هڪ عورت نجومي کي هٿ ڏيکاريو نجومي سندس هٿ ڏسي وڏي ڏک ۽ افسوس سان کيس چيو: ”محترمه ! اوهان جلد ئي بيواهه ٿيڻ واريون آهيو، پنهنجي مڙس جي وڏي زندگيءَ جي لاءِ صدقو ڏيو، ٻي صورت ۾ هو هرگز نه بچندو“ عورت چيو: ”اهو سڀ ڇڏ! ايترو ٻڌاءِ ڪير شڪ ته نه ڪندو مون تي؟“