• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي ساڃاه

سنڌ جي ساڃاه
_______________________

اهي اونڌاهيون وينديون ٿيندي هت راه روشن سڀ
آهي هي دل اميدن ۾ کلندا در ۽ درشن سڀ....
کٽي ويندي هي ڪاري رات صبح ٿيندو سويري ۾
هوندا سڀ کيت ساوڪ سان پوکون جيڪي آهن اڻلڀ
زبان هر سنڌي ڳالهائي هوندو سرهو سنڌيت سان
اهي ڏينهڙا ڳڻيان ويٺو ڳجهي ٿي ڳاله ڪين هت ڄڀ
سڄي سنڌي ٻولي سنڌ ۾ پڙهائي جي وڃي جيڪر
نه ڪو ئي غير نه ڪو غدار هجي هت هي ڪري جي رب
وسيلن هوندي هتڙِي ٿو بکون ڪاٽي سنڌي ڇو
ڪيو غيرت ڪيو نفرت رهي ڪو ڪين هتي غاصب

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top