ڇا اهڙو مسئلو توهان کي رڳو ڪجهه سائيٽس تي ئي اچي ٿو يا سڀني تي...؟
جيڪڏهن ڪجهه سائيٽس تي آهي ته اهي سائيٽس ڪجهه اهڙو ٽيگنگ سسٽم رکنديون جنهن سان لفظن تي مائوس رکندي ڪجهه اشتهاري پاپ اپ ظاهر ٿي پون... انٽرنيٽ تي ڪمائڻ جو اهو آپشن ڪافي پراڻو آهي...
پر جيڪڏهن توهان کي اهو مسئلو سمورين سائيٽس تي اچي ٿو ته توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته توهان ڪهڙو برائوزر استعمال ڪري رهيا آهيو... ؟
ممڪن آ اهو ڪو برائوزر ايڊان يا پلگ ان هجي.. جيڪو ڪنهن سافٽويئر کي انسٽال ڪندي توهان بي خيالي ۾ انسٽال ڪري ويٺا هجو.. اهڙي پلگ ان يا ايڊان کي غير فعال يا ريموو ڪرڻ سان اهو مسئلو ختم ٿي سگهي ٿو..
ياد رهي ته ڪجهه ايڊان وري ايڊ ۽ ريموو پروگرام مان ان انسٽال ڪرڻ سان ختم ٿيندا آهن...