تحرير: محمد فهد آزاد هن ڪائنات ۾ ڪي ڪي ڪردار اهڙا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙان ڪردارن مان نصيرآباد شهر سان تعلق رکندڙ حاجاڻي رحيمان منگي پڻ آهي، جنهن 23 جنوري 2015ع تي هن جهان کي ڇڏيو.حاجاڻِي رحيمان منگي پهرين جنوري 1932ع بمطابق 22 شعبان 1530ھ جمعي ڏينهن نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ هيتم سوهو ۾ محمد يوسف منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، کيس ملان مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ اُتي ٽي درجا تعليم پرائي. سندس شادي 1948ع ۾ منگي محلي نصيرآباد سان تعلق رکندڙ روينيو کاتي ۾ ذهانت طور پاڻ مڃرائيندڙ ۽ سلور ميڊل حاصل ڪندڙ عبدالرحيم منگي سان ٿي.نصيرآباد ۽ ڀرپاسي يا ائين چئجي ته اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاجاڻي رحيمان منگي پهرين عورت هئي جنهن طب جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، خاص طور تي سرجري ۾ هن وقت تائين ڪو به ثاني پيدا ناهي ٿيو. هيءَ ڏات اباڻي پاسي کان مليس. حاجاڻي رحيمان جو وڏي ڀاءُ مرحوم غلام حسين منگي کي ضلعي قمبر ۽ تعلقي وارھ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ بهترين حڪيم طور اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو.مرحومه حاجاڻي رحيمان منگي جا ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن جن تي ڄڻ اعتبار نه ڪري سگھجي، هن جي هٿان ڪيترائي اهڙا مريض شفاياب ٿي ويا جن کي نالي واريين اسپتالن ۾ ٽنگ ٻانهن وغيره ڪٽڻ ئي علاج سمجهيو ويو اهڙا ماڻهو عضوي کي ڪٽرائڻ کان اسپتال مان ڀڄڻ کي بهتر سمجهيو ۽ اُهي ڀڄي ڪري حاجاڻي رحيمان منگي وٽ پهتا، هن وٽ پهچي هنن نه صرف سک جو ساھ کنيو پر انهن جي اها ٽنگ يا ٻانهن بلڪل ٺيڪ ٿي وئي جنهن کي اعلي ڊگري رکندڙ ڊاڪٽرن ڪٽڻ لاءِ تجويز ڪيو هو، اهڙا ماڻهو اڄ به زندھ موجود آهن.هن جديد ۽ سائنسي دور ۾ به حاجاڻي رحيمان منگي جي درتي اهڙن مريضن جي قطار موجود هوندي هئي جيڪي ڊاڪٽرن کان مايوس ٿي ويندا هئا. جن جو علاج هفتن جا هفتا ۽ مهينا بلڪل مفت ۾ ڪيو ويندو هو. باھ ۾ سڙيلن جي دوا لاءِ سندس مشهور*ڌوپ واري مرهم* جو حيرت انگيز ڪمال اهيو هوندو هيو جو اها هڻڻ بعد ڦٽ ته ڇٽي ويندو هوپراتي سڙڻ وارو نشان نه رهندو هيو ۽ کل کل جهڙي ٿي ويندي هئي.سياسي سماجي ميدان ۾ حاجاڻي رحيمان منگي جو ڪردار به وساري نٿو سگهجي،جنرل ضياءُ جي دور ۾ عوامي تحريڪ(قومي عوامي تحريڪ) ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن جون گهڻيون گڏجاڻيون حاجاڻي رحيمان منگي جي منگي محلي واري جاءِ جي اوطاق ۾ ٿينديون هيون ،جتي حاجاڻي رحيمان منگي هڪ ماءُ وانگر انهن ڪامريڊن جي حفاظت ۽ خدمت ڪندي هئي.اڄ به صحافي ذوالفقار واهوچو،عوامي جمهوري پارٽي جو اڳواڻ حريف خان چانڊيو،ڊاڪٽر سعيد ميمڻ،داڪٽر نذير شيخ،حافظ عبدالرحمان پنهور(ايم آرڊي تحريڪ جو پهريون قيدي ۽ جيل جون بي انتها سختيون برداشت ڪندڙ عوامي تحريڪ جو ڪارڪن) ڀائو در محمد ٻرڙو، عوامي جمهوري پارٽي قمبر جو اڳوڻ نثار ٻرڙو ،قومي عوامي تحريڪ جورفيع لغاري،مرحوم انور ڪانڌڙو،ذوالفقار علي ڪانڌڙي(ايم آر ڊي تحريڪ نصيرآباد جا اڳواڻ) حاجاڻي رحيمان منگي جي پيار ۽ شفقت ياد ڪندا هوندا.نصيرآباد ۾ حاجاڻي رحِيمان منگي پهرين عورت هئي جنهن عورتن ۾ سياسي ۽ سماجي ڪم ڪيو ۽ کين شهيد فاضل راهو جي ورسي، عوامي تحريڪ پاران ٿيندڙ ڀٽ شاھ قومي ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪرائي ۽ اڳواڻي ڪئي. نصيرآباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪالاباغ ڊيم خلاف عورتن پاران جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ عورتن جي شرڪت لاءِ حاجاڻي رحيمان منگي جو ڪردار ڪو ڪم ظرف ئي وساري سگهندو.سماجي ميدان ۾ حاجاڻي رحيمان پنهنجي مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرن جي ڀر جھلو هوندي هئي، پاڙي جي ٻارن کي تعليم پرائڻ لاءِ اڪسائيندڙ ۽ ڪيتري مسڪين ٻارن کي پنهنجي پينشن مان مدد ڪندڙ هي ڪردار شاھ لطيف جي بيت: “الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيو، ڏک ڏسن” جي ڏاهي وانگي پنهنجي ذهن ۾ الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا درد سمائيندي آخري عمر ۾ دماغ جي سُڪڙجي وڃڻ سبب 18 مهينا سانده بستري تي زيرِ علاج رهي ۽ آخرڪار سندس زندگي وفانه ڪئي ۽ 84 ورهين جي عمر ۾ 23جنوري2015ع بمطابق 1536ھ ۾ جمعي جي ڏينهن هزارين ماڻهن کي سوڳوار ڪري راھ رباني ورتي. سندس جنازي نماز ۾ سياسي،سماجي، ادبي، صحافتي حلقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي، کيس آثارِقديمه چنهڙ واري دڙي جي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.حاجاڻي رحيمان منگي پنهنجي پويان پٽن مان وڏو پٽ اسٽيج ڊرامه، شارٽ اسٽوري رائيٽر، شاعر، سياسي سماجي ورڪر، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان وابسته،هڪ خانگي سنڌي چيئنل تي مشهوري ماڻيندڙ* اومٺي اومٺي* جي گيت جو خالق جبار آزاد منگي.. ڪلاسيڪل ۽ مزاحيه شاعر ۽ ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس سان تعلق رکندڙ زخمي عبدالغفار منگي ۽ مختيارڪار آفيس نصيرآباد ۾ ڪائپسٽ عبدالصمد منگي ۽ ڇهن ڌيئرن ۽ انهن جي اولاد مٽن مائٽن کي سوڳوار ڇڏي وئي.
پرڳڻي ۾ اهڙا انيڪ حڪيم (مرد عورتون) آهن جن کي اها قدرتي ڏات آهي ته هو ڪافي اهڙا علاج ڪري ڄاڻن جن جو اڃان سائنس به سولو حل نه ڪڍي سگهي آهي. جيئن ته کين اها ڏات ورثي، مشاهدي ۽ تجربي مان ملي تنهنڪري ضرورت انهيءَ ڳالهه جي به آهي ته نه رُڳو اهي شيون قلم بند ٿين ته هو ڪهڙي مرض جي ڪهڙي دوا تجويز ڪندا هُئا پر گڏو گڏ اها به پرک پروڙ ٿيڻ کپي ته هو جيڪي دوائون تجويز ڪن ٿا سي ڪهڙا فعال جزا رکن ٿيون. سرجريءَ جو توڙ به هڪ يا انيڪ سُڪل جڙي ٻوٽين سان ٿيڻ جتي هڪ ڪارنامو آهي ته ٻي طرف اها به هڪ حقيقت آهي ته جڙي ٻوٽين جي فعال جزن جي مقدار ۾ موسمي ڦيرن جي ڪري انهن ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهي ٿي. گڏوگڏ اڄ جي هنن جديد دور ۾ انڊسٽريز ۽ مشينن جي دونهين جي ڪري جيڪا فضائي آلودگي ٿي آهي ان جو اثر سڀني ٻوٽن تي به ٿيو آهي. هن وقت سُڌريل مُلڪن ۾ ملاي سهائتا سان اهڙن حڪيمن کان سندن فارمولا وٺي انهن جي سائنسي پروڙ ڪري انهيءَ کي وڌيڪ مفيد ۽ مُبهم نُقصانن کان بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. اُميد ته هڪ ڏينهن هتي به ائين ٿئي.
ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا هن گهائل ڌرتي جي سيني تي اهڙي گهڙي چيخ ڏين ٿا جا دنيا کي بدلائين ٿي ۽ پنهنجو پاڻ ملهائين ٿا