سنڌسلامت ۾ منهنجي ليپ ٽاپ ۾ سنڌي فونٽ انسٽال نٿا ٿين

منظور ڪلهوڙو

سينيئر رڪن
سائين مان جڏهن سنڌ سلامت تي ڪو به مواد لکان ٿو ته ٽيڪسٽ ايريا ۾ سنڌي فونٽ ايم بي لطيفي وارا نٿا اچن جنهن ڪري لفظن جي اصلي لکڻي سمجهه نٿي اچي ۽ اکربه سڌا نٿا اچن جنهن ڪري موضوع رواني سان نٿو لکي سگهان مان هيٺ تصوير پيش ڪيان ٿو اوها ن ڏسي ٻڌايو ته مان سڌا اکر ڪئين لکان ڪهڙا فونٽ انسٽال ڪيان مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا...
 
ادا توهان هتي سنڌي ايم بي لطيفي ۾ لکي سگهو ٿا.. ان لا توهان کي پهرين فونٽ چونڊ ڪرائڻو پوندو.. تصوير ڏِسو.

 
nsyjldk.jpg
 
هاڻي درست ٿا لکجن مهرباني..مونکي اڳ ۾ اهو آپشن علم ۾ نه هيو.

اصل ۾ اهو مسئلو تڏهن کان آهي جڏهن فورم کي نئين ورزن تي اپگريڊ ڪيو ويو هو، جڏهن اسان ڊفالٽ طور تحرير لکون ٿا ته اها بظاهر ٽائمس نيو رومن ۾ نظر اچي ٿي پر جڏهن ان کي موڪليون ٿا ته اها ايم.بي سنڌي ويب ۾ نظر اچي ٿي.
ايم بي سنڌي ويب جي سنڌسلامت ڪيبورڊ ۾ ”ءَ“ ”ءِ“ ۽ ”ءُ“ (ٽيڪسٽ ايڊيٽر) ۾ ظاهر نٿا ٿين.
جڏهن موضوع موڪليو وڃي ٿو ته پوءِ تحرير کي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪرڻ کان پوءِ چائنه جي ٻوليءَ جون نشانيون ”ءَ“ ”ءِ“ ۽ ”ءَ“ جي جاءِ تي ظاهر ٿين ٿيون.
 
Back
Top