فڪري ۽ نظرياتي سياست جي کوٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    عائيشه صديقه

    سياسي سائنس جي مشهور ماهر محمد وسيم موجب پيپلز پارٽيءَ جي نئين قيادت لاءِ وڏي للڪار فڪري يا آئڊيالاجيءَ جي کوٽ آهي. گهڻا ئي تاريخ دان، سياسي سائنس جا ماهر، سماجياتدان ۽ عام ماڻهو ڄاڻن ٿا ته پيپلز پارٽي ڪنهن دور ۾ آئڊيالاجي تي زور ڏيندي هئي ۽ نظرياتي ڳالهيون ڪيون وينديون هيون. اٽو، لٽو، اجهو ڏيڻ واري ذوالفقار علي ڀٽي جو نعرو غريب ماڻهن کي نفسياتي لحاظ کان بااختيار بڻائيندو هو. پ پ وٽ وفادار ڪارڪنن جو تمام وڏو انگ هئڻ جو هڪ سبب اها عزت نفس هئي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي پورهيت طبقي کي بخشي هئي. البت ان سان گڏ اها به حقيقت آهي ته عوام کي ڪجهه ڏيڻ جي حساب سان ڏسجي ته هو گهڻين ڳالهين ۾ ناڪام ٿيو. محمد وسيم پ پ جي نئين قيادت جي حوالي سان مضمون ۾ اهو اشارو ڏنو آهي ته نئين قيادت آڏو وڏي للڪار نظرياتي مسئلو آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت اڳواڻ نظرياتي نه پر ٻين بنيادن تي اڀرن ٿا. گهڻي حد تائين ميڊيا جي سٺي مارڪيٽنگ ان سلسلي ۾ هڪ ذريعو آهي. ميڊيا ڪيترائي ليڊر پيدا ڪيا آهن. عموميت کي ڪتب آڻيندڙ ڪيترن ئي سطحي ماڻهن کي ميڊيا وڏا عالم، ماهر ۽ تجزئي نگار بڻائي ڇڏيو. ٽيليويزن ڪئميرائون يقينن عجب تماشا ڪن ٿيون. اهي ماڻهن کي سچو ديندار ڪري وڪڻن ٿيون. خاص طور انهن ماڻهن کي جيڪي ٽي وي ڪئميرائن جي بندوبست سان عام عبادت ڪن.

    سو ضرورت رڳو اها آهي ته ڪو شخص هفتي جا ست ڏينهن ٽيليويزن اسڪرين سامهون اچي، اهم پرڏيهي رسالن جي نظر ۾ اچي بس پوءِ اهو ماڻهو عهدساز اڳواڻ ڪوٺجندو يا گهٽ ۾ گهٽ چاپلوسن جو ٽولو ان کي يقين ڏياري ڇڏيندو ته هو ليڊرن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي. اهو نسخو ظاهر آهي ته آئڊيالاجي تي محنت ڪرڻ جي تقاضا نه ٿو ڪري يا وري ڀلي ڪنهن شخص آئڊيالاجي جو بندوبست ڪيو هجي، پر پوءِ اهڙن نعرن جي وٽس ڪا ڪمي رهڻ نه ڏني ويندي، جنهن سان آئڊيالاجي وارا واعدا پورا ڪرڻ جو دٻاءُ ٽاري سگهبو، جيڪڏهن وڌندڙ انتهاپسندي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ به جيڪڏهن ڪا آئڊيالاجي آهي، تڏهن به ان مقصد لاءِ پنهنجو عزم گهرجي.

    ملڪ ۾ هڪ اهڙي وقت جڏهن (دٻاءَ جي تحت) ٻين ليڊرن پنهنجا چپ سبي ڇڏيا. بلاول ڀٽي زرداريءَ ويڙهه پسنديءَ جي سخت ۽ وڏي واڪ نندا ڪئي. پر پوءِ هڪ هندستاني صحافي سحاسني حيدر سان هڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نوجوا ڀُٽي زرداريءَ چيو ته اها ويڙهاڪن کي سندس کليل للڪار نه هئي. جيڪڏهن اها ڪا للڪار نه هئي ته پوءِ عوامي رقمن جو ايڏو زيان ڇو ڪيو ويو؟ نيٺ به سنڌ جي اندر ميلا ملهائڻ جو هڪ پنهنجو عوامي ڪلچر موجود آهي، جتي عام ماڻهو پنهنجي ليکي اچي ثقافت ۾ حصو وٺندا آهن، اهي به جيڪي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن، جڏهن ته (بلاول جي) سنڌ فيسٽيول جي ڪجهه شوز ۾ ٽڪيٽون هلايون ويون.

    هن وقت مارڪيٽنگ ٽيم ميڊيا جي چمڪ وڌائڻ لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ان حد تائين جو رسالن ۾ ڪَوَر پيج اهڙي خاص مقصد لاءِ سجائڻ ڏانهن صحافين کي ڌڪيو پيو وڃي، پر نوجوان بلاول کي ضرور آئڊيالاجي طرف اچڻ گهرجي، جنهن جي معنيٰ اها آهي ته اهڙا حقيقي يا عملي ڪم ڪيا وڃن، جن جو پهرين صفحن يا ڪَوَر پيج تي حق به ٿئي.

    مثال طور مڪران ساحل جي عوام جي بدحالي ختم ڪرڻ بابت ڇا پيو ڪيو وڃي، جن جي روايت گڏهن جي ڊوڙ آهي، جن مان ڪي لياري ۾ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ حياتي گهارن ٿا. مبارڪ ڳوٺ جي لاءِ ڇا ٿو ڪيو وڃي، جتي سمنڊ ۾ گهڻو اندر مڇي مارڻ جا مقابلا ٿيندا آهن. اهو ڪراچي کان 30 ڪلوميٽر کن پري آهي ۽ اتي گوديءَ جي ضرورت آهي. اتي جا رهواسي ضرورت وقت اسپتال تائين نه ٿا پهچي سگهن. گذريل سالن ۾ بحري فوج کين وڌيڪ سوڙهو ڪيو آهي. مبارڪ ڳوٺ کان هاڪس بي روڊ جي حالت خراب ٿي وئي آهي.

    ساڳي نموني، سنڌ ۽ پنجاب جي عوام جو حق آهي ته زمين جي بهتر ورڇ ٿيڻ گهرجي، جنهن مان پوکي به وڌيڪ ڀلي ٿئي، وڌيڪ زمينون آباد ٿين ۽ ماڻهن کي به سک ملي. مون پنجاب ۾ تازو ڪجهه عورتن سان ڳالهايو، مون کانئن سندن علائقي جي مسئلن بابت پڇيو، هنن پاڻيءَ جي ناقص معيار، بيروزگاري، غربت وغيره بابت ٻڌايو. هنن وڏن زميندارن پاران بڇيل ذلتن جي ته سڀ کان اڳ ۾ دانهن ڪئي. علائقي ۾ مکيه روڊ تائين ڪو پڪو رستو نه آهي، جتان هو سفر ڪري وڃي سگهن. ان ڪري کين وڏن زميندارن جي زمينن مان گذرڻو پئي ٿو. سنڌ ۾ به حالتون ڪي چڱيون ناهن.

    اهو سمجهڻ لاءِ راڪيٽ سائنس جي ضرورت ناهي فقط ملڪ جي زمينن جي درست ورڇ جي گهرج آهي، خراب ورڇ جي هوندي عام غريب ماڻهو وڌ ۾ وڌ ڀوڳي ٿو. اها ايجنڊا يعني زمينن جي نئين ورڇ سخت آهي ۽ بلاول ڀُٽي زرداريءَ لاءِ ته ان جي دوستي جي ڪري وڌ ۾ وڌ سخت چئبي. توڙي جو بلاول رڳو ويڙهاڪن پاران ڏنل للڪار کي وٺي تڏهن به پهريون اها پڪ ڪرڻي پوندي ته سندس پارٽيءَ جي ڪهڙي اڳواڻن جا ويڙهاڪ گروپن سان رابطا آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ مذهبي اقليتون ڏچي ۾ آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته مسلم جاگيردارن جو هڪ وڏو تعداد قرض ڏيندڙ هندو واپارين ۽ سرمائيدارن کان جند ڇڏائڻ چاهيندا هئا. ڪجهه اهڙا مادي سبب اڃا آهن جن جي ڪري انهن اقليتن خلاف سرگرميون ٿين ٿيون.

    بهرحال پ پ جي نوجوان قيادت لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪبو ۽ اميد ته هو سنڌ توڙي پاڪستان ۾ حقيقي مسئلن ۽ چئلينجز کي سڃاڻيندو ۽ ثابت ڪندو ته پ پ جي نئين قيادت جي رخن ۽ لاڙن جي غلط هجڻ بابت محمد وسيم پاران هڪ مضمون ۾ اظهاريل ڳالهيون درست ناهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو