تاريخ جو قتل ۽ سنڌ جي تاريخ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2015۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تاريخ جو قتل ۽ سنڌ جي تاريخ

    تاريخ کي کوٽي ۽ کوجنا ڪري حقيقت آڏو آڻڻ سولو ڪم نه آهي، خاص طور تي اهڙي تاريخ
    جيڪا 1500 سال پراڻي هجي ۽ ان وقت لکيل اڻ ڌريو مواد دستياب نه هجي. اهڙي صورت ۾ تاريخ کي حالِ حاضر ۾ پنهنجي رخ موجب موڙڻ يا Interpret ڪرڻ گهڻو ڏکيو ڪم نه آهي. معاملو اسلامي يا پاڪستان جي تاريخ جو هجي يا پوءِ سنڌ جي تاريخ جو، اسان پنهنجي جذبات کي تاريخ سان جوڙي ڇڏيندا آهيون، جيڪو تاريخ تي لکڻ يا سمجهڻ جو غير مناسب طريقو آهي. تاريخ هڪ تلخ حقيقت هوندي آهي، جيڪا جذبات جي بنياد تي نه پر حقيقت جي بنياد تي سمجهڻ ۽ لکڻ گهرجي.

    سنڌ جي تباهي، وسيلن جي ڦُرلٽ، ڌرتي ڌڻين سان ويساهه گهاتيون، سنڌ جي مذهبي برداشت ۽ سيڪيولر شناخت کي مسخ ڪرڻ، تاريخ جي قتل، سنڌ تي ڌارين پاران مڙهي ويندڙ جنگين ۽ استحصال جو 637ع ڌاري شروع ٿيندڙ سلسلو اڄ به مختلف صورتن ۾ جاري آهي. چيو وڃي ٿو ته اڄ (10 رمضان المبارڪ) تي سنڌ جي ارڏي حڪمران ۽ ڌرتي جي حفاظت لاءِ پنهنجي عورتن سميت سڄو خاندان ارپيندڙ، راجه راءُ ڏاهر بن چچ بن پنڊت سيلائج جي 1300هين ورسي آهي. راجه ڏاهر جي ڌرتي لاءِ جان ڏيندڙ تاريخ جي حوالي سان متعلق مختلف تاريخ دانن ۽ محققين جا مختلف رايا ۽ دليل آهن، انهي جو بنيادي سبب اهو آهي ته سنڌ جي 1500 سال پراڻي تاريخ جو بنياد، نامعلوم عرب مورخ پاران لکيل ”چچ نامو“ آهي. اچو ته ان معاملي جو جائزو وٺون ته آخر راجه ڏاهر جي حوالي سان ڇا حقيقت آهي ۽ ڇا افسانو آهي ۽ راجه ڏاهر متعلق تاريخ دانن جا ڪهڙا رايا آهن. سڀني کان پهرين راجه ڏاهر جي وفات جي ڏهاڙي سان شروعات ڪريون ٿا، جيڪا پڻ تڪراري آهي.

    راجه ڏاهر جي وفات جو ڏينهن: ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور، مستند تاريخي ماخذن جي تحقيق ذريعي اها ڳالھ ثابتيءَ سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جي سورهيه راجا ڏاهر جي شهادت تاريخ 2 جولاءِ 712ع بمطابق 10 رمضان 93ھ تي ٿي. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي دعوي آهي ته سندس شهادت جي تاريخ 25 سيپٽيمبر 713ع يا 29 ذوالحج 94هه، آچر جو ڏينهن آهي. نوابشاهه ڄائي هندوستان جو سنڌي محقق، گوبند خوشحالاڻي اها تاريخ 17 جون 712ع ٻڌائي ٿو پر گهڻو ڪري تاريخ دان 10 رمضان واري تاريخ تي متفق نظر اچن ٿا. ان جي باوجود ان معاملي تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن ڪنهن هڪ تاريخ جو طئي ڪري سگهجي.

    تاريخ جو قتل ۽ سنڌ جي تاريخ

    سنڌ تي سِر ڏيندڙ سورهيه، راجه ڏاهر متعلق سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر گهڻو ئي لکيو ويو آهي، خاص طور تي انگريز محققين جو ڪم انتهائي معياري ۽ اڻ ڌريو نظر اچي ٿو ته پر اڪثريت عرب ۽ سنڌي مسلمانن پاران ٿيل تحقيق ۾ تمام گهڻي ڄاڻ فراهم ته ڪيل آهي جيڪو شايد انگريز محقق نه ڪري سگهي ها پر مسلمانن پاران ڪيل ڪجهه تصنيفن ۾ انتهائي متعصب ٻوليءَ استعمال ڪئي ويئي آهي. مثال طور سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڇپايل ڪتاب ”فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو“ ۾ انيڪ جاين تي سنڌ وطن جو دفاع ڪندڙ راجه ڏاهر ۽ سندس فوج کي ”ڪافرن جي فوج“ ۽ راجه ڏاهر جي مارجڻ وارو واقعو بيان ڪندي ”ڏاهر لعنتي ۽ ڪافر“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ هڪ هنڌ تي ته ”ذليل ڪافر جهنم رسيد ٿيا“ جهڙا لفظ پڻ استعمال ٿيل آهن. مير علي شير قانع ٺٽوي جي تصنيف ”تحفته الڪرام“ ۽ فارسي مسلمان محقق احمد ابنِ يحيي بن بِلاڌُري جي تصنيف ”فتوح البلدان“ پڻ اهڙي قسم جي مذهبي ۽ نسلي تعصب تي ٻڌل نظر اچي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته تاريخ تي هڪ پاسي جي تحقيق پڙهڻ بدران ٻئي موقف کي بنياد بنائي، حقيقت کي کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سنڌ جي تاريخ خاص طور تي چچ نامي تي ڪيل تحقيق ۾ هڪ ڳالهه شاندار آهي ته انهن ۾ سنڌ جي علائقن، تاريخي شخصيتن ۽ مقامن، شهرن جي اصل نالن ۽ جاگرافي جي درست نموني نشاندهي ڪئي ويئي آهي. مثال طور چيو ويو آهي ته ”ڳاڙهي ڀڙي“ جا کنڊرات (ڳوٺ پليو لغاري، تعلقو سنجهورو) يا ”ڏيپر گهانگهري جي ٺل“ (جهول جي اولهه طرف) وارا کنڊرات سنڌ وطن جي هڪ صوبي برهمڻ آباد (ماضي بعيد بهمن آباد، ڀانڀڙا ۽ حال منصوره) جا آثار آهن ۽ راجه ڏاهر ۽ عربن جي فوج وچ ۾ ٿيندڙ ويڙهه جو اصل مقام ڳوٺ رڙي، تعلقو شاهه بندر ضلعو ٺٽو آهي.

    چچ نامو ڇا آهي؟

    اصل چچ نامو پهريون ڀيرو نامعلوم ليکڪ پاران عربي ۾ لکيو ويو هو. چچ نامي ۾ راجه ڏاهر متعلق ڪيترائي اهڙا پهلو آهن، جيڪي چڱي ريت سامهون نه اچي سگهيا آهن. راجه ڏاهر متعلق رقم ٿيل تاريخ کي گهڻو ڪري عرب مسلمان، علي ڪوفي پاران عربي مان فارسي ۾ 1216ع ۾ ترجمو ڪيل ”چچ نامو“ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. انهي جي اختصار جو انگريزي ۾ ترجمو هڪ انگريز، ليفٽينٽ ٽي پوسٽان 1838ع ۾ ڪرايو ۽ بعد ۾ ان جو مڪمل ترجمو 1900ع ۾ مرزا قليچ بيگ ڪيو. ان کان اڳ مختلف انگريز محققن هندوستان جي تاريخ تي لکيل تصنيفن ۾ سنڌ تي عرب حملن بابت گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ تحقيق ۽ دليل جي بنياد تي سبب بيان ڪيا آهن.

    گوبند خوشحالاڻي، چچ نامي متعلق تازي تصنيف Chachnama Retold: An Account of the Arab Conquest of Sindh ۾ چيو آهي ته ”چچ نامو جيتوڻيڪ راءُ چچ (راجه ڏاهر جو پيءُ) جي متعلق هجڻ گهرجي ها پر ان جا رڳو چند شروعاتي صفحا راءُ چچ متعلق آهن، باقي سمورو تفصيل عربن پاران سنڌ تي حملن ۽ سندن جنگي ڪارنامن متعلق آهي. تاريخي طور واقعن جو تفصيل ڏيڻ يا چچ جي آتم ڪٿا بدران چچ نامو، ناول ۽ ڪهاڻيون قصا بيان ڪرڻ واري انداز ۾ لکيو ويو آهي ۽ ان ۾ تاريخ ۽ واقعن جو تجزياتي ۽ تنقيدي جائزو نه ورتو ويو آهي. ان اهم تاريخي ڪتاب ۾ غيرضروري مذهبي مواد ۽ شاعري کي شامل ڪيو ويو آهي.“ سنڌ جي تاريخ تي گهڻو ڪم ڪندڙ انگريز محقق ۽ ليکڪ، ايڇ ٽي ليمبرِڪ ۽ سنڌ جي ليجنڊ محقق ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور پڻ چچ نامي ۽ بعد ۾ ٿيندڙ متعصب تصنيفن ۾ مختلف دعوائن کي رد ڪندي انتهائي سنجيده سوال اٿاريا آهن. ڊاڪٽر پنهور پڻ پنهنجي ڪتاب Chronological Dictionary of Sindh ۽ ٻين تصنيفن ۾ واقعن کي اصل تاريخن سان ڳنڍيو آهي ۽ چچ نامي، تحفته الڪرام ۽ بالاڌُري جي ڪيترن کي واقعن جي تاريخن کي رد ڪيو آهي.

    اسلام جو پاڪستان واري جاگرافيائي علائقي ۾ اچڻ

    پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اسلام جو اڪثريتي مذهب هجڻ هڪ حقيقت آهي. هي مذهب اڄ سنڌ جي اڪثريت آبادي جو مذهب آهي، تنهن ڪري نه ان کي پوئتي ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي وري ان کي ختم ٿو ڪري سگهجي. اسان سڀني کي ننڍي هوندي کان اهو پڙهايو ويو آهي، بلڪه گهوٽي پيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته پاڪستان جي جاگرافيائي علائقي ۾ سڀني کان پهرين اسلام، سنڌ ۾ آيو. اها تعليم تاريخ کي مسخ ڪرڻ آهي ۽ ٻارن جي ذهنن ۾ منفي تاثر وجهڻ برابر آهي. پاڪستان جي اڪثر تاريخ دانن ان معاملي کي ڄاڻي واڻي غلط پيش ڪندي اسان جي ايندڙ نسلن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄوڪي پاڪستان ۾ اسلام، عربن جي سنڌ تي حملي کان کان گهڻو اڳي موجود هو. عربي، هندي، سنڌي ۽ انگريز تاريخ دان ان ڳالهه تي متفق آهن ته عرب فوجن پاران سنڌ تي 711ع ڌاري ٿيل ڪاهه ڪو پهريون واقعو نه هو. عربن پاران اهو سلسلو 637ع کان شروع ڪيل هو. عربن جي سنڌ تي حملي کي به پاڪستاني تاريخ دان مذهب جي پيراهي ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته منهنجي راءِ موجب اهي حملا نج سياسي نوعيت جا هئا ۽ سنڌ تي حملي جو بنياد به هڪ واقعي کي بنياد بنائي ٺاهيو ويو آهي. پاڪستاني تاريخدانن جي اهڙي دعوائن کي رد ڪرڻ جا ٽي بنيادي سبب آهن.

    سبب پهريون: سمورا محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته ٻُڌ ۽ برهمڻ بادشاهت سميت شروعات کان وٺي سنڌ جون سرحدون ڏکڻ ۾ ديبل (اڄوڪي ڀنڀور) رڻ ڪڇ ۽ سُورت (هندستان)، اُتر ۾ بهاولپور، ملتان کان جهلم درياهه تائين (ميانوالي، راولپنڊي ۽ سرگوڌا ضلعن سميت)، اوڀر ۾ جوڌپور، جيسلمير(هندستان) ۽ اولهه ۾ مڪران (اڄوڪي لورالائي، گنداخه، قلات ۽ سبي) تائين ڦهليل هيون. عربن پاران سنڌ تي پهرين ڪاهه ديبل تي 637ع ۾ ڪئي ويئي پر اها ناڪام ٿي. تڏهن عربن جو ڪمانڊر مغيره بن ابي الاس هو. سمنڊ رستي ناڪامي بعد 643ع ۽ 644ع ڌاري عربن، پرشيا (اڄوڪي ايران) جي بادشاهت تي قبضو ڪري ورتو، جتان جي آخري بادشاهه يزديگرد ٽيون کي هٽائي عرب گورنر مقرر ڪيو ويو. اها سلطنت حاصل ڪرڻ بعد عرب اولهه کان سنڌ جي سرحدن تي ڪاهي پيا. سندن جارحيت جي شروعات ان محاذ کان ڪئي ويئي ۽ نَمروز جي سربراهي ۾ 644ع ڌاري سنڌ تي حملو ڪيو ويو ۽ انهي جنگ ۾ تڏهوڪي سنڌ جي بادشاهه راءُ سيهرس ڌرتي جي حفاظت ۾ جان جو نذرانو پيش ڪيو.

    ان لحاظ کان جذباتيت کي بنياد بنائيندڙ اسان جو ڪجهه دوست راجه ڏاهر کي سنڌ جوپهريون شهيد قرار ڏين ٿا، جيڪو منهنجي نظر ۾ درست نه آهي. دستياب سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ جو پهريون شهيد راجه سيهرس آهي، جنهن جو تعلق ٻُڌ مذهب سان هو. جنهن بعد سندس پٽ راءُ ساهسي کي سنڌ جي گاديءَ اروڙ (روهڙي ويجهو) جي تخت تي ويهاريو ويو. انهي کان بعد عرب 74 سالن تائين سنڌ تي مڪران، ڪابل، ڪنڌار، عمان ۽ بحرين رستي حملا ڪندا رهيا پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. سنڌ جي حڪمرانن راءُ سيهرس، راءُ ساهسي، راءُ چچ سيلائج، سندس ڀاءُ پنڊت چندرسيلائيج ۽ آخر ۾ راجه ڏاهر سنڌ جي سرحدن جو عرب حملن کان ڀرپور دفاع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ناليوارا عرب ڪمانڊر مارجي ويا.

    چچ نامو ۾ دعوي ڪئي ويئي آهي ته ”644ع ڌاري عربن ۽ سنڌين وچ ۾ ڪنهن مقام تي جنگ ٿي ۽ ان جو اهو سبب هو ته راءُ سيهرس مڪران تي قبضو ڪرڻ ٿي گهريو، جنهن کي عربن ناڪام بنايو.“ ڪو به آزاد محقق، انهي دعوي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سر هينري مِلر ايليٽ، ايڇ ٽي ليمبرِڪ، ڊاڪٽر پنهور ۽ گوبند خوشحالاڻي اهڙي دعوائن کي رد ڪيو آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اڄوڪي پاڪستان جي جاگرافيائي علائقي مڪران ۽ (جيڪو پرشيا سلطنت جو حصو هو) ۾ اڳيئي عربن پاران حڪومت ٺاهڻ جي نتيجي ۾ اسلام اچي چڪو هو. ڊاڪٽر پنهور پنهنجي تصنيف ۾ صفحي نمبر 124 تي لکيو آهي ته ”عربن اولهه مڪران تي قبضو حاصل ڪري ورتو هو، جيڪو پرشيا جو حصو هو پر سنڌي حڪمرانن جي لاڳيتو مزاحمت سبب سنڌ واري حصي ۾ اڳتي نه وڌي سگهيا ۽ قبضو نه ڪري سگهيا.“ اهڙي صورت ۾ پاڪستان ۾ اسلام سنڌ ۾ نه پر اصل ۾ مڪران، ڪوئيٽا، پشين، چاغي ۽ مستونگ ۽ بلوچستان کان مٿيان وارا پشتون بيلٽ وارن علائقن ۾ اچي چڪو هو.

    سبب ٻيو: اهو مڪمل طور تي افسانو ۽ ڏند ڪٿا نظر اچي ٿي ته عرب سنڌ ۾ رڳو اسلام ڦهلائڻ آيا هئا. سندن اچڻ بعد ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن خطي ۾ اسلام ضرور ڦهليو پر سندن سنڌ تي حملو ڪرڻ جو مقصد اسلام ڦهلائڻ بالڪل به نظر نٿو اچي. چچ نامي سميت دنيا جا سمورا محقق هن ڳالهه تي متفق آهن ته 711ع ۾ سنڌ تي عربن پاران حملو هڪ واقعي جو بنياد بنائي ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو واقعو خود انتهائي تڪراري ۽ هٿ ٺوڪيو لڳي ٿو پر جيڪڏهن صحيح به آهي ته بالڪل ائين آهي جيئن آمريڪا عراق تي حملو ڪرڻ مهل چيو هو ته عراق وٽ موتمار هٿيار Weapons of Mass Destruction آهن پر بعد ۾ ڪجهه به نه نڪتو. چچ نامي ۾ دعوي ڪئي ويئي آهي ته ”695 يا 696ع يا 705ع يا 706ع ڌاري سري لنڪا جي بادشاهه سرنديپ پاران عرب حڪمرانن کي عورتن سميت سوکڙين سان ڀريل 8 ٻيڙا موڪليا، جيڪي ديبل وٽ بحري قذاقن پاران ڦُريا ويا ۽ عورتن کي ديبل ۾ قيد ڪيو ويو. عرب حڪمران حجاج بن يوسف راجه ڏاهر کي پيغام اماڻيو ته اهي ٻيڙا واپس ڪيا وڃن پر راءُ ڏاهر چيو ته نه اهي ٻيڙا هن پاران روڪيا ويا آهن ۽ نه ئي وري ان کي اهڙي واقعي جي ڪا ڄاڻ به آهي.“ ڊاڪٽر پنهور پنهجي تصنيف جي صفحي نمبر 134 تي لکيو آهي ته ”عربن پاران سنڌ سميت ٻين سمورن ملڪن تي حملا ۽ قبضو ڪرڻ جو مقصد عرب جارحيت ۽ حڪمراني کي ڦهلائڻ هو.“

    پهرين ڳالهه ته سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق ۾ مٿي دعوي ڪيل واقعي کانسواءِ ڪٿي به سنڌي بحري قذاقن جو ذڪر نٿو ملي ۽ ٻيو اهو ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙا قذاق نٿا ملن، جيڪي 8 ٻيڙا هڪ ئي وقت ڦُريندا لُٽيندا هجن. ٽيون اهو ته قذاق اڪثر ڪري ٻيڙا لُٽيندا آهن، ماڻهن کي اغوا ڪري قيدي نه بنائيندا آهن. هن خطي ۾ ماڻهن کي اغوا ڪري ڀُنگ گهرڻ يا قيد ڪرڻ جا واقعا تاريخ ۾ نٿا ملن. سوماليه جي قذاقن پاران ماڻهو اغوا ڪرڻ وارو سلسلو هاڻي گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان شروع ڪيل آهي. وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن عربن کي سنڌ ۾ اسلام ڦهلائڻ وارو مقصد حاصل ڪرڻو ئي هو ته ان لاءِ انهن 74 سالن تائين سنڌ تي بار بار حملا ڇو ڪيا، هزارين ماڻهن کي قتل ڇو ڪيو ۽ سنڌ جي دولت کي ڇو ڦريو لٽيو ويو. سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ مذهبي برداشت واري سوچ سبب اسلام ترار (تلوار) سان نه پر محبت ۽ امن جي پيغام کي ڪاميابي سان ڦهلايو ويو. خود الله جي محبوب نبي، حضرت محمد ﷺ پاران مثالي انساني روين، برداشت ۽ محبت ذريعي اسلام ڦهلائڻ جو عمل سڀني کان اُتم درجو رکي ٿو.

    سبب ٽيون: اها دعوي ائين به رد ٿئي ٿي ته راءُ چچ ۽ راجه ڏهر جي دور ۾ مسلمان نه رڳو جنگين جا ڪمانڊر بنيا پر انتظامي معاملن ۾ به شامل هوندا هئا. انهي ڳالهه جي ثابتي چچ نامي ۾ به آهي ته رَمل يا قناج جي راجه رائومل راءُ 678ع يا 685ع ڌاري سنڌ جي راوڙ تي هلان ڪئي ته انهي جنگ جو ڪمانڊر، مسلمان عرب، محمد بن حارث الافي هو، جنهن عرب حڪمرانن سان بغاوت ڪندي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي. الافي، راجه رائومل کي شڪست ڏني ۽ ليمبرِڪ موجب انهي فتح جي نتيجي ۾ الافي جو نالو سرڪاري سِڪي جي پٺيان لکرائي ڇڏيو. راجه ڏاهر جي سيڪيولر هجڻ جو اندازو انهي ڳالهه سان لڳائي سگهجي ٿو.

    سُهندي کان سُرپا ديوي تائين

    اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته راجه ڏاهر جو خاندان سنڌ جو موروثي حڪمران نه هو. ڏاهر جي پيءُ راءُ چچ، راءُ ساهسي جي زال سُهندي سان سازباز ڪري تخت نشين ٿيو. اقتدار جي منتقلي مڪمل طور تي سياسي، (ان وقت جي) جمهوري ۽ بنا رتوڇاڻ جي راءُ چچ جي حوالي ٿي ويئي. اها سموري سياست ۽ جوڙتوڙ، سنڌ جي سورمي، سُهندي جي عقل ۽ فهم جو نتيجو هئي، جنهن پرامن طور تي بنا ڪنهن احتجاج ۽ اعتراض جي راءُ چچ کي سنڌ جو حڪمران ٺهرايو. سهنديءَ، حڪومتي ۽ انتظامي معاملن ۾ پنهنجا قيمتي رايا به ڏيندي هئي.

    راجه ڏاهر جي اصل (ٻئين) زال، جنهن جو نالو لاڏيءَ (اگهم لوهاڻي جي ڌيءَ) هو، به راجه ڏاهر جي وطن لاءِ قربان ٿيڻ کانپوءِ عرب حملي آورن سان ويڙهه جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ موجب لاڏيءَ پنهنجي پٽ سان برهمڻ آباد ۾ جنگ لاءِ تيار بيٺي هئي. لاڏيءَ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن قلعو فتح ٿيو ته (گرفتار ٿيڻ ۽ حملي آورن جي هٿان گرفتار ٿيڻ بدران) مان پاڻ کي، ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باهه جي خوراڪ بنائيندس.“ پاڻ کي مارڻ واري ڳالهه لڳ ڀڳ سمورن انگريز محققن به ڪئي آهي پر ڊاڪٽر بلوچ جو چوڻ آهي ته ”محمد بن قاسم (17 سالن جي ڄمار واري)، لاڏيءَ سان نڪاح ڪيو.“ جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 45 کان 50 سال هوندي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر پنهور، راجه ڏاهر جو پنهنجي ڀيڻ مايين (ٻائي) سان رڳو رسمي شادي ڪرڻ کي هٿ ٺوڪيو قصو قرار ڏيئي ٿو پر مسلمان محققين ان شادي کي حقيقت قرار ڏين ٿا.

    راوڙ قلعي ۾ موجود 8 هزار فوج سميت 15 هزار راجپوت سنڌين جي فوج، عربن جي فوج تي حملو ڪري ڏنو. عربن جي فوج گهڻي، طاقتور ۽ جديد هئي ۽ مقابلو نه ڪري سگهي. سنڌ جي برهمڻ سپوتن هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان وطن لاءِ سر قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ عورتن پاڻ کي ساڙي ڇڏيو. عربن جي فوج 6 هزار سنڌين کي ڪُهي ڇڏيو ۽ ٻن هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ڪجهه عورتون به شامل هيون.

    18 صدي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ لنڊن مان شائع ٿيندر ۽ انتهائي ساک رکندڙ The Literary Gazette جي 13هين شماري جي صفحي 614 موجب راجه ڏاهر جون ٻه ڌيئون هيون، جن جا نالا ”سُرپا ديوي“ ۽ ”بُريل ديوي“، جڏهن ته تحفته الڪرام ۾ سندن نالو سورج ديو ۽ پرمل ديو آهي. راوڙ تي حملي بعد انهن ٻنهي کي پهريان بصري، عراق ۽ بعد ۾ شام جي تڏهوڪي خليفي وليد بن عبدالملڪ آڏو پيش ڪيو ويو. جنهن تي سُرپا ديوي خليفي کي ٻڌايو ته ساڻن زيادتي ڪئي ويئي آهي. خليفي وليد کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هن پنهنجي هٿ اکر حڪم جاري ڪيو ته محمد بن قاسم کي ماري جانور جي ڪچي کَلَ ۾ وجهي آندو وڃي. حڪم جي تعميل ٿي ۽ محمد بن قاسم کي جيئرو کَلَ ۾ بند ڪيو ويو، جنهن سان سندس موت واقع ٿي ۽ سندس مڙهه کي خليفي آڏو پيش ڪيو ويو ۽ سُرپا ديوي کي سڏائي محمد بن قاسم جو لاش ڏيکاريو ويو ۽ چيو ته ”ڏس مان هن کي سندس ڏوهن جي سزا ڏيئي ڇڏي آهي.“ لاش کي ڏسندي ئي سُرپا مسڪرائيندي چيو ته، ”…هن منهنجي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ منهنجي وطن جي ماڻهن کي ماريو آهي…..۽ هاڻي مان پنهنجو پلاند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مونکي سالن کان انتظار هو.“ چچ نامي موجب خليفي ٻنهي ڀيڻن کي ڀِتَ ۾ جيئرو لنبائي ڇڏيو يا گهوڙن جي پيرن ۾ ٻڌي مارائي ڇڏيو هو. فتح نامي ۽ تحفته الڪرام ۾ اهڙي واقعي کي غلط ۽ هٿ ٺوڪيو قرار ڏنو ويو آهي.

    سنڌ جي تاريخ ۽ راجه ڏاهر متعلق هر قسم جي جذبات کي پاسيرو رکندي اڃا تحقيق ڪرڻ ۽ وڌيڪ مستند معلومات گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسان جو ايندڙ نسلون تاريخ جي سچائي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

    فيسبڪ جي هن پيج دولهه دريا خان تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها هڪ تاريخ آهي ته هميشه سکيي ستابي قومن تي حملا ۽ ڪاهون ٿيون آهن ۽ ساڳي وارتا سنڌ سان به ٿيندي رهي آهي ... سٺو ٽاپڪ وڻيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تاريخ جي اها هڪ وڏي ڪوتاهي رهي آهي جو اها فاتحن طرفان لکي ويئي آهي جنهن ۾ اهي پاڻ کي معتبر ۽ مفتوحن کي ڪمتر ثابت ڪرڻ جي اجائي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    پسند ڪرڻ جي مهرباني. مون ته هي موضوع صرف کوجنا ڪري حاصل ڪيو آهي، جنهن ڏاهي محنت ڪري هي لکيو آهي اهو ئي جس لهڻو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو