جبار آزاد منگي
سينيئر رڪن

ٿورو ڌيان هيڏانهن به
- هٿن کي نرم ڪرڻ لاءِ ٿوري ليمي جي رس ۽ هڪ چانهن جو چمچو کنڊ ملايو ۽ هٿن تي هڻي آهستي آهستي مليو، ايتري تائين جو کنڊ ملي وڃي، اهو عمل ٻن ٽن ڏينهن تائين روزانو ڪريو. توهان جا هٿ نرم ٿي ويندا.
- اکين جي سوڄ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پيالي ۾ ٿڌو پاڻي يا کير کڻو ۽ ڪپهه کي ان ۾ ٻوڙي اکين تي رکو. جڏهن ڪپهه گرم ٿي وڃي ته ان کي ورائي ٻيهر آلو ڪري رکو. ڏينهن ۾ روزانو ٻه ڀيرا پندرنهن منٽن لاءِ اهو عمل ورجايو. اکين جي سوڄ جلد ختم ٿي ويندي.
- چهري جي تازگي ۽ سڻپ برقرار رکڻ لاءِ ڏينهن ۾ 8 کان 10 گلاس پاڻي پيئو.
- برابر خوراڪ جو استعمال سٺي صحت لاءِ ضروري آهي. چمڙي جي خوبصورتي لاءِ اهڙي خوراڪ کائو جن ۾ وٽامن اي ۽ سي موجود هجي.
- کير ۾ زعفران ملائي چهري تي مساج ڪرڻ سان چمڙي نرم ٿي ويندي آهي ۽ رنگ اڇو ٿيندو آهي