو ويو نه وري ڪڏهن اهو سوچيو ويو ته سندن غير فطري پاليسيون انهن جي ئي رياستن ۾ ڀڃ ڊاهه پيدا ڪنديون جنهن جي ڪري سڄو سماج اونداهي جو شڪار ٿي سگهي ٿو اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين جيڪو به اشرافيا يعني حاڪم ٿي ملڪ مٿان آيو ان پنهنجي دماغ ۽ اکين سان سوچڻ ۽ ڏسڻ کان سواءِ غير فطري پاليسيون جيڪي غلامن کي اڃا به وڌيڪ غلام بڻائي سگهجن اهي لاڳو ڪيون ويون اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سڄو پاڪستان چوطرف گهوٽالن جي ور چڙهيل نظر اچي پيو اهو بجلي هجي يا گئس يا پئٽرول يا وري دهشت گردي انتهاپسندي يا وري بي روزگاري بک بد حالي، امن امان هجي يا وري سڄي ملڪ اندر ناانصافي جو عروج هجي اهي سڀ تضاد اڄ جيڪي به سامهون ڪر کنيو بيٺا آهن انهن جو مک سبب اهو ئي آهي ته رياست اندر نه قومن کي اهميت ڏني وئي نه وري ماڻهن کي اهميت ڏني وئي قومن کي زنجير ۾ قيد ڪري هلائڻ وري جيڪا روش شروع کان وٺي اختيار ڪئي وئي.

    ان سبب جي ڪري اڄ رياست اندر بنگال جي سانحي کان پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر تهذيبن جو ٽڪراءُ نڪري نروار ٿيو بيٺو آهي جنهن جو ثبوت وڏي ۾ وڏو اهو چئي سگهجي ٿو ته تازو برطانيا ۾ رياست جي واڳ ڌڻي جنرل راحيل شريف ڪئمرون جي ڪمري ۾ ملاقات دوران اهي دانهون ڪيون ته باغي بلوچ مٿي جو سور بڻجي ويا آهن انهن کي مختلف ڌاريا ملڪ مالي وسيلا ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن انهن جي مالي مدد ۽ سهائتا کسڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي. جڏهن ته ميان نواز شريف اقتدار کان اڳي بار بار سڄي ميڊيا کڻي مٿي تي ڪئي هئي ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ بلوچن جي سورن اهنجن ڏکن ڏوجهرن جو دوا درمل ڪرڻ لاءِ ساڻن ڳالهيون ڪيون وينديون ائين ئي سنڌ جي ماڻهن سان به انصاف ڪيو ويندو پر ڏٺو وڃي ته اهي سڀ ڳالهيون ئي رهيون هن وقت جيڪي وڇوٽيون وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ نظر اچن پيون يا وڌي وڻ ٿي چڪيون آهن انهن جي مرض جو علاج جيڪو فوجي عدالتن ذريعي ڳوليو ويو آهي اهو ڪيترو لاڀائتو ٿيندو يا اڳتي هلي اهي حالتون اڃا به بگڙي سگهن ٿيون ان تي ته کوڙ سارا نامور ڏيهه ڌڻي توڙي پرڏيهه ۾ ويٺل سالم دماغ رکندڙ انسان سوچي رهيا آهن ته هي صدي غلامن جي صدي نه پر غلامن کي آزادي ملڻ واري صدي آهي ڇو ته هاڻي دنيا اندر جيڪو ترقيءَ جو معيار جاچيو پيو وڃي، ان جو مک سبب اهو ٻڌايو پيو وڃي ته جنهن وٽ به مالي وسيلن جو انبار هوندو ان طرف ئي سالم دماغن جو دماغ رخ ڪري سگهي ٿو سو ان هوندي به هن جديد دور ۾ اکيون ٻوٽي جيڪي ڪجهه رياست اندر وڇوٽيون ۽ موجوده بحران دربحران نظر اچي پيو. ان کان انڪار ڪرڻ حقيقت ۾ ته اها ناداني چئي سگهجي ٿي ڳالهين ذريعي ته جنگي معاملا حل ٿي ويندا آهن ته پوءِ باغي بلوچن ۽ سنڌ جي انهن احساس محرومي ۾ وڪوڙيل مظلوم ماڻهن سان ڳالهيون وارو انداز ڇو نه پيو اپنايو وڃي يا رياست اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي ڌرتي ڌڻين جون صرف ڌرتيون کپن ماڻهو نه! جيڪڏهن ائين ئي آهي ته پوءِ ان مان کوڙ ساريون قوتون پنهنجي پنهنجي مفادن لاءِ کوڙ سارن کي استعمال به ڪري سگهن ٿيون.

    تازو برطانيا اندر بلوچن بابت دانهون وري افغانستان ۽ ڀارت اندر آمريڪي صدر اوباما جي آمد کان وٺي نون فيصلن ۽ نون ڪرتبن جو ظاهر ٿيڻ مان واضح ٿئي ٿو ته هاڻ هن خطي اندر ڪي نيون راهون ۽ نوان فيصلا نوان گس ۽ نوان امڪاني ردعمل به سامهون اچي سگهن ٿا انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪي رياست کي به سوچڻ گهرجي ته هن جديد دور ۾ اسان جا ادارا اسان جون حڪمت عمليون ماڻهن جي ڪم اچي سگهن ٿيون يا ماڻهو ان مان اڃا به بيزار ٿي ڪو ٻيو قدم کڻي سگهن ٿا. هن وقت سرحد اندر دهشت گردي وارو خوف جيڪو ڪنهن به پختون کي گهر ۾ سک سان سمهڻ نه پيو ڏئي ائين ئي بلوچستان اندر انارڪي واري صورتحال جتي روزانو نوان سانحا نوان واقعا رونما ٿيندا هجن.

    اهڙي طرح سنڌ ۾ جتي ماضي دوران سڄي سنڌ سک ۽ شانتي جو گهر ليکي ويندي هئي اڄ اها سنڌ بک، بدحالي، ويڳاڻپ جو شڪار ايترو ته بڻجي چڪي آهي جو هر ماڻهو موجوده سنڌ حڪومت جي منفي ڪردارن جي ڪري ايترو ته بيزار ٿي چڪو آهي جو اهو سوچي پيو ته خودڪشي ڪجي ته ڪٿي ڪجي. هڪ طرف سنڌ ۾ چچريل لاشن جو ملڻ ٻئي طرف بجلي، گئس کان وٺي گادي واري هنڌ ۾ روزانو لاشن جو ڪرڻ، ان کان علاوهه سڄي سنڌ ۾ جيڪو سنڌ سرڪار زرعي معيشت سان حشر نشر ڪيو آهي ان ته سڄي سنڌ جي ماڻهن کي مايوس ۽ موڳو بڻائي ڇڏيو آهي ماڻهو ته اهو چون پيا ”مرجي ته ڪيئن مرجي، جيئجي ته ڪيئن جيئجي“ جو هن وقت سڄي سنڌ اندر شگر ملون جيڪي حاڪم طبقي جون چيون وڃن ٿيون اهي ڪنهن غريب جو ڪمند جي هڪ ٽرالي به کڻڻ لاءِ تيار ناهي ائين ئي سڄي سنڌ ۾ ماتم لڳو پيو آهي نه ڪڻڪن جي لاءِ پاڻي ملي پيو نه وري جيڪي ساريون چند مهينا اڳ لٿيون هيون اهي نه ڪو وٺڻ لاءِ تيار آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي حاڪميت هاڻ ڄڻ ته پنهنجي پيٽ ڀرڻ ۾ مصروف آهي. ائين ئي ٿر ۾ موت جو راڪاس اڄ ڏينهن تائين برقرار آهي مارئيءَ جي هن ماڳ تي 400 جي قريب معصوم ٻارڙا بک وگهي موت مري چڪا آهن

    اهو عالم ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته جهڙي ريت ٻين صوبن اندر حاڪميت نظر نه پئي اچي ائين سنڌ ۾ به اها ئي صورتحال نظر اچي رهي آهي اهڙو منظر پنجاب اندر به حاڪميت جو نظر اچي رهيو آهي جو اتي به روزانو قتل، ڌاڙا، ڦرون، دهشتگردي وارا واقعا اهو ثابت پيا ڪن ته شهبازشريف جيڪو پاڻ کي حاڪميت کان اڳي خادم اعليٰ جي لقبن سان مڃائيندو هو ۽ فيض احمد فيض جا ٻول ٻوليندو هو ته ” مين ايسي دستور ڪو نهين مانتا نهين مانتا“ اڄ اهو خادم اعليٰ رياست جي اصلي مالڪن جو هر دستور هر فيصلو مڃڻ ۾ پورو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته رياست اندر جيڪو بحران وڌندي نظر اچي پيو ان تي جيڪڏهن موجوده حڪومت ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي ته اڃا به حالتون وڌيڪ خراب بنجي سگهن ٿيون ٿي سگهي ٿو ته موجوده حڪومت کي نئين اسڪرپٽ تحت اهو چيو ويو هجي ته ماضيءَ جي حاڪمن جيان ئي حڪمراني ڪرڻي آهي اها ئي صورتحال هن وقت نظر اچي پئي جو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجوده چونڊيل حڪومت جو ڪو نالو نشان ئي نظر نه پيو اچي جيڪي به فيصلا ٿين پيا يا اڃا به ٿيندا انهن مان ثابت ٿئي پيو ته ماضي جي حڪومتن جيان جيڪي غير فطري قوتن پنهنجن مفادن خاطر هتان جي مظلوم عوام مظلوم قومن جي ڳچيءَ ۾ فيصلا مڙهي کين غلام بڻائي ان جي مالي وسيلن ۽ ان جي ڪيل پورهئي تي پنهنجو حق جتائي هميشهه حڪمراني جي دعويٰ ڪئي آهي اها ساڳي صورتحال هن وقت موجوده بحرانن مان واضح ٿئي پئي ته جيڪڏهن موجوده حالتن تي ڪنٽرول نه ٿيو ته ملڪ اندر سياسي وڇوٽيون اڃا به وڌي سگهن ٿيون ان جا نتيجا يقينن ڪا خاطر خواهه نه ٿا ٿي سگهن. سو سالم دماغ ۽ ثابت اکين وارن ماڻهن جي ملڪ کي ضرورت آهي جن جون پاليسيون ڪارائتيون ٿي سگهن ٿيون. اصل ۾ غلط پاليسين جوڙڻ جي ڪري ڪيترائي نتيجا سامهون اچي چڪا آهن ان جي باوجود انڌ جي لٺ تي اڃا به اهي ئي قوتون پنهنجي انا برقرار رکندي سمورو ڪاروهنوار کي هڪڙي ئي لٺ سان هلائڻ چاهين ٿيون هن وقت ميان نوازشريف موجوده صورتحال ۾ بااختيار وزير اعظم نه پر ڊمي وزيراعظم طور نظر اچي پيو ۽ صوبائي حڪومتون به اهڙيون ئي ڪٺ پتليون محسوس ٿي رهيون آهن جيڪي پنهنجا فيصلا ڪرڻ بجاءِ غير جمهوري قوتن جي فيصلن کي مان ڏئي وڏي شان و شوڪت سان جمهوريت جي دعويدار هجڻ جون دعوائون ڪري رهيون آهن اصل ۾ اهو ثابت پيو ٿئي ته ملڪ اندر اصل حڪمراني جن قوتن جي رياست ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين رهي آهي اها ئي ساڳي حڪمراني هن وقت به غير جمهوري قوتن جي نظر اچي پئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو