سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حڪومت کان پڇاڻو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حڪومت کان پڇاڻو​





    سنڌ هاءِ ڪورٽ
    صوبائي حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي ته 38 سال گذرڻ باوجود سرڪاري ۽ پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڪرڻ واري قانون تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو آهي. عدالت اِهو حڪم اقبال ڪاظمي نالي شهري جي درخواست تي جاري ڪيو آهي. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 251 موجب پاڪستان جي قومي ٻولي اردو آهي ۽ ان سان صوبا علائقائي ٻولي پڻ ڪتب آڻي سگهندا آهن.

    عرضدار موجب سال 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي کي لازمي طئي ڪرڻ وارو قانون پاس ڪيو هو جنهن تي گورنر صحي ڪئي ۽ سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي.
    سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس طفيل ايڇ ابراهيم جي اڳواڻي ۾ بئنچ جي سامهون اڱاري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. عرضدار اقبال ڪاظمي عدالت کي ٻڌايو آهي ته هُن ايڪٽ موجب سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ نوڪري جي لاءِ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ لازمي آهي پر ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالتي حڪم جاري ڪيو وڃي.

    عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ميران محمد شاهه کان پڇيو ته ڇا سنڌي ٻولي ايڪٽ تي عمل ڪونه ٿي سگهيو آهي جنهن جو جواب داخل ڪرڻ جي لاءِ ان وقت گهريو. عدالت کيس چئن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ميران محمد شاهه ٻڌايو آهي ته سنڌ ٻولي ايڪٽ جي شيڊول موجب قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ سنڌي ٻولي کي 4 هين ڪلاس کان 12 هين ڪلاس تائين لازمي ڪرڻو هو. سندس موجب هن تعليم واري سيڪيٽري کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته ان قانون تي عمل ٿيو آهي يا نه ۽ چيف سيڪيٽري پاليسي ٺاهڻ وارو آهي ان کان راءِ طلب ڪئي وئي آهي ۽ ان به وقت گهريو آهي.

    1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جڏهن سندس سؤٽ ممتاز ڀٽو سنڌ جو وڏو وزير هو تڏهن سنڌي ٻولي کي صوبائي حڪومت جي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو هو. جنهن تي هڪ اردو اخبار ۾ ”اردو ڪا جنازه هي ذرا ڌوم سي نڪلي“ جي عنوان سان ڪالم شايع ٿيو جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ لساني وڳوڙ شروع ٿيا ويا هئا ۽ ڪيترا ئي ماڻهون ناحق مارجي ويا هئا.

    سياسي تجزيه نگار جي اين مغل موجب ان صورتحال کانپوءِ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو اردو سنڌي دانشورن کي اسلام آباد گهرايو هو. سنڌي وفد جي اڳواڻي شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ڪري رهيا هئا جڏهن ته اردو اديب رئيس امروهي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي جن سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبلي مان ترميمي قانون پاس ڪيو ويو جنهن کي سنڌي ٻولي ايڪٽ ٽو چئبو آهي.

    جي اين مغل چيو آهي ته ڳالهين ۾ اِهو طئي ڪيو ويو هو ته اردو ٻولي سان ڪجهه نه ڪيو ويندو. اردو ٻولي سان گڏوگڏ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي به لازمي مضمون جي طور تي پڙهائي ويندي ۽ صوبي جي سرڪاري ٻولي سنڌي هوندي. پر ڀٽو جو حڪومتي دور ختم ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل نه ڪيو ويو.

    سنڌ ۾ قومپرستن جو پراڻو مطالبو آهي ته سنڌي کي سرڪاري ٻولي جي طور تي لاڳو ڪيو وڃي. هلندڙ سال 17 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي هڪ قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو ته سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ٻولي جي طور تي پڙهايو ويندو.

    هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌي ٻولي لازمي طئي ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪندڙ اقبال ڪاظمي 12 مئي واري سانحي جي درخواست پڻ داخل ڪري چُڪو آهي. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته جيڪا معاملا ۽ وڳوڙ آهن انهن جي لاءِ هُن عدالت جو در کڙڪائڻ ضروري ڇو سمجهيو ته اقبال ڪاظمي چيو ته 70 واري ڏهاڪي ۾ لسانيت جو لاڙو هوندو هو پر هاڻي قوم هڪ آهي. سندس موجب اسانجي حڪومت قانون تي عمل ڪونه ڪري سگهي آهي انڪري هن عدالت جو در کڙڪايو آهي.


    انگريز ڪمشنر سر بار فريئر جي جاري ڪيل حڪم نامي جو عڪس​


    [​IMG]



    بشڪريه ويچار
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حڪومت کان پڇاڻو

    اسان کي عملي قدم کڻڻا آهن ان سلسلي ۾
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي ڇو ناهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران حڪومت کان پڇاڻو

    سائين بالڪل پنهنجي ٻولي کي جيڪڏهن ترقي ڏيارڻي آهي ته انلاء اهو ضروري آهي ته صوبائي حڪومت طرفان ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽‌ سرڪاري قانون تحت صوبي ۾ صوبائي ٻوليء کي رائج ڪيو وڃي اڃ ڪلهه ته ننڊڙن ٻارن کي انگريزي ٿي سيکاري وڃي جن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ نٿو اچي منهنجو هڪ دوست آهن انجو پٽ مئٽرڪ ڪري چڪو آهي ليڪن ان کي سنڌي پڙهڻ ڪونه ٿي اچي ڪجهه اسان جو پنهنجو به قصور آهي جو مائٽن کي به ان ڳالهه جي پرواه ڪانهي ان ڪري سڀني کي گڏجي ان طرف توجهه ڏيڻ‌ گهرجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو