آء سي سي سي پاران پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي. اهڙو فيصلو دبئي ۾ ٿيندڙ آء سي سي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ياد رهي ته پاڪستاني فاسٽ بالر تي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ثابتي ملڻ تي پنج سالن جي پابندي لڳي هئي جيڪا سيپٽمبر 2015 ۾ پوري ٿيڻي هئي. ساڳي ڪيس ۾ سلمان بٽ ۽ محمد آصف تي به پابندي لڳي هئي.